Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 094 (Bad conscience 6)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
49. ڏنگ وارو ضمير 6
رنگو مشنري جو ساز چورائي ورتو هو۔ هاڻي هن جي ضمير کيس تنگ ڪيو۔ چوري ڪنهن کي خوشي نہ ٿِي ڏئي سگھي۔ ڇا توهان بہ هن ڳالهہ کي محسوس ڪيو آهي؟ ڀلي توهان ڪو شيءِ دوڪان مان ورتي هجي يا پنهنجي ماءُ جي پرس مان، هي ڪو معنيٰ نٿو رکي۔ صرف هڪ ئي رستو آهي جنهن سان اسين هن کي ٺيڪ ڪري سگھون ٿا۔
رنگو هن ئي رستي تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو۔ هن يسوع کان معافي گھري ۽ هو چاهي ٿو تہ جيڪو شيءِ هن چورائي آهي اهو واپس ڪري۔
هن ڍڳن کي ڍڳا گاڏيءَ ۾ جوٽيو ۽ ان تي باجو رکيو۔
بٽو: ”رنگو، تون ڇا پيو ڪرين؟“
رنگو: ”مان باجو واپس ڪرڻ وڃي رهيو آهيان۔“
بٽو: ”تون چريو ٿي ويو آهين ڇا؟ تون کي واپس موٽائڻو هو تہ پوءِ چورايو ڇو؟ جڏهن کان تون يسوع تي ايمان رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي تڏهن کان مونکي تنهنجي سمجھہ نہ پئي اچي۔“
رنگو: ”مٿي چڙِي اچ! سفر ۾ توکي هن باري ۾ سڀ ٻڌائيندس۔“
رنگو کي شهر پهچڻ جي جلدي هئي۔
هو خوش هو تہ هن جلد ئي ميڊم ميرِي کي ڳولي لڌو۔ هو ڀارت ۾ بائبل جي ترجمي جو ڪم ڪندي هئي۔
ميڊم ميرِي: ”سلام، توهان ٻنهي کي۔ ڪيتري سٺي ڳالهہ آهي تہ توهان آيا آهيو۔ مان توهان سان ڪم وٺي سگھان ٿي۔ مونکي ترجمي لاءِ ڪجھہ ڪُرڪُو زبان جا لفظ نہ پيا مِلن۔ ڇا توهان منهنجي مدد ڪندا؟“
رنگو: ”ها، پر پهرين مان صاحب گُرُوب سان ملڻ ٿو چاهيان۔“
ميڊم ميرِي: ”هو هتي نہ آهن۔ هو بيمار هئا۔ انهن کي هڪ جھاز تي آمريڪا انهن جي گھر وٺي ویا هئا۔ پر ڊاڪٽر انهن جي مدد نہ ڪري سگھيا۔ صاحب گُرُوب هاڻي آسمان تي آهن۔“
رنگو: ”صاحب آسمان تي آهي؟ خداوند يسوع سان گڏ؟ هو ضرور اتي تمام خوش هوندا۔ پر هاڻي هو هتي اسان سان گڏ نہ آهي۔“
ميڊم ميرِي: ”نہ، هو هاڻي اسان سان گڏ نہ آهن۔“
هن خبر رنگو کي تمام اداس ڪري ڇڏيو ۽ هو رويو۔
ميڊم ميرِي: ”ڏس، مون وٽ انهن جي هڪ تصوير آهي۔ ڇا توهان ان کي پاڻ وٽ رکڻ چاهيو ٿا؟“
رنگو: ”تمام گھڻو شڪريو توهان جو۔ هي منهنجو صاحب آهي جنهن مونکي خداوند يسوع جي باري ۾ ٻڌايو هو۔“
ميڊم ميرِي: ”رنگو، خدا وٽ تنهنجي زندگي لاءِ هڪ منصوبو آهي۔ منهنجو يقين آهي تہ هو چاهي ٿو تون ان جي باري ۾ ٻين کي ٻڌاءِ۔“
رنگو: ”پر مان، مون ڪجھہ چورايو هو، باجو۔ هو ٻاهر ڍڳا گاڏيءَ ۾ پيو آهي۔“
هاڻي هي ڳالهہ کلي سامهون اچي وئي هئي۔ ۽ رنگو کي سڪون مليو۔
ميڊم ميرِي هن کي معاف ڪري ڇڏيو۔ هن جو ڀار ختم ٿي ويو ۽ هو ٽِپ ڏئي ڍڳا گاڏيءَ تي چڙهيو ۽ چورايل شيءِ واپس ڪري ڇڏي۔
رنگو: ”خدا حافظ، ميڊم ميرِي۔ ٻئين دفعا جڏهن مان توهان سان ملڻ ايندس تہ مان توهان کي ڪُرڪُو زبان جا تمام گھڻا لفظ ٻڌائيندس۔ پر هن وقت اسانکي باهہ ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون وٺڻيون آهن۔“
۽ سفر دوران، هن دعا ڪئي۔
رنگو: ”تمام گھڻي مهرباني خداوند يسوع، مونکي معاف ڪرڻ لاءِ۔ مهرباني ڪري صاحب کي ٻڌائي ڇڏجو تہ مون باجو واپس ڪري ڇڏيو آهي۔ هاڻي آءُ تمام خوش آهيان ۽ مان توهان جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو۔“
بٽو: ”رنگو ڇا تون مونکي يسوع جي باري ۾ ٻڌائي سگھين ٿو؟“
رنگو: ”ها، مونکي خوشي ٿيندي تہ مان توکي روز ان جي باري ۾ ٻڌايان۔“
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، رِنگو، بٽو، ميڊم ميرِي
ynamreG FEC :thgirypoC ©