Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 139 (The King's invitation 2)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

931. بادشاهہ جي طرفان دعوت 2


بادشاهہ جو رتھ گھٽيئن مان گذري رهيو هو۔ پردا هٽايا ويا ۽ کڙڪيون کوليون ويون۔ حيراني سان ماڻهو ڏسي رهيا هئا تہ ڇا ٿيڻ وارو آهي۔

عورت: ”بادشاهہ جو پيغام آڻيندڙ لودبار ۾؟ وڏي عجيب ڳالهہ آهي!“

پاڙيسري: ”هو ڪنهن کان ملڻ آيا آهن؟ ممڪن آهي سردار کي؟“

انهن جي حيراني اڃان بہ وڌي وئي جڏهن شاهي سواري سڌو وڃي ان گھر اڳيان بيٺي جنهن ۾ مفيبوست رهندو هو۔ دائود بادشاهہ هن کي سڏيو هو۔ مفيبوست کي يقين نہ ٿي رهيو هو۔ هو جيڪو منڊو هو ۽ ٻاهر کان رهڻ آيو هو، بادشاهہ پاڻ هن کي سڏيو هو! هي تہ وڏي ڳالهہ ٿي وئي۔ توهان کي پريشاني جي ضرورت ناهي۔ توهان کي بہ سڏيو آهي۔ ان راستباز بادشاهہ جيڪو ابدي آهي، اهو توهان کي سڏيندو آهي۔ يسوع، بادشاهن جو بادشاهہ! مفيبوست جئين ڪيو ائين ئي ڪريو، توهان بہ دعوت کي قبول ڪريو، جيتوڻيڪ توهان ڪو وڏا خاص شخص نہ آهيو ۽ توهان پنهنجو پاڻ کي بيڪار سمجھندا آهيو۔

اُن منڊي ڇوڪري کي بادشاهہ جي سامهون آندو ويو۔

دائود: ”مفيبوست، ڊپ نہ ڪر۔ مان تو تي مهرباني ڪرڻ چاهيان ٿو۔“

مفيبوست: ”پر مان ان جي قابل ناهيان۔“

دائود: ”مان توکي زمين ڏئي رهيو آهيان۔ منهنجا نوڪر اتي فصل پوکيندا ۽ وڍيندا۔ ۽ اهو سڀ تنهنجو هوندو۔“

دائود بادشاهہ مفيبوست جي دعوت ۾ واڌارو ڪيو ۽ ان کي تحفا بہ ڏنا۔

يسوع، جيڪو ابدي بادشاهہ آهي، توهان کي ۽ توهان جي ماءُ پيءُ کي دعوت ڏئي ٿو۔ هن جا تحفا تمام قيمتي آهن: معافي، خوشي، اطمينان، هميشہ جي زندگي۔۔۔۔۔۔۔ ايترا جو مان بيان نٿي ڪري سگھان۔ مسيح وٽ اچو ۽ ان کان برڪت وٺو۔

مفيبوست کي ٻيهر ڪڏهن بہ افسوس نہ ڪرڻو پيو ڇو تہ هن بادشاهہ جي دعوت کي قبول ڪيو هو ۽ ان جي مهرباني۔ ۽ اڃا بہ ان کان بهتر اڳتي اچڻ وارو هو۔

دائود: ”مفيبوست، مان چاهيان ٿو تہ تون مون سان گڏ هل محل ۾ ره۔“

بلڪل ائين ئي يسوع چاهي ٿو، اهو عجيب بادشاهہ۔ اهو نٿو چاهي تہ توهان صرف آچر تي ئي ان کان ملڻ وڃو، پر هر ڏينهن۔ ڇا توهان بہ اهو چاهيو ٿا؟ تہ توهان پنهنجي دل ۾ ۽ پنهنجن خيالن ۾ هميشہ ان سان گڏ رهو؟ يسوع توهان جي زندگي جي بهتر رستي تي رهنمائي ڪري سگھي ٿو۔ مان ان کان سٺي ڪنهن ٻئي بادشاهہ کي نٿي ڄاڻان۔ دائود بادشاهہ جي دعوت مفيبوست جي زندگي کي مڪمل تبديل ڪري ڇڏيو۔

خداوند يسوع جي دعوت بہ توهان جي زندگي کي مڪمل تبديل ڪري ڇڏيندي۔

يسوع توهان کي سڏي ٿو ۽ توهان تي مهرباني ڪرڻ چاهي ٿو۔ اهو هميشہ توهان سان گڏ رهڻ چاهي ٿو۔

ان جي دعوت قبول ڪريو۔ توهان جڏهن دعا ڪريو تہ توهان ان کي پنهنجو جواب ڏئي سگھو ٿا۔ بادشاهہ يسوع توهان کي ٻڌي ٿو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، عورت، پاڙيسري، دائود، مفيبوست

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on April 01, 2025, at 09:07 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)