STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 017 (So courageous 2) This page in: -- Albanian -- Arabic -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 71. تمام بهادر 2مينهن ختم ٿي ويو۔ زبردست! ڪجھہ ئي ڏينهن ۾ باغ، ٻني ٻارو ۽ پارڪ وري سرسبز ٿي ويا ۽ ڏڪار ختم ٿي ويو۔ ڪنهن ايتري صحيح وقت تي بارش موڪلي؟ ڪير هر شي کي زندہ رکي ٿو؟ اِسرائيل ۾ هڪ وقت اهڙو آيو جڏهن هر ڪو هي ڀلجي ويو هو تہ صرف هڪ ئي خدا آهي، جيڪا مينهن وسائي ٿو ۽ سج سي روشني ڏئي ٿو۔ ماڻهن ڪاٺ ۽ پٿرن جا بت ٺاهيا۔ انهن بتن مان هڪ کي بعل جو نالو ڏنو ۽ انهن ڀروسو ڪيو تہ هي ڀي جان شي بت انهن کي اناج، ڦل ۽ جانور ڏيندو۔ اهڙي غلط سوچ لاءِ سڀ کان وڏو زميوار اخي اب بادشاهہ هو۔ هي سڀ تڏهن ٿيو جڏهن هن هڪ خراب عورت سان شادي ڪئي۔ ايزبل هڪ اهڙي علاقي سان هئي جتي ڪوبہ سچي خدا کي نہ ڄاڻيندو هو۔ هو پاڻ سان گڏ بعل جي پُوجا ڪرڻ جو مذهب وٺي آئي۔ اخي اب بادشاهہ پڻ بعل جي پوجا شروع ڪري ڇڏي ۽ هن جي سڄي قوم پڻ بعل جي پوجا شروع ڪري ڇڏي۔ نہ، هر ڪنهن نہ۔ ايلياہ ائين نہ ڪيو۔ هو انهن مان هو جيڪي خدا سان وڦادار هئا۔ هڪ ڏينهن هن دعا گھري: ايلياہ: ”اي خدا! ٽن سالن تائين مينهن نہ وسائج تہ جئين پوري قوم ڄاڻي سگھي تہ تون ئي خدا آهين جيڪو مينهن وسائي ٿو ۽ اناج پيدا ڪري ٿو۔“ ايلياہ انهي لاءِ تيار هو تہ خدا هر ڪنهن تہ هي ظاهر ڪندو تہ هو ئي اڪيلو خدا آهي۔ ايلياہ جلدي سان بادشاهہ جي محل ۾ پهتو۔ هو اجازت بغير دربار ۾ داخل ٿي ويو ۽ بادشاهہ جي ڪمري تائين پهتي ويو، جتي اخي اب بادشاهہ ويٺو هو۔ بنا ڪنهن ڊپ جي هو بادشاهہ سامهون ٻيٺو ۽ چيو: ايلياہ: ”خدا واقعي موجود آهي ايندڙ ٽن سالن تائين مينهن جو هڪ ڦڙو بہ نہ وسندو۔ ۽ انهي سان تون کي خبر پئجي ويندي تہ صرف هڪ ئي زندہ خدا آهي۔“ انهي سان پيهرين تہ جئين اخي اب ڪجھہ چوي ها، ايلياہ غائب ٿي ويو، ۽ پوءِ؟ توهان هي ٻڌي سگھو ٿا تہ اڳتي ڇا ٿيو انهي لاءِ توهان کي ايندڙ ڍرامو ڏسڻو پوندو۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ايلياہ ynamreG FEC :thgirypoC © |