Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 108 (Bela's Bible)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
801. بيلا جي بائبل
خانا بدوشن جو ڇڪڙو لوڏا کائيندي روڊ تي چڙهيو۔ ٻار هٿ لوڏي رهيا هئا۔
بيلا: ”بابا، مان هارين لاءِ ڪم ڪرڻ ٿو چاهيان۔“
پيءُ: ”تون تمام جلد ٿڪجي پوندين۔“
ماءُ: ”بيلا ۽ ڪم؟ هي ڪيتري مذاق جي ڳالهہ آهي!“
بيلا جو دل اداس ٿي ويو ڇاڪاڻ تہ سندس والدين کي هن تي ڀروسو نہ هو، جڏهن تہ هو ڪم ڪرڻ ٿي چاهيو۔ اڳين شهر ۾ هو گاڏي مان ٽپ ڏئي لهي پيو ۽ ڀڄي ويو۔
هن کي اهو فارم پسند هو جنهن جي کڙڪين ۾ گل هئا۔ (کڙڪائڻ جي آواز)
هارِي: ”سلام۔ تون ڪير آهين؟“
بيلا: ”منهنجو نالو بيلا آهي ۽ مان توهان لاءِ ڪم ڪرڻ ٿو چاهيان۔“
هارِي: ”تون بلڪل صحيح وقت تي آيون آهين، تون پٽاٽا گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڪرِي سگھين ٿو۔ پر پهريان توکي ڪجھہ کائڻ گھرجي۔ اچ اندر اچ۔“
باورچي خاني مان ايندڙ خوشبوئن بيلا کي ياد ڏياريو تہ هن کي تمام گھڻي بک لڳي آهي جئين ڪو بکيو رِڇ هجي۔
هارِي: ”اسين کائڻ کان پهريان دعا ڪندا آهيون۔ ’اي خداوند هر سٺو تحفو ۽ سڀ ڪجھہ جيڪو اسان وٽ آهي سڀ تنهنجي طرفان اسان کي ملي ٿو۔‘“
دعا ڪرڻ ۽ بائبل مان پڙهڻ بيلا لاءِ بلڪل نئين ڳالهہ هئي۔
پر هو دوست جيان هاري سان گڏ رهڻ پسند ڪندو هو۔ بلڪہ ڪم ڪرڻ ۾ بہ کيس مزو ايندو هو، جيتوڻيڪ ڏينهن جي پڇاڙيءَ تي سندس پٺي ۾ سور بہ ٿيندو هو۔ هڪ هفتو گذري ويو۔ (ڪتن جي ڀونڪڻ جي آواز)
بيلا: ”نيرو، ڇا ڳالهہ آهي؟ ڇا تون چاهين ٿو تہ مان بال سان توسان گڏ کيڏان؟“
ٻاهر، نيرو پنهنجا ڪن خوشي سان اڀا ڪري ڇڏيا۔ بيلا کي گڏوگڏ هيءُ بہ ٻڌڻ ۾ آيو۔ (سارنگي جي آواز)
بيلا: ”نيرو، ڪو سارنگي وڄائي رهيو آهي۔ هيءُ ضرور منهنجا والدين هوندا۔ اهي باهہ وٽ ويٺل آهن، ۽ جنگلي خرگوش سيڪي رهيا آهن ۽ گانا ڳائي رهيا آهن۔ مون کي گھر جي تمام گھڻي ياد اچي ٿي۔ ڇا تون اهو سمجھي سگھين ٿو؟“
بيلا باورچي خاني ۾ ڏٺو، پر اتي ڪير بہ نہ هو۔ هن ميز تي پيئل بائبل کڻي ورتي ۽ رات جي اوندهائي ۾ گم ٿي ويو۔
پيءُ: ”بيلا، ڇا تون آهين۔ ڇا تون اسان لاءِ ڪجھہ کڻي آيو آهين؟“
بيلا: ”مان پنهنجي گڏ هي ڪتاب کڻي آيو آهيان۔“
ماءُ: ”گرِگَر ان کي پڙهي سگھي ٿو۔“
گرِگَر: ”اري، ڏسو، هيءُ تہ پاڪ ڪتاب آهي۔ هن ۾ لکيل آهي: اسان جي خداوند يسوع مسيح جو نئون عهدنامو۔“
ماءُ: ”هيءُ سٺو ڪتاب آهي ان کي اسان لاءِ پڙهو!“
گرِگَر: ”هڪ ماڻهو يسوع وٽ آيو ۽ پڇيو: مون کي پنهنجي نجات لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟ يسوع هن کي جواب ڏنو: خدا جي حڪمن تي عمل ڪر۔ چوري نہ ڪر۔“
والد: ”چوري نہ ڪر؟“
شرمندگي سان خانا بدوشن هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو، ڇو تہ انهن مان هر ڪنهن ڪجھہ نہ ڪجھہ چورِي ڪيو هو۔ بيلا تہ بائبل بہ چورائي هئي۔ پر ساڳئي شام، هو ان کي واپس وٺي ويو۔
هارِي: ”بيلا، هيءُ تہ ڪمال ٿي ويو۔ تون اسان جي بائبل وٺي ويو هئين؟ خير، مان هيءُ توکي ٿو ڏيان۔“
بيلا: ”واقعي، ڇا مان هن کي پاڻ وٽ رکي سگھان ٿو؟“
بيلا خوش هو۔ بائبل جي ڪري خانا بدوشن يسوع کي ڄاڻي ورتو ۽ ان تي ايمان آندو۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، بيلا، پيءُ، ماءُ، گِرگَر، هارِي
ynamreG FEC :thgirypoC ©