Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 109 (Who is the thief)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
901. چور ڪير آهي
ڪاريگر جو گھراڻو ٻپهرن جو کاڌو کائي رهيو هو۔ ليزا ۽ فيلڪس هنئير ئي اسڪول مان آيا آهن۔ هر ڪنهن وٽ ٻڌائڻ لاءِ گھڻو ڪجھہ آهي۔ پر اڄ انهن جي ماءُ تمام اداس آهي۔ اوچتو هن هڪ پريشان ڪندڙ سوال پڇيو۔
ماءُ: ”هي تمام عجيب ڳالهہ آهي، پر ڪل صبح تائين منهنجي بٽوي ۾ 52 ڊالر موجود هئا۔ اڄ جڏهن مان سامان وٺڻ لاءِ دڪان تي پيسا ڏيڻ ٿي چاهيا، پر مان نہ ڏئي سگھي ڇاڪاڻ تہ سڀ پيسا گم ٿي ويا هئا۔ ڇا توهان مان ڪنهن اهي ورتا آهن؟ فيلڪس؟ يا ليزا تون؟“
فيلڪس: ”پر امان، اسين چور ناهيون۔“
ليزا: ”ها بلڪل اسان توهان جا پيسا نہ ورتا آهن۔“
ماءُ: ”هي تمام غلط ڳالهہ آهي، پر مون کي حيراني ٿي رهي آهي تہ پوءِ اهي پيسا ويا تہ ويا ڪٿي۔“
جڏهن انهن ميز صاف ڪري ڇڏيو، تہ فيلڪس ۽ ليزا پنهنجو هوم ورڪ ڪرڻ هليا ويا۔ پر ليزا سان سٺو نہ ٿيو۔ بلڪہ هن کي محسوس ٿيڻ لڳو تہ هوءَ تمام بيمار آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي هئي جنهن اهي پيسا پنهنجي ماءُ جي بٽوي مان ورتا هئا۔
ليزا: ”ڪاش مان اهي پيسا نہ چوريا هجن ها۔ پر منهنجي ماءُ ڇو مون کي نوان جھمڪا وٺڻ لاءِ پيسا نہ ٿِي ڏئي؟ اصل ۾، مان اهي پيسا چوريا نہ هئا۔ مون اهي پيسا ادھار ورتا هئا۔ مان ڪڏهن اهي پيسا واپس ڪري ڇڏيندس۔“
پر انهن خيالن سان هن جي ضمير کي تسلي نہ ملي۔
ٿوري وقت اڳ انهن چوري جي باري ۾ ڳالهہ ڪئي هئي۔ بائبل چوي ٿي چوري ڪرڻ گناهہ آهي۔ ۽ گناهہ هڪ ديوار وانگر آهي۔ هي جدائيون پيدا ڪري ٿو۔ ليزا کي هن ڳالهہ جي مڪمل سمجھ هئي۔ جڏهن کان هن اهي پيسا ورتا هئا تڏهن کان هن جي ماءُ ۽ هن جي وچ ۾ ديوار بيٺل هئي۔ ۽ هي ديوار هن جي ۽ يسوع جي وچ ۾ بہ بيٺل هئي۔ ليزا هاڻي وڌيڪ بهانا نہ ٺاهي سگھي۔ ۽ هي سچ هو تہ هن مانِي کائڻ وقت جيڪو ڪوڙ ڳالهايو هو اُن جي ڪرِي هن کي وڌيڪ تڪليف ٿي۔ سڄو ڏينهن هن جي دل ۾ ڪو بہ اطمينان يا خوشي نہ هئي۔ ۽ هن کي انهن جھُمڪن جي بہ ڪا خوشي نہ هئي جيڪي هن پنهنجي بستر جي هيٺان لڪائي رکيا هئا۔ جڏهن هوءَ ان رات پنهنجي بستر تي سُتي تہ هو روئڻ لڳي۔
ماءُ: ”ليزا، ڇا ڳالهہ آهي؟“
ليزا: ”مان ئي اها آهيان جنهن توهان جا پيسا چوري ڪيا آهن۔ ۽ هاڻي، توهان مون سان پيار نہ ڪندين۔“
ماءُ: ”تنهنجي لاءِ هي ٺيڪ ناهي جيڪو تو ڪيو۔ پر هي ٺيڪ آهي تہ تو همت ڪئي ۽ مون کي هن جي باري ۾ ٻڌايو۔ مان توکي معاف ڪريان ٿي۔ تون پنهنجي وظيفي مان مون کي 52 ڊالر واپس ڪري سگھين ٿي۔ ۽ ڇا تون يسوع کي بہ چوندين تہ هو توکي معاف ڪري؟“
ليزا: ”ها۔ خداوند يسوع، مان معافي ٿي گھران تہ مون پيسا چوريا۔ مهرباني ڪري مون کي معاف ڪيو۔ مون سان پيار ڪرڻ لاءِ توهان جي مهرباني۔“
ليزا جي ڪلهن تان هڪ وڏو بار لهي ويو۔ هوءَ وري خوش هئي۔ ۽ سڀ کان بهتر ڳالهہ: هن جي ماءُ ۽ خداوند يسوع اڃا بہ هن سان پيار ڪندا آهن۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ماءُ، ليزا، فيلڪس
ynamreG FEC :thgirypoC ©