Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 140 (Dream job 1)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

041. پسنديدہ نوڪري 1


احتياط سان، چانهہ گرم آهي۔ (ڪپ ۾ چمچ هلائڻ جي آواز)

هدسن لڳ ڀڳ پنهنجي زبان ساڙي هئي۔ انگلينڊ ۾ هي هدسن جي خاندان جي چانهہ جو وقت هو۔ ۽ 051 سالن بعد هي وقت تمام سٺو هو۔

پيءُ هميشہ انهن کي پري جي علائقي چين جي باري ۾ ٻڌائيندو هو۔ ۽ اوچتو هو سنجيدہ ٿي ويو۔

پيءُ: ”مون کي هن جي سمجھ نہ ٿي اچي۔ ڇو وڌيڪ مشنري چين نہ ٿا وڃن؟ لکين چيني ماڻهن اڃا تائين يسوع جي باري ۾ نہ ٻڌو آهي۔“

هدسن: ”بابا، جڏهن مان وڏو ٿي ويندس تہ مان هڪ مشنري ٿيندس ۽ مان چين ويندس۔“

والدين پنجن سالن جي ٻار جي ڳالهين تي مسڪرائي ڇڏيو۔ هو اڪثر بيمار رهندو هو۔ ان لاءِ مشنري بڻجڻ ناممڪن ڳالهہ هئي۔ هدسن اسڪول نہ وڃي سگھندو هو، ان ڪري ان جي ماءُ ان کي گھر ۾ ئي پڙهائيندي هئي۔

هدسن هڪ ڪتابي ڪيڙو هو۔

هدسن: ”سٺو هجي ها تہ جيڪڏهن مان رات جو کٽ ۾ بہ پڙهي سگھان ها۔ پر مان هي نٿو ڪري سگھان ڇو تہ ماءُ هميشہ لالٽين پاڻ سان گڏ وٺي ويندي آهي۔ مان ڪا پراڻي استعمال ٿيل موم بتيون ڳوليندس۔“

ان شام ان شب بخير چئي ڪمري ۾ وڃڻ کان پهريان ئي لِڪي پنهنجا کيسا ڀري ورتا۔ پر بدقسمتي سان! ان جي خاندان جي هڪ مهمان ان کي ڏسي ورتو ۽ ان کي پنهنجي جھولي ۾ ويهاري ڇڏيو۔ ۽ هو باهہ جي بلڪل ويجھو ويٺو هو! هدسن تمام گرم ٿي ويو ۽ ان جي موم بتين جا ٽڪرا بہ۔ ان جو هڪ منٽ بہ ائين گذري رهيو هو ڄڻ ڪلاڪن ۾۔

ماءُ: ”هدسن، هاڻ تنهنجو سمهڻ جو وقت ٿي چڪو آهي۔“

هدسن: ”شب بخير!“

ان جي ٿوري دير بعد، ان جي ماءُ ان کي ڪمري ۾ ڏٺو، ان جي جيبون موم سان تمام بُري طرح ڀريل هيون! هدسن شرمندہ هو تہ هو پنهنجي ماءُ کان لڪائي اهڙو ڪم ڪري رهيو هو۔ ان ٻيهر ڪڏهن بہ ائين نہ ڪيو۔

ان ڪتابي ڪيڙي جو هڪ ئي مشغلو هو: پنهنجي ڀيڻ ايميلي کي تنگ ڪرڻ۔ پر گھڻو ڪري هو هڪٻئي سان گڏ رهندا هئا ۽ گڏجي جيتن ۽ پکين کي جانچيندا هئا۔ جڏهن هدسن تيرهن سالن جو هو، ان دوائن جي باري ۾ پنهنجي تعليم شروع ڪئي۔ ان پنهنجي زندگي لاءِ تمام وڏا وڏا منصوبا ٺاهيا۔

پر پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو هڪ موڪل ان جي پوري زندگي کي تبديل ڪري ڇڏيو۔ ان هڪ مسيحي ڪتاب پڙهي ۽ ان سڀ کان پوءِ فوراً ان کي سمجھ ۾ اچي ويو تہ يسوع هدسن سان محبت ڪري پنهنجي جان ڏني ۽ ٻيهر زندہ ٿيو۔

هدسن: ”خداوند يسوع، مون سان محبت رکڻ لاءِ مهرباني۔ مان توهان تي ايمان آڻيان ٿو ۽ اهو ئي ڪندس جيڪو تون مون کي ڪرڻ لاءِ چوندين۔ آمين۔“

ان جي هن دعا ڪرڻ کان پوءِ ان کي ائين لڳو ڄڻ يسوع چئي رهيو هجي: تہ پوءِ منهنجي خاطر چين وڃ۔

جڏهن هو پنجن سالن جو هو تہ ان جو سڀ کان وڏو خواب اهو هو تہ هو مشنري بڻجي۔

جڏهن هو 71 سالن جو هو، ان پنهنجي پاڻ کي پنهنجي مستقبل لاءِ تيار ڪيو۔

شاید ان جي تربيت توهان کي بہ اُڀاري۔

اڳين ڊرامي ۾ مان توهان کي وڌيڪ ٻڌائيندس۔ توهان ضرور هي ڄاڻڻ چاهيندا!


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، پيءُ، هدسن، ماءُ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on April 01, 2025, at 09:12 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)