Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 127 (Too late)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

721. تمام گهڻو دير سان


اهي ڪناري تي پهتا ۽ آخرڪار ٻيڙي مان ٻاهر نڪتا۔ يائير کي يسوع جي تمام گھڻي ضرورت هئي۔ هو رش ۾ ڌڪا ڏيندو اڳتي وڌيو ۽ يسوع جي پيرن تي ڪري پيو۔

يائير: ”منهنجي ڌيءَ مرڻ تي آهي۔ جلدي مون سان گڏ هل۔ مهرباني ڪري پنهنجا هٿ هن طرف طرف وڌا تہ جيئن هوءَ بچي وڃي۔“

يسوع هن سان گڏ هليو۔ انهن کي جلدي ڪرڻي هئي۔ يسوع ڇو اوچتو رڪجي ويو؟

يسوع: ”مون کي ڪنهن هٿ لاٿو آهي؟“

مرد: ”مون تہ نہ۔ هر ڪو ڌڪا ڏئي رهيو آهي۔“

يسوع پوئتي مُڙيو ۽ هڪ عورت جي طرف ڏٺو جيڪا سندس پوئتي بيٺي ڏڪي رهي هئي۔

عورت: ”مان صرف اوهان جي ڪپڙن کي هٿ لائڻ چاهيان ٿي۔ مان ٻارهن سالن کان بيمار آهيان۔ مون کي ڪوبہ طبيب يا ڪا دوا ٺيڪ نٿي ڪري سگھي۔ مون پنهنجا سڀ پئسا بہ لڳايا آهن تہ جيئن مان ٺيڪ ٿي وڃان۔ پر جڏهن مون اوهان جي ڪپڙن کي هٿ لاٿو، تہ مون کي فوري شفا ملي وئي!“

يسوع: ”تنهنجي ايمان توکي چڱو ڪيو آهي۔ ڊڄ نہ!“

ايمان مدد ڪري ٿو! جيڪڏهن اوهين يسوع تي ايمان رکندا تہ توهان کي بہ مايوسي نہ ٿيندي۔ يا توهان ڇا ٿا سمجھو تہ توهان سان ڪڏهن ائين ٿي سگھي ٿو؟

پيغام ڏيندڙ: ”يائير ڪٿي آهي؟ يائير، مون وٽ تون لاءِ هڪ بري خبر آهي: تنهنجي ڌيءَ مري چڪي آهي۔“

هوءَ صرف ٻارهن سال جي هئي۔ يائير جو ايمان بلڪل ختم ٿيڻ جي ويجھو هو، جيئن هوا ۾ ميڻ بتي۔

يسوع: ”ڊڄ نہ، پر مون تي ڀروسو رک!“

يسوع جي انهن لفظن هڪ دفعو ٻيهر هن جي ايمان کي تازو ڪري ڇڏيو۔ پوءِ انهن کي يائير جو گھر نظر آيو۔ ڪوبہ ان گلي جي پوري رستي تي هلندي انهن جي روئڻ جي آواز ٻڌي سگھندو هو۔

يسوع: ”توهان ڇو روئي رهيا آهيو؟ ٻارڙي مري ناهي۔“

هر ڪنهن يسوع جو مذاق اُڏايو۔ انهن سڀني پنهنجي اکين سان ڏٺو هو۔ يسوع هر ڪنهن کي پري ڪيو۔ صرف ڇوڪرِي جا ماءُ پيءُ ۽ يسوع جي ٽن ويجھن دوستن کي اجازت هئي تہ اهي اندر اچي وڃي سگھن ان ڪمري ۾ جتي هوءَ سُتي هئي۔ ان ڪمري ۾ تمام گھڻي خاموشي هئي۔ ڇا يائير کي يسوع جا اهي لفظ ياد آيا هوندا: ”ڊڄ نہ۔ پر مون تي ڀروسو رک۔“ ۽ ان وقت هو ٻيو ڇا سوچيو سگھي ٿو؟

يسوع هلندي ان مئل ڌيءَ جي کٽ جي ويجھو ويو ۽ هن جو هٿ پڪڙيو۔

يسوع: ”تليٿا قُومي! ڌيءَ اٿ بيهہ!“

والدين ڏٺو تہ ڪيئن ڇوڪرِي پنهنجيون اکيون کوليون ۽ کٽ تان لهي بيٺي۔

يسوع: ”ان کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو۔“

خداوند چيو آهي، اهو ئي آهي جيڪو بيمارن کي شفا ۽ مئلن کي جيئرو ڪري سگھي ٿو۔

يسوع سڀ ڪجھہ ڪري سگھي ٿو! صرف هڪ شيءِ کان علاوہ: تہ هو انهن کي نا اميد نٿو ڪري سگھي جيڪي ان تي ڀروسو ڪن ٿا۔

انهيءَ ڪري، اوهان جي زندگي ۾ ڪجھہ بہ ٿئي: ڊڄو نہ، پر ان تي ڀروسو رکو!


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، يائير، يسوع، مرد، عورت، پيغام ڏيندڙ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 31, 2025, at 02:21 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)