Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 121 (Tracks in the snow 5)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

121. برف ۾ رستو 5


انيتا هڪ ڪتاب پڙهي۔ پر ان جو ڌيان ٻئي هنڌ هو۔

انيتا: ”ڏاڏِي، مان سومهڻ وڃي رهي آهيان۔ شب بخير۔“

پر هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ نہ وئي: بلڪہ هوءَ ٻاهر وئي ۽ اونهي برف ۾ هلڻ لڳي۔ جڏهن هوءَ ترڪي ڪري ڪري پئي تہ سندس پير ۾ ڌڪ لڳي پيو هاڻي هن لاءِ وڌيڪ هلڻ بہ مشڪل ٿِي ويو۔

انيتا (روئندي): ”هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ جيستائين منهنجي باري ۾ ڪنهن کي خبر پوندي، تيسين تہ مان برف ۾ ڄمي ويندس۔“

هوءَ برف ۾ ويهي وٺي روئندي رهي۔ آسمان ۾ تارا چمڪي رهيا هئا۔ انيتا مٿي ڏٺو۔ ڇا خدا هن کي بچائيندو، ايتري قدر جو هن لوقس سان تمام خراب سلوڪ رکيو هو؟

پوءِ هن اسڪيٽينگ جي آواز ٻڌي۔

انيتا: ”مدد ڪريو! مدد ڪريو! لوقس، ڇا هي تون آهين؟ مهرباني ڪري منهنجي مدد ڪر۔ منهنجي پير ۾ ڌڪ لڳو آهي۔“

لوقس: ”مان برف واري گاڏي وٺي اچان ٿو۔ هيءُ منهنجو جيڪٽ رک جيس تائين مان واپس نہ اچان۔“

جڏهن هوءَ وري اڪيلي هئي، تہ هن پنهنجي پوري دل سان دعا ڪئي۔

انيتا: ”پيارا خداوند يسوع، مان گنهگار آهيان ۽ مون کي تنهنجي ضرورت آهي۔ مهرباني ڪري منهنجا سڀ گناه معاف ڪر۔ مان تنهنجي ڌيءَ بڻجڻ چاهيان ٿي۔ ۽ هيءُ سڀ ان ڪري ناهي تہ مان هن وقت مصيبت ۾ آهيان۔ آمين۔“

لوقس برف واري گاڏي ۽ ڪمبل وٺي واپس اچي ويو۔

انيتا: ”لوقس، مان توکي ڪجھہ ٻڌائڻ چاهيان ٿي۔ اها آءُ هيس جنهن تنهنجو ننڍو گھوڙو ٽوڙيو هو۔ يسوع مون کي معاف ڪيو آهي۔ تون بہ مهرباني ڪري مون کي معاف ڪر۔ هاڻي مان توسان نفرت نٿي ڪريان۔“

لوقس: ”مون کي لڳو بہ هو تہ اها تون ئي ڪيو هوندو۔ مون کي ٻڌائڻ لاءِ مهرباني۔ مان توکي معاف ڪريان ٿو۔“

انيتا پنهنجي گھر ۾ محفوظ هئي، ۽ ٻئي دروازي تي لوقس دعا ڪئي۔

لوقس: ”خداوند يسوع، مهرباني ڪري مون کي هڪ رستو ڏيکاريو جنهن سان مان انيتا کي اهو ثابت ڪري سگھان تہ ڊيني جي حادثي بابت شرمندگي محسوس ڪريان ٿو۔“

پوءِ کيس شهر واري ڊاڪٽر جو خيال آيو۔ ڇا هو ٻيهر ڊيني جي ٽنگ کي مڪمل ٺيڪ ڪري سگھندو؟ رات جي وقت، ۽ برف جي طوفان جي وچ ۾، لوقس خطري جي باوجود اسڪيٽنگ جي مدد سان برف تي ترڪي شهر ڏانهن هيٺ لهي ويو۔ ٿڪاوٽ جي باوجود هو حفاظت سان پهچي ويو، جڏهن تہ ائين ڪرڻ خطري کان خالي نہ هو۔ پر هن جي هي حرڪت وڏي قدر لائق هئي۔ ڊاڪٽر مدد ڪرڻ چاهيندو هو۔ ڊيني کي ڊگھي عرصي تائين اسپتال ۾ رهڻو پيو، پر جڏهن هو گھر آيو، تہ تمام گھڻي خوشي هئي۔ هو ٻيهر هلڻ لڳو! لوقس کي اچڻ جي دعوت ڏني وئي۔ هو تمام گھڻو خوش هو جڏهن هن ڊيني کي بغير سهاري جي هلندي ڏٺو۔

ڊاڪٽر: ”ڊيني، توکي لوقس کي مهرباني چوڻ گھرجي۔ هن پنهنجي جان کي خطري ۾ وڌو جڏهن هو مون سان ملڻ آيو۔“

لوقس: ”هي ڪرڻ لاءِ مان اڪيلو نہ هيس۔ يسوع مون کي رستو ڏيکاريو هو، ۽ هن منهنجي مدد ڪئي تہ مان هي ڪري سگھان۔“

۽ سندس پراڻو دوست جيڪو جبلن ۾ آهي، هن هر شيءِ لاءِ پئسا ڏنا۔ پر هو لوقس جو راز بڻجي رهيو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، انيتا، لوقس، ڊاڪٽر

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 31, 2025, at 09:56 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)