Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 025 (The saddest story)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
52. ڏاڍي افسوسناڪ ڪهاڻي
ڇاتوهان کي خبرآهي تہ هو ڪيرآهي جنهن جي سالگرہ ڪڏهن بہ نہ آئي آهي؟
آدم ۽ حوا! هو پيدا نہ ٿيا هئا، بلڪہ خدا انهن کي ٺاهيو هو۔ پر هو ائين خوش هئا جئين روز انهن جي سالگرہ هجي۔ هو خدا سان ڳالهيون ڪندا هئا ۽ انهي جو آواز ٻڌي سگھندا هئا۔ انهن ۾ نہ ڪو جيڙو هو، نہ ڪو بيماري ۽ نہ وري ڪو پريشاني هئي۔
خدا انهن کي گھڻو ڪجھہ ڏنو هو، ۽ هن انهن کي چيو هو تہ:
خدا چيو: ”توهان باغ جي هر وڻ جو ميوو کائي سگھو ٿا، پر جيڪا وڻ باغ جي وچ ۾ آهي انهي جو ميوو نہ کائجو، بلڪہ هن وڻ کي هٿ بہ نہ هڻجو نہ تہ توهان مري ويندا۔“
هر شي سان انهن جو تعلق هو رڳو هن هڪ شي کان سواءِ۔ آدم ۽ حوا خدا سان پيار ڪندا هئا انهي ڪري هن جي ڳالهہ خوشي سان مڃندا هئا۔
پر پوءِ اوچتو ڪو آيو جنهن کي هي پسند نہ هو تہ ڪنهن جو بہ تعلق خدا سان سٺو هجي۔ هو شيطان هو۔ هو پيهرين فرشتو هو۔ هو مغروري ڪندو هو ۽ خدا جي مانند بڻڻ چاهيندو هو، انهي ڪري هو آسمان تان ڪرايو ويو هو۔
شيطان: ”ڇا هي ڳالهہ سچ آهي تہ خدا چيو آهي تہ توهان هن وڻ جو ميوو نٿا کائي سگھو؟“
حوا: ”اسان هر هڪ وڻ جو ميوو کائي ٿا سگھون سواءِ هڪ هن جي، نہ تہ اسين مري وينداسون۔“
شيطان: ”توهان نہ مرندا۔“
خدا جو دشمن پراڻو ڪوڙ ڳالهندڙ آهي۔ هو خدا جي ڳالهين کي غلط ٻڌائي شڪ پيدا ڪري ٿو۔ حوا جي دل ۾ خدا جو حڪم موجود هو۔ پر هن فتنہ گر شيطان جي ڳالهہ مڃي ورتي۔ خير، جڏهن هن وڻ تي اهو ميوو ڏٺو تہ سٺو لڳو۔ سو هن ٿورو ميوو ورتو ۽ کاڌو ۽ آدم کي پڻ ڏنو جيڪا جي ڀيرسان ٻيٺو هو۔
نافرماني گناهہ آهي، ۽ گناهہ تمام گھڻا نقصان ٿيندا آهن۔ سڀ ڪجھہ ائين نہ رهيو جئين پيهرين هو۔
خدا چيو: ”آدم، تون ڪٿي آهين؟“
جڏهن خدا انهن کي سڏيو، تہ هو ڊپ ۾ هئا۔ انهي ڪري هو خدا سان لڪل هئا۔ انهن هڪ ٻئي تہ الزام هنيا۔ گناهہ اسان کي خوشي نٿو ڏي۔ پوءِ سچي خدا کي انهن کي سزا ڏيڻي پئي، گناهہ جي مزدوري موت آهي۔ هن جو مطلب آهي اسان هميشہ لاءِ خدا سان ڌار ٿي ويا۔ آدم ۽ حوا کي باغ ڇڏڻو پيو۔
دنيا ۾ پيهرين بار ايڏو خراب ڪم ٿيو۔ گناهہ دنيا ۾ اچي ويو۔ هن وقت سڀ گناهگار آهي۔ پر خدا محبت آهي۔ تنهن هوندي بہ هن هڪ نجات ڏيندڙ واري جو وعدو ڪيو۔ هڪ اهڙو بچائيندڙ جيڪو اسان جا گناهہ پاڻ سان کڻي ويندو ۽ اسان کي هڪ نئون آغاز ڏيندو۔
ايندڙ ڍرامي ۾ توهان کي خبر پوندي تہ هو بچائيندڙ ڪير آهي۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، شيطان، حوا، خدا جو آواز
ynamreG FEC :thgirypoC ©