STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 075 (Special binoculars)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

57. خاص دوربين


ڇا توهان کي خبر آهي تہ نبي ڇا ٿيندو آهي؟

سارہ: ”جنهن کي خدا پنهنجا منصوبا ٻڌائيندو آهي۔“

ايسمس: ”جيڪو مستقبل جي اڳڪٿي ڪري سگھي ٿو۔“

اهو بہ چئي سگھجي ٿو تہ نبي اهو هوندو آهي جنهن کي خدا کان خاص دوربِين مليل هوندي آهي۔ اها دوربِين جنهن سان هو مستقبل ڏسي سگھي ٿو ۽ جيڪا هو ڏسي سگھي ٿو اهو ڪو ٻيو نہ ٿو ڏسي سگھي۔

زڪرياہ بہ مستقبل ڏٺو هو ۽ ان اها لکي ورتو جيڪو خدا هن کي ڏيکاريو هو۔ بائبل جي هي آيت پڙهو:

ڇوڪري: ”اي يروشلم! خوشيءَ وچان نعرا هڻ۔ تون جو بادشاهہ تون وٽ اچي ٿو، سچار ۽ فاتح، حليم ۽ گڏهہ تي سوار آهي۔“

خدا جيڪو اڳ ۾ ٻڌايو هو ائين ئي ٿيو۔ زڪرياہ جيڪو اڳ ۾ ئي ڏٺو هو اهو هڪ هڪ لفظ 005 سالن بعد پورو ٿيو۔

يسوع يروشلم جي رستي تي وڃي رهيو هو۔ هو هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ آيو۔ هن پنهنجن شاگردن مان ٻن کي اڳتي موڪليو۔

يسوع: ”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو۔ اتي توهان کي هڪ گڏهہ ملندو۔ ان کي کوليو ۽ مون وٽ وٺي اچو۔“

شاگرد: ”ڇا اسان ان کي ائين وٺي اچي سگھون ٿا؟“

يسوع: ”جيڪڏهن ڪو توهان کان پڇي تہ توهان گڏهہ کي ڇو وٺي وڃي رهيا آهيو، تہ ان کي ٻڌائجو تہ مالڪ کي ان جي ضرورت آهي۔“

شاگرد: ”جيئن توهان چئو، اسان ائين ئي ڪنداسين۔“ (پڪي رستي تي قدم جي آواز)

ٻہ ماڻهو ننڍي ڳوٺ ۾ ويا ۽ بلڪل ائين ٿيو جيئن يسوع چيو هو۔ انهن کي گڏهہ مليو ۽ انهن هن کي کوليو۔

گڏهہ جو مالڪ: ”اڙي، توهان ٻئي ڇا ڪري رهيا آهيو؟ هو گڏهہ منهنجو آهي۔“

شاگرد: ”مالڪ کي ان جي ضرورت آهي ۽ اسان کي موڪليو آهي تہ ان کي وٺي وڃون۔“

گڏهہ جو مالڪ: ”توهان جي مالڪ کي؟ پوءِ تہ سڀ ٺيڪ آهي۔ ڀلي ان کي وٺي وڃو۔“ (پڪي رستي تي قدم جي آواز)

شاگرد گڏهہ کي واپس يسوع وٽ وٺي آيا، پنهنجا ڪپڙا ان تي وڌا ۽ يسوع ان گڏهہ تي سوار ٿي ويو۔ ٻين پنهنجا ڪپڙا زمين تي وڇائي ڇڏيا ۽ کجيءَ جون ٽاريون لوڏائي لوڏائي ان جو استقبال ڪيو۔ انهن يسوع جي اچڻ تي تمام خوشي ڪئي۔

ماڻھو: ”اي يروشلم! خوشيءَ وچان نعرا هڻ۔ تون جو بادشاهہ تون وٽ اچي ٿو۔“

ماڻھو: ”هوشعنا! بادشاهہ کي ڀيلڪار جيڪو خداوند جي طرفان اچي ٿو۔“

ماڻھو: ”هوشعنا! اسانجي مدد ڪر! تون ئي اسانجو بادشاهہ آهين۔“

اهي اهڙو بادشاهہ چاهيندا هئا جيڪو انهن کي ماني ڏئي، جيڪو انهن کي روم جي ظلم کان بچائي۔ پر يسوع انهن ڪمن لاءِ نہ آيو هو۔

نا اميد ٿي هڪ هفتي بعد انهن رڙيون ڪيون:

ماڻھو: ”اسان کي ان جي ضرورت ناهي۔ ان کي پري وٺي وڃو۔ ان کي صليب ڏيو۔“

انهن ماڻهن نہ ڄاڻيو تہ يسوع انهن کي کائڻ پيئڻ کان بہ وڌيڪ گھڻو ڪجھہ ڏيڻ چاهي ٿو۔ اهو بادشاهہ، انهن جي زندگين تي حڪومت ڪرڻ چاهيندو هو۔

مان تمام خوش آهيان تہ اهو اسان جي زندگي ۾ پڻ ائين ئي ڪرڻ چاهي ٿو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، سارہ، ايسمس، ڇوڪرِي، يسوع، شاگرد، گڏهہ جو مالڪ، ماڻهون

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 08:53 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)