Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 128 (No more thirst)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

821. وڌيڪ اُڃ نہ


شهر جا گھڻا ماڻهو هُن کان هميشہ کان نفرت ڪندا هئا۔

سامري عورت: ”اهي سڀ مون تي آڱر کڻندا آهن۔ ائين ڏيکاريندا آهن ڄڻ تہ انهن جي زندگيءَ جي هر شيءِ بلڪل ٺيڪ آهي۔ خير مون کي پوري اميد آهي تہ جڏهن مان کوھ تان پاڻي ڀرڻ ويندس تہ اتي ڪو بہ نہ هوندو۔“

(پٿرن تي هلڻ جي آواز)

منجھند جو 21 وڳي ان عورت پنهنجو گھڙو کنيو ۽ شهر کان ٻاهر نڪتي۔ هي اهو وقت هو جڏهن سج تمام سخت گرمي برسائي رهيو، انهي ڪري تمام مشڪل هو تہ رستي ۾ ڪنهن سان ملاقات ٿئي۔ عام طور تي سامريا شهر جا ماڻهو يا تہ صبح جو کوھ تي پاڻي ڀرڻ ويندا هئا يا وري شام جو۔

سامري عورت: ”اتي ڪير ويٺو آهي؟“

يسوع: ”مون کي پيئڻ لاءِ ڪجھہ ڏي۔“

سامري عورت: ”تون مون سان ڇو ڳالهائي رهيو آهين؟ تون تہ يهودي آهين ۽ مان سامري آهيان۔“

ڇا هو اجنبي هي نہ ڄاڻندو هو تہ يهودي ماڻهو سامريئن سان نفرت ڪندا هئا ڇاڪاڻ تہ اهي ٻين قومن سان شاديون ڪندا هئا ۽ بتن جي پوڄا ڪندا هئا؟ جيتوڻيڪ هو هي ڄاڻندو هو۔ پر هن ڪڏهن بہ ٻِي ذات واران سان نفرت نہ ڪئي۔ هو اهڙو نہ هو۔ يسوع ٻين کان مختلف آهي۔

يسوع: ”جيڪڏهن تون مون کي سڃاڻي ها تہ تون مون کان گُھرِين ها ۽ مان توکي زندگيءَ جو پاڻي عطا ڪريان ها۔“

سامري عورت: ”تون پاڻي ڪيئن ڀرندي؟ کوھ تہ تمام گھرو آهي۔“

يسوع: ”جيڪو بہ هي پاڻي پيئندو آهي تنهن کي ٻيهر اُڃ لڳندي۔ پر جيڪو پاڻي مان ڏيندس اهو هميشہ لاءِ اُڃ لاهيندو۔“

اسان جي دلين جي خواهشون بہ اُڃ جھڙيون آهن۔ جڏهن اهي هڪ دفعو پوري ٿين ٿيون تہ نيون خواهشون جاڳن ٿيون۔ ۽ هي هميشہ هلي ٿو۔ دل ڪڏهن ڀرجي نٿي۔ اُڃ ڪڏهن بہ لهي نٿي۔ ڪو وڏو تجربو، ڪا بهتر ڪارڪردگي جو انعام، ڪو سٺو دوست يا ڪا بہ ٻي شيءِ هن اُڃ کي نہ لاهي سگھي ٿي۔ زندگي جي هي اُڃ فقط اهو ئي لاهي سگھي ٿو جيڪو کوھ تي ويٺو هو۔ عورت کي هي ڳالهہ سمجھہ ۾ آئي۔

سامري عورت: ”مون کي هي پاڻي ڏي، ۽ مون کي ٻيهر ڪڏهن بہ هن کوھ تي اچڻ جي ضرورت نہ پوندي۔“

يسوع: ”وڃ پنهنجي مڙس کي وٺي اچ۔“

سامري عورت: ”منهنجي شادي ناهي ٿي۔“

يسوع: ”مان ڄاڻان ٿو تون پنج مردن سان شادي ڪري چڪي آهين۔ ۽ اهو ماڻهو جنهن سان تون هن وقت رهي رهي آهين اهو تنهنجو مڙس ناهي۔“

يسوع هن جي باري ۾ سڀ ڪجھہ ڄاڻندو هو۔ ان هوندي بہ يسوع هن کي نظرانداز نہ ڪيو۔

سامري عورت: ”خدا توکي موڪليو آهي۔ مان ڄاڻان ٿي تہ نجات ڏيندڙ ايندو۔“

يسوع: ”اهو مان ئي آهيان۔“

يسوع هن جا گناهہ معاف ڪري ڇڏيا ۽ کيس نئين زندگي ڏني، خوشگوار زندگي۔ خوشيءَ ۾ ان عورت پنهنجو گھڙو اتي ئي ڇڏي ڀڄندي واپس شهر وئي۔

هن سڀني کي دعوت ڏني تہ هو يسوع وٽ اچن۔

۽ مان اوهان کي دعوت ڏيان ٿي۔ يسوع وٽ اچو۔ پوءِ اوهين بہ اهوئي چوندا جيڪو سامريا جي ماڻهن چيو:

ٻار: ”هاڻي منهنجو ايمان يسوع تي آهي۔ پر ان لاءِ نہ جو توهان چيو؛ پر انهيءَ لاءِ جو مان پاڻ هن کي ڄاڻي ورتو ٿو۔“


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، سامري عورت، يسوع، ٻار

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 31, 2025, at 02:27 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)