STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 003 (Pig slop or banquet dining)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

3. سورن جي خوراڪ يا دعوت جي ماني


پيءُ ڌري وٽ گھڻو اداس ٻيٺو آهي۔ ڪجھ ڏينهن اڳ هن جو ننڍو پٽ انهي کي ڇڏي ويو۔ هو ڪٿي هليو ويو آهي۔ هو پنهنجي جائيداد جو حصو پڻ وٺي ويو آهي۔ هن هڪ ڀيري بہ واپس نظر نہ ڪئي!

پيءُ انهي سان گھڻو پيار ڪندو هو۔ هن جو پٽ ڪٿي هوندو؟ هو ڪئين هوندو؟

ايئن تہ هو خوش نظر آيو پي۔ هن وٽ تمام گھڻا پئسا هئا، گھڻائي دوست هئا۔ هو هڪ جشن مان ٻئي جشن ۾ ويندو هو۔ هو خوشيون ملهائيندو، کلندو، ۽ نشو بہ ڪندو هو، ۽ اهڙا ڪم بہ ڪندو هو جنهن جي هن کي خبر بہ هوئي تہ غلط آهن۔ هو ماڻهن جي رش ۾ رهن پسند ڪندو هو۔ جلد ئي هن جو سمورو پئسو ختم ٿي ويو۔ ۽ هن جا دوست بہ انهي کي ڇڏي ويا۔

هن وٽ نوڪري نہ هئڻ هڪ وڏو مسلو هو۔ نيٺ انهي کي هڪ هاري وٽ ڪم مليو، سوئرن کي کاڌو کارائڻ۔ هڪ انتهائي خراب نوڪري جيڪا هن کي ڪرڻي پئي! انهي جي پيٽ مان آواز اچڻ لڳا ۽ هن کي سوئرن جو کاڌو کائڻو پيو، پر انهي کي هن جي موڪل ڪانہ هئي۔ هو ڀکيو هو ۽ هن جا ڪپڙا ڦاٽل هئا ۽ هو ڌپ ڪندڙ سوئرن جي ڀر ۾ وٺو ۽ افسوس ڪرڻ لڳو۔

انهي پيءُ هن سان پيار ڪندو هو۔ ڇا هن انهي ڳالهہ جي باري ۾ سوچ ڪئي هوندي؟

هو اوچتو اٿيو ۽ هن فيصلو ڪيو۔ هن چيو:

پٽ: ”آئون گهر ويندس ۽ آئون پنهنجي پيءُ کي چوندس مون کي معاف ڪريو مون اوهان جو ڏوه ڪيو آهي ۽ مون پنهنجو رستو ورتو۔“

واقعي هو انهي ڳالهہ کي پنهنجي پيءُ سامون قبول ڪرڻ ٿو چاهي۔

اوهان انهي ڳالهہ جي سوچ ڪريو: جڏهن پٽ پري هو، پنهنجي پيءُ جي گھر سان تمام پري، تڏهن بہ هن جي پيءُ انهي کي ڏسي ورتو۔ هو پنهنجي پٽ سان پيار ڪندو هو ۽ ڊوڙي انهي سان ملڻ ويو!

ان کان اڳ جو پٽ ڪجھ چوي ها، پيءُ انهي کي ڀاڪر پاتي ۽ انهي کي چميو۔ هن ڏاڍي خوشي سان نوڪرن سي سڏيو ۽ انهن کي چيو:

پيءُ: ”جلدي وڃو ۽ صاف ڪپڙا کڻي اچو، هڪ منڊي ۽ جوتي بہ۔ ۽ هڪ دعوت تيار ڪريو! پاڻ جشن ملهائنداسون، ڇو جو منهنجو پٽ هتي آهي! هو موت جي منهن هليو ويو هو پر جيئرو بچي ويو آهي! هو گم ٿِي ويو هو ۽ واپس ملي ويو آهي!“

انهي جي پيءُ جيترو ٿي سگھيو ايترو پنهنجي پٽ سان پيار ڪيو، اهڙي ريت خدا بہ اوهان سان ۽ مون سان پيار ڪري ٿو۔ هو چاهي ٿو تہ پاڻ هن وٽ وڃون ۽ انهي ساڻ رهون۔ انهي ڪري يسوع هي آکاڻي ٻڌائي۔

ڇا اوهان خدا جي پيار جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهيو ٿا ۽ هي بہ ڄاڻڻ چاهيو ٿا تہ انهي وٽ ڪئين وڃڻو آهي؟ تو پوءِ اوهان مون کي خط لکو!


ماڻهون: بيان ڪرڻ وارِي، پٽ، پيءُ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 27, 2025, at 09:35 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)