Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 019 (Who is the true God 4)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

91. ڪير سچو خدا آهي 4


اخي اب بادشاهہ کي ايلياہ تي ڪاوڙ آئي۔

اخي اب: ”نبي تي الزام هڻيو وڃي تہ گھڻي وقت کان هن جي ڪري مينهن نہ پيو آهي۔“

اخي اب ڪاوڙ مان رڙ ڪئي۔ ڇا هو ڀلجي ويو هو ايترو وڏو ڏڪار صرف انهي لاءِ ٿيو هو ڇو تہ هن خدا کي ڇڏي ڏنو هو؟

ٽي سال ٿي ويا هئا۔ٽن سالن ۾ مينهن جو هڪ ڦڙو بہ نہ وسيو هو۔ ۽ پوءِ ايلياہ اخي اب بادشاہ وٽ ويو۔

ايلياہ: ”اخي اب بادشاهہ، جيڪڏهن تون چاهين ٿو تہ وري مينهن وسي، تہ پوءِ پنهنجي پوري قوم کي گڏ ڪر ۽ سڀ پجارين کي پڻ جيڪي بعل جي پوجا ڪن ٿا۔ پاڻ سڀ ڪرمل جي چوٽي تي ملنداسون۔ اتي پاڻ ڏسي وٺنداسون تہ ڪير اصل خدا آهي: خدا يا بعل۔“

اخي اب ايلياہ جي ڳالهہ مڃي ورتي۔

ٻي صبح پوري قوم جبل جي چوٽي تي هئي۔ ڇا ٿيڻ وارو هو؟ ايلياہ ماڻهن کي چيو:

ايلياہ: ”اوهين ڪيستائين ٻِہ‌دليا ٿي رهندا؟ اڄ فيصلو ڪريو تہ توهان ڪنهن جي پوجا ڪندا؟ خداوند خدا-بعل“

پوري قوم ماٺ رهي۔ انهن ڏٺو تہ ايلياہ قربانگاهہ ٺاهي ۽ قرباني جي لاءِ جانور کي انهي تي ليٽايو۔ بعل جي پجارين پڻ ائين ڪيو۔

ايلياہ: ”ٻيهو باهہ نہ ٻارجو! هر ڪو پنهنجي پنهنجي خدا سان دعا ڪري۔ ۽ جنهن جو خدا باهہ ٻاري ڏي اهو ئي سچو خدا هوندو۔“

بعل جا پجاري جلدي سان بعل کي پڪارڻ لڳا۔ هو ڪيترائي ڪلاڪ هن کي پڪاريندا رهيا۔ پر آسمان مان ڪو جواب نہ آيو۔ ايلياہ انهن تي کليو:

ايلياہ: ”هاهاها، توهان کي اڃان زور سان پڪارڻو پوندو۔ ٿي سگھي ٿو توهان جو ديوتا سُتو پيو هجي يا وري ڇُٽِي تي هجي!“

ماڳي خاموشي ٿي وئي جڏهن ايلياہ پنهنجي قربانگاهہ جي ڪاٺين تي پاڻي وڌو۔ پسيل ڪاٺيون تہ ٻرينديون ناهين۔ ڇا ٻري سگھن ٿيون؟

ايلياہ تمام وڏي آواز سان ۽ پوري دل سان دعا ڪئي:

ايلياہ: ”خداوند خدا، اڄ پنهنجن ماڻهن کي ڏيکاري ڇڏ تہ تو ئي اِسرائيل جو خدا آهين ۽ آئون تون جو خادم آهيان۔“

واه! اوچتو آسمان مان باهہ آئي ۽ قرباني جي جانور کي ساڙي ڇڏيو، ڪاٺين ۽ پٿرن سان گڏ پاڻي کي بہ ساڙي ڇڏيو! هر شي تيزي سان ٻرڻ لڳي۔ سڀ ماڻهن هي ڏٺو ۽ حيران ٿِي سجدي ۾ ڪري پيا ۽ سڀ گڏ چوڻ لڳا:

قوم: ”خداوند ئي خدا آهي، خداوند ئي خدا آهي۔“

هاڻي سڀ ماڻهن کي سمجھ اچي ويو۔ ۽ بعل جي سڀ پجارين کي سزا ملي وئي انهن سڀن کي مرڻو پيو۔

خداوند ئي خدا آهي! هڪ دفع وري ايلياہ خدا سان دعا ڪئي ۽ ڪارا ڪڪر آيا۔ ۽ پيهريو ڦڙو وسيو۔ ۽ صرف جيئري خدا جي زريعي ئي وري مينهن وسيو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، اخي اب، ايلياہ، قوم

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 07:57 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)