Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 024 (Very good)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
42. تمام بهتر
پنجين درجي جا سڀ شاگرد گھبرايل هئا۔ استاد ٻارن کي رياضي جو پرچو واپس ڏنو۔ ڪجھہ سک جو ساهہ ورتو۔ انهن جو گريڊ ايترو خراب نہ هو جيترو انهن سوچيو هو۔ بائبل ۾ مون هڪ اهڙو گريڊ گولهيو جنهن جو خواب گھڻائي ٻار ڏسندا آهن: پيهريون گريڊ!
ڇا توهان کي خبر آهي هي ڪٿان ملندو؟ انهي صفحي تي جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو تہ ڪيئن خدا هر شي کي ٺاهيو۔ انهي ٺاهيل شين کي پيهريون درجو ڏئي سگھجي ٿو۔
مون کي بار بار هي حيراني ٿيندي آهي تہ خدا ڪيڏي چڱي طرح هر شي کي ٺاهيو آهي۔ توهان جو پيارو هيمسٽر، ٻلي، ڪتو، ننڍيون ماڪوڙيون، طاقتور هاٿي، مذاقي ڀولڙو، سموريون مڇيون ۽ پکي۔
جانورن کي ٺاهڻ کان پيهرين، خدا وڻن ۽ ٻوٽن کي وڌڻ ڏنو تہ جئين جانور انهي کي کائي سگھي۔ ۽ گڏوگڏ گھڻائي گل: ننڍا چاندني گل ۽ وڏا سورج مکي گل، پيارا گلاب جا گل ۽ خوشبودار بنفشہ گل۔ هر ڪنهن کي خدا ٻج پڻ ڏنا تہ جئين هو وڌيڪ وڌي سگھن۔ ٺاهڻ واري هر شي جو گھڻو خيال رکيو۔ پيهيرين هن روشني ٺاهي، ڇاڪاڻ تہ روشني بغير زندگي ممڪن نہ هئي۔
خدا سڀ ڪجھہ ٺاهيو، ڇا توهان کي خبر آهي تہ ڪيئن؟
هن جي چوڻ سان۔ هن چيو تہ: روشني ٿي وڃ! ۽ روشني ٿي وئي۔ جيڪا بہ شي توهان ڏسو ٿا خدا جي چوڻ سان ٺهيل آهي۔ شروع ۾ اهڙو ڪجھہ بہ نہ هو جنهن سان ڪجھہ وڌي يا وڌيڪ پيدا ٿئي۔ نہ ڪو حادثو، نہ ڪو وڏو ڌماڪو۔ صرف قادرمطلق خدا ئي آهي جيڪو ڪجھہ بہ نہ هجي انهي مان بہ سڀ ڪجھہ پيدا ڪري سگھي ٿو۔
۽ پوءِ سڀ کان سٺي شي ٺاهي۔
خدا چيو تہ اچو انسان ٺاهيون۔ ۽ هن پنهنجي سٺي خيالن زريعي مرد ۽ عورت کي ٺاهيو۔
ڇهين ڏينهن خدا هر شي کي ڏٺو جنهن کي هن ٺاهيو هو ۽ هو خوش ٿيو۔ ڇو تہ هو سڀ ڪجھہ ڏاڍو سٺو هو۔ ۽ هن هي سڀ ڪجھہ آدم ۽ حوا کي ڏئي ڇڏيو۔
باغ ۾ خدا سان گڏ انهن جي زندگي تمام سٺي طرح گزري رهي هئي۔ اهو تيستائين رهيو جيستائين انهن سان هڪ ڏينهن هڪ واقعو ٿيو۔
اڳين ڍرامي ۾، آئون توهان کي اڄ تائين جي سڀ کان خطرناڪ ڪهاڻي جي باري ۾ ٻڌائندس۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري
ynamreG FEC :thgirypoC ©