Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 122 (Peter's life in danger)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

221. پطرس جي جان کي خطرو


گھڻي دير تائين روشني بند هئي، پر مريم جي گھر ۾ اڃا تائين روشني ٿِي رهي هئي۔ هن وٽ مهمان آيل هئا۔ ۽ انهي جو سبب هڪ اداسي هئي: پطرس جيل ۾ هو۔ هن يسوع جو ذڪر ڪيو هو، ۽ هيروديس جي نظر ۾، هي هڪ خطرناڪ جرم هو۔ ڇا هي پطرس جي آخري رات هوندي؟ سندس دوستن اميد نہ ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ خدا معجزا ڪري سگھي ٿو۔ ڏينهن ۽ رات هنن دعا ڪئي۔

عورت: ”خداوند يسوع، مهرباني ڪري پطرس کي مرڻ کان بچايو۔“

مرد: ”توهان معجزا ڪري سگھو ٿا۔ اسان جو ڀروسو توهان تي آهي۔“

۽ پطرس؟ ڇا توهان جيل ۾ هڪ نظر ڏسڻ چاهيندا؟ بائبل هڪ دري وانگر آهي جنهن جي ذريعي اسان ڏسي سگھون ٿا تہ ماڻهو ايترو وقت پيهرين يسوع سان ڪيئن رهندا هئا۔

ڇوڪرو: ”پطرس سُتل آهي! هو پنهنجي ڦاسي کان هڪ ڏينهن اڳ ڪيئن سمهي سگھي ٿو؟“

ڇوڪرِي: ”هن کي ٻن سپاهين سان گڏ زنجيرن سان ٻڌو ويو آهي۔“

ڇوڪرو: ”۽ ٻہ ٻيا ورِي دروازي تي بيٺا آهن۔“

پطرس جي زندگي خطري ۾ هئي، ۽ سندس دوست لڳاتار هن لاءِ دعا ڪندا رهيا۔ پر هو سوچي بہ نٿا سگھن تہ ان رات جيل ۾ ڇا ٿيڻ وارو هو۔ اوچتو تمام گھڻي روشني ٿي وئي۔ پطرس وٽ هڪ فرشتو اچي بيٺو۔

فرشتو: ”پطرس، اُٿِي بيهہ۔ پنهنجا جوتا پائي پنهنجو چوغو وٺ ۽ منهنجي سان گڏ هل۔“

پطرس فرشتي جي پويان هلڻ لڳو اهڙيءَ ريت ڄڻ تہ خواب ۾ هلي رهيو هجي۔ ڪا بہ زنجير کيس روڪي نہ سگھي، ڪنهن بہ سپاهي سندس هلڻ جي آوازي نہ ٻڌي۔ اهو وڏو لوهي دروازو اڻ ڏٺي هٿ سان کلي ويو۔ ۽ پوءِ فرشتو غائب ٿي ويو۔ خدا معجزا ڪري سگھي ٿو!

پطرس: ”مان آزاد آهيان! خدا فرشتو موڪلي مون کي هيروديس جي قيد مان ڇُٽڪارو ڏياريو آهي۔“

پطرس ڀڄي مريم جي گھر ويو۔ (کڙکڙائڻ جي آواز)

رُدي: ”ڪير؟“

پطرس: ”مان آهيان پطرس۔“

رُدي هن جي آواز ٻڌي ايتري خوش ٿي جو دروازو کولڻ ئي وساري ويٺي۔ هوءَ ڀڄي سڀني وٽ وئي۔

رُدي: ”پطرس دروازي تي بيٺل آهي!“

مرد: ”تون پاڳل ٿي وئي آهين۔ هي ناممڪن آهي۔“

رُدي: ”هي سچ آهي! مون هن جو آواز سڃاتو آهي۔“ (کڙکڙائڻ جي آواز)

پطرس: ”کوليو!“

مرد: ”هي ضرور پطرس ئي آهي۔ خدا معجزو ڪيو آهي!“

(دروازو کولڻ جي آواز)

عورت: ”پطرس، تون جيل مان ٻاهر ڪئين آئين؟“

پطرس پنهنجي دوستن کي سڀ ڪجھہ ٻڌايو۔

خدا معجزا ڪري سگھي ٿو ۽ دعائن جا جواب ڏئي سگھي ٿو اهڙي نموني سان جيڪا اسان کي حيران ڪري ڇڏين ٿا۔

اڄ بہ هو وڏا ۽ ننڍا معجزا ڪندو رهي ٿو۔ ان تي يقين رکو!


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، عورت، مرد، ڇوڪرو، ڇوڪرِي، فرشتو، پطرس، رُدي

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 31, 2025, at 10:01 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)