Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 074 (Beating the innocent 2)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
47. بيگناهہ ٻار کي مارڻ 2
نئون استاد تمام مختلف هو۔ جم جيڪو اڳ ٽهڪ هڻندو هو، هو بہ پنهنجن انهن طريقن بابت ماٺ جنهن جي زريعي هو ٽهڪ هڻندو هو، استاد دعا ڪئي ۽ پوءِ ٻيو جھٽڪو لڳو۔
استاد: ”جيڪڏهن اسين هڪٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا تہ اسان کي اسڪول لاءِ نون اصولن جي ضرورت پوندي۔ ۽ مان چاهيان ٿو تہ توهان اچو ۽ اهي اصول ٺاهيو۔“
هي ٻڌي جم جو ڄڻ تہ ساهہ ئي رڪجي ويو۔ هن کان اڳ ڪڏهن بہ اهڙو ڪجھہ نہ ٿيو هو۔
اسڪول جي شاگردياڻي: ”ڪنهن جي نقل نہ ڪريو۔“
استاد: ”هي سٺو آهي۔ پر اصولن جو فائدو تڏهن ئي ٿيندو جڏهن انهن تي عمل نہ ڪرڻ جي بدلي ۾ سزا ملي۔“
جم: ”جيڪو بہ نقل ڪري ان کي ٽي سوٽيون هڻيون وڃن۔“
آہ! اڳ ۾ بہ شاگردن کي سوٽِي سان ماريو ويندو هو۔
استاد انهن اصولن سان گڏ ٻيا بہ اصول چاڪ جي مدد سان بورڊ تي لکي ڇڏيا۔ ڪجھہ هفتن لاءِ، سڀ ڪجھہ ٺيڪ رهيو۔ پر هڪ صبح، استاد ڪلاس ۾ آيو ۽ تمام اداس هو۔
استاد: ”پنهنجون ڪتابون بند رکو۔ مون وٽ هڪ خراب خبر آهي۔ ڪنهن اسڪول جي اصولن کي ٽوڙيو آهي ۽ جم جو سينڍوچ چوري ڪيو آهي۔ ڇا ڏوهي پنهنجو ڏوه قبول ڪندو؟“
هر ڪنهن پنهنجو ساهہ روڪي ڇڏيو۔ ننڍڙو ٽوم، جيڪو پهرين قطار ۾ ويٺو هو، رُڪي رُڪي ڳالهايو:
ٽوم: ”مم۔۔۔۔۔۔۔ مون ڪيو آهي۔ مان هئس۔۔۔۔۔۔۔ مونکي تمام گھڻي بک لڳل هئي تہ مون اهو کائي ڇڏيو۔ مان تمام شرمندہ آهيان۔“
ٽوم جي ماءُ پيءُ تمام غريب هئا ۽ انهن وٽ اڪثر کاڌي لاءِ پيسا نہ هوندا هئا۔ ڪو بہ ائين نہ چاهيندو هو تہ ٽوم کي سزا ملي۔ پر استاد کي اصول تي عمل ڪرڻو هو۔
استاد: ”توهان ئي اصول ٺاهيا آهن: ڏوهي کي سزا ملڻ گھرجي نہ تہ ٻيو ڪو بہ اصولن تي عمل نہ ڪندو۔ ٽوم، ڪلاس وارن جي سامهون اچ۔ چوري لاءِ ڏهہ سوٽيون لڳنديون۔“
استاد سوٽي ورتي۔
جم: ”روڪيو، هي منهنجو سينڍوچ هو، آءُ ان کي معاف ڪريان ٿو۔“
استاد: ”جم، هي توهان جي مهرباني آهي، پر پوءِ بہ سزا تہ ملڻ کپي۔“
جم: ”تہ پوءِ مونکي ماريو پر ٽوم کي ڪجھہ نہ چئو۔“
استاد: ”ٺيڪ آهي۔ هي هلندو۔ اصول چوي ٿو تہ 01 سوٽيون لڳنديون، پر هي نٿو چوي تہ ڪنهن کي لڳڻ کپي۔“
پوءِ ڪلاس جي سڀ شاگردن اهو ڏٺو تہ ڪيئن هڪ بيگناهہ کي مار پئي جڏهن تہ چور کي سزا ملڻ کپي ها۔
جم ۽ ٽوم جي دوستي جي هي شروعات هئي۔
هر ڪنهن وڏي ڌيان سان ٻڌو جڏهن استاد انهن کي يسوع جي باري ۾ ٻڌايو، جنهن دنيا جي هر ماڻهون جي سزا پاڻ تي کنئي۔
استاد: ”مبارڪ جمعي جو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو تہ يسوع بيگناهہ هو ۽ هن اسان جي جاءِ تي سزا سٺي۔ پاڻ سڀ خدا جي اصولن کي حد کان وڌيڪ ٽوڙيو آهي۔ انهيءَ سبب يسوع اسان جي جاءِ تي پنهنجي مرضي سان پاڻ کي سزا لاءِ پيش ڪيو۔ هن موت جي سزا سٺي جڏهن هو صليب تي مريو۔ جيڪو بہ هن تي ايمان رکي ٿو ان جا گناهہ معاف آهن ۽ ان وٽ هميشہ جي زندگي آهي۔ ايسٽر انهيءَ ڳالهہ جو ثبوت آهي تہ يسوع مردن مان جي اٿيو ۽ هاڻي زندہ آهي۔“
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، استاد، اسڪول جي شاگردياڻي، جم، ٽوم
ynamreG FEC :thgirypoC ©