STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 138 (An awful accident 1) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 831. هڪ خراب حادثو 1شهر ۾ پريشاني هئي۔ ڪو بہ کلندو نہ هو نہ ئي ڪو ڳائيندو هو۔ سڀ ڊنل هئا۔ داياڻي: ”اميد آهي هي خوفناڪ جنگ جلد ئي ختم ٿي ويندي۔“ عورت: ”ڇا سائول بادشاهہ دشمنن کي هارائي سگھندو؟“ سڀ کان پهرين چوڪيدارن ڊوڙندڙ شخص کي ڏٺو۔ هو فوج جي پهرين قطارن مان خبر کڻي آيو هو۔ ڪو بہ هن جي چهري کي ڏسي اهو چئي سگھي ها تہ هن ڪا سٺي خبر نہ آندي هئي۔ پيغام ڏيڻ وارو: ”دشمنن اسان جي فوج جي پهرين قطارن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي۔ بادشاهہ سائول ۽ شهزادو يونتن شهيد ٿي ويا آهن۔ ڀڄو! پنهنجون جانيون بچايو!“ هر ڪو خوفزدہ ٿيو ۽ گھڻا ماڻهو شهر مان ڀڄي ويا۔ ڪيترو خراب ڏينهن هو! خاص طور تي مفيبوست لاءِ۔ جيتوڻيڪ هو پنجن سالن جو هو، پر هن کي سڀ ڪجھہ سمجھہ ۾ اچي رهيو هو۔ هن جو پيءِ، شهزادو يونتن مري چڪو هو۔ هن جو پيءُ هاڻي ڪڏهن بہ گھر نہ ايندو ۽ هن کي پنهنجي هٿن ۾ نہ کڻندو۔ هن جو پيءِ هاڻي ڪڏهن بہ هن کي پاڻ سان گڏ تيراندازي ڪرڻ لاءِ نہ وٺي ويندو ۽ نہ ئي هن کي ڪهاڻيون ٻڌائيندو۔مفيبوست روئڻ لڳو۔ هن جي دائي هن جي سنڀال ڪئي۔ داياڻي: ”مفيبوست اچ اسان کي هتان وڃڻو پوندو۔ اسان وڌيڪ وقت ضايع نٿا ڪري سگھون۔“ انهن جلد ئي اها جاءِ ڇڏي ۽ ان کان پوءِ اهو ٿيو۔ مفيبوست: ”آہ، آہ، منهنجو پير!“ مفيبوست ايتري خراب طريقي سان ڪريو جو هاڻي هو وڌيڪ هلڻ جي قابل نہ هو۔ ٿورو سوچيو۔ هن حادثي جي ڪري هاڻي هو معذور ٿي چڪو هو۔ هيءَ هن جي زندگي جو سڀ کان ڏکائيندڙ ڏينهن هو۔ پهرين هن جو پيءُ مري ويو۔ پوءِ انهن کي ڀڄڻو پيو۔ ۽ پوءِ هن سان حادثو ٿي ويو۔ ۽ هاڻي هن وٽ رهڻ لاءِ گھر بہ نہ هو۔ بعد ۾ اهي ماڻهو جيڪي ڀڄي آيا هئا اهي لودبار ۾ پهتا۔ لودبار جو مطلب آهي بيڪار، نالائق۔ خير هي معني مفيبوست تي ٺيڪ ويهندا آهن۔ اوچتو ئي هن جي زندگي بيڪار ٿي وئي۔ يقيناً هن سوچيو هوندو تہ هاڻي مان ڪنهن ڪم جو نہ رهيو آهيان۔ ڇا توهان کي بہ ڪڏهن لڳندو آهي تہ توهان ڪنهن ڪم جا نہ آهيو؟ توهان پنهنجي ڪلاس ۾ بهترين نہ آهيو، توهان راند جي ميدان ۾ ڪڏهن اڳيان نہ رهندا آهيو، ۽ انهيءَ ڪري توهان کي لڳندو آهي تہ ٻيا توهان کان وڌيڪ اهم آهن ۽ توهان کي انهن جيترو پيار نہ ملندو آهي۔ ڇا توهان مفيبوست کي سمجھي سگھو ٿا؟ هو ڪيترن سالن تائين لودبار ۾ اهڙي طرح رهيو۔ هن جي پيءُ جو سڀ کان سٺو دوست دائود هو۔ جڏهن هو اسرائيل جو بادشاهہ ٿيو، تہ هو وڏِي فڪر سان پنهنجي محل ۾ ڦري رهيو هو۔ دائود: ”نوڪر ضيباہ، ڇا سائول جي خاندان ۾ اڃا تائين ڪو زندہ آهي يا نہ؟“ ضيباہ: ”ها، يونتن جو پٽ مفيبوست، هو منڊو آهي۔“ دائود: ”تہ هو ڪٿي آهي؟“ ضيباہ: ”هو لودبار ۾ رهندو آهي۔“ دائود بادشاهہ ڇا ڪرڻ وارو هو مان توهان کي ايندڙ ڊرامي ۾ ٻڌائيندس۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، دائي، عورت، پيغام ڏيڻ وارو، مفيبوست، دائود، ضيباہ ynamreG FEC :thgirypoC © |