Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 020 (On the run 5)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
02. فرار 5
گھوڙن جا کر بادشاهہ جي محل طرف وڌي رهيا هئا، هلڪو هلڪو مينهن وسي رهيو هو۔ ۽ رٿ هڪ جگھہ تي بيٺو ۽ اخي اب بادشاهہ ٻاهر نڪتو ۽ يڪدم محل ۾ هليو ويو۔
اخي اب: ”ايزبل، ايزبل، تون سوچي ڪانہ ٿي سگھين تہ اڄ ڇا ٿيو آهي۔ آسمان مان باهہ وسي۔ هر ڪنهن ڏٺو تہ ايلياہ جو خدا هڪ سچو خدا آهي۔ بعل ڪو مدد نہ ڪئي ۽ هن جا سڀ پجاري پڻ ماريا ويا۔“
راڻي هر هڪ ڳالهہ ٻڌي۔ ڇا هو هن خبر تي ۽ مينهن واري ڳالهہ تي يقين ڪندي تہ خداوند ئي خدا آهي؟ نہ هن هي سڀ ٻڌي ڪاوڙ ڪئي!
ايزبل: ”آئون ايلياہ کي قتل ڪرائي ڇڏِيندس۔“
جڏهن ايلياہ هي ٻڌو تہ راڻي هن کي قتل ڪرائڻ چاهي ٿِي تہ هو ڀڄي ويو۔ هو ايترو تيکو ڀڄيو جو هن کان پيهرين ڪڏهن بہ ڪانہ ڀڄيو هو۔ هو لڳ ڀڳ 521 ميل تائين ڀڄيو! پوءِ بہ هن کي حفاظت محسوس ڪانہ پي ٿي۔ تنهن ڪري هو ڏکڻ ڏي ڀڄندو رهيو۔ هن جي ڊپ جي ڪري هو ريگستان ۾ پهتي ويو۔
توهان ڇا ٿا ڪريو جڏهن توهان کي ڊپ ٿو لڳي؟
خدا موجود آهي! ايلياہ هميشہ خدا سان مدد گھري هئي۔ پر هن ڀيري هُن پنهنجي ڊپ کي وڌيڪ اهيمت ڏني۔ جڏهن هو هڪ قدم بہ وڌيڪ هلي نہ پي سگھيو تڏهن هڪ ٻوڙي هيٺ ويهي رهيو ۽ دعا گھري:
ايلياہ: ”خداوند مون کان هاڻ وڌيڪ نہ ٿيندو۔ مون کي مرڻ ڏي۔“
خدا موجود آهي۔ پر هُن هِن دعا جو جواب ”ها“ ۾ نہ ڏنو۔ خدا ايلياہ کي سمهڻ ڏنو ۽ پوءِ هڪ فرشتو موڪلي ايلياہ کي جڳايو۔
فرشتو: ”ايلياہ، اُٺ! ڪجھہ کا ۽ پي۔“
ايلياہ پنهنجيون اکيون کوليون ۽ هيڏانهن هوڏانهن نيهاريو۔ هن کي هڪ پاڻي جو دلو نظر آيو ۽ ماني بہ بالڪل هن جي ڀرسان هئي۔ هو ڏاڍي مزي واري هئي۔ ۽ ايلياہ وري سمهي رهيو ۽ وري ڪجھہ ٿيو۔
خدا موجود آهي۔ خدا جي خادم اِها سچائي ڄاڻي ورتي تہ خدا محبت سان ڪئين ريگستان ۾ هن جي سنڀال پيو ڪري۔ هاڻي هو وري خدا جي آواز ٻڌي سگھندو هو۔ ۽ هاڻي وري هو هڪ ٻئي مقصد سان واپس هليو ويو۔
خدا موجود آهي! انهي لاءِ توهان کي ڊڄڻ جي ضرورت ناهي۔ آئون توهان کي بائبل جي هڪ آيت سان يقين ڏيارڻ ٿي چاهيان:
”خداوند منهنجي روشني ۽ منهنجو بچاءُ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن کان ڊڄان؟ خداوند منهنجي جاءِپناهہ آهي. پوءِ ڇو آءٌ ڪنهن جو ڊپ رکان؟“ (زبور 72: 1)
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، اخي اب، ايزبل، ايلياہ، فرشتو
ynamreG FEC :thgirypoC ©