Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 018 (Breakfast per airmail 3)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

81. هوائي پوسٽ ذريعي ناشتو 3


ايلياہ تيز تيز قدم کڻي بادشاهہ جي محل سان هليو ويو۔ هڪ ڳالهہ صاف هئي تہ: هو بالڪل وقت ضايع نہ ڪري سگھندو هو ڇوتہ بادشاهہ پنهنجي بادشاهت ۾ ايلياہ کي مارڻ لاءِ ڪجھ بہ ڪري سگھندو هو۔ هو ڊڄي نٿو ڇوتہ هو ڄاڻي ٿو تہ خدا وفادار آهي ۽ انهي کي اڪيلو نہ ڇڏيندو۔

خدا نبي کي صاف طور تي چيو۔

خدا: ”ايلياہ، هتان هليو وڃ۔ اوڀر ڏانهن وڃ ۽ ڪريت جي نالي تي لِڪي وڃ۔ اتي تون پاڻي پي سگھين ٿو ۽ آئون تون کي کاڌو ڏيندس۔“

ڇا توهان کي خبر آهي تہ خدا ڇا ڪيو؟

هُن ڪانگ موڪليا جيڪا ايلياہ لاءِ گوشت ۽ ماني کڻي ايندا هئا۔ هي عجيب ڪم سچ ۾ ٿيو هو: خدا هر روز هوائي ڊاڪ زريعي ناشتو ۽ شام جو کاڌو موڪليو۔

خدا وفادار آهي۔ جيڪا بہ شي جي انهي جي خادم کي ضرورت هئي خدا هن کي ڏني۔ هڪ لڪڻ هو هنڌ، کاڌو ۽ پاڻي۔

گھڻ ماڻهن جي زندگي هن سان پيهرين مشڪل هئي۔ نہ مينهن هو، نہ فصل ۽ نہ ئي کائڻ لاءِ کاڌو۔ اوچتو ڪريت نالو سُڪي ويو۔ جڏهن هي ٿيو، تہ خدا ايلياہ کي هڪ ٻيو رستو ڏيکاريو تہ صارپت شهر ڏانهن وڃ جيڪا سرحد پار هو۔

شهر اندر داخل ٿيندي هن هڪ عورت سان پڇيو:

ايلياہ: ”مون کي هڪ پيالي ۾ پاڻي ۽ ماني ڏي!“

هن عورت ڏک ۾ هن جي طرف نيهاريو ۽ نيماڻي آواز ۾ چيو:

عورت: ”مون وٽ ڪجھہ بہ ناهي۔ رڳو مٽڪي ۾ هڪ مٺ اٽو ۽ ڪُپي ۾ ٿورو تيل بچيل آهي۔ بس اها ڪجھہ آهي مون وٽ، منهنجو پٽ ۽ آئون هي کائينداسون۔ هي هڪ وقت جو کاڌو تہ ٿي ويندو پر پوءِ اسان مري وينداسون۔“

ايلياہ: ”ڊڄو نہ! خدا مون کي تون وٽ موڪليو آهي۔ هن چيو آهي تہ جيستائين ڏڪار آهي تيستائين تنهنجي مٽڪي مان آٽو ۽ تنهنجي ڪُپي مان تيل ختم نہ ٿيندو۔“

خدا وفادار آهي! هو جيڪا بہ وعدو ڪندو آهي انهي کي پورو ڪندو آهي۔

نہ اٽو ختم ٿيو، نہ ڪُپي مان تيل ختم ٿيو، جڏهن تہ هو عورت هر روز اهي ٻئي شيون استعمال ڪندي هئي ڪجھہ ڪجھہ ٺاهڻ لاءِ۔ ايلياہ نبي، عورت ۽ هن جو پٽ روز ماني کائيندا هئا۔ ڇا هي هڪ عجيب ڳالهہ ناهي؟

خدا وفادار آهي! توهان هميشہ هن تي ڀروسو رکي سگھو ٿا۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، خدا، ايلياہ، عورت

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 07:51 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)