Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 120 (The newcomer 4)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

021. نئون ماڻهو 4


لوقس حيران هو۔ هن جي بهترين ڪاريگرِي سان ٺاهيل شيءِ جو ٽڪرو زمين تي ٽٽل پيو هو۔ هاڻي هو ڪڏهن بہ انعام نٿو کٽي سگھي۔ لوقس، هڪ ٻاهريان آيل ڇوڪرو هو، هو ٻين جي سامهون اهو ثابت ڪرڻ چاهيندو هو تہ هو بہ ڪنهن شيءِ ۾ ماهر آهي۔ پر هاڻي سندس ڪاريگرِي سان ٺاهيل شيءِ جو ٽُٽيل پئي هئي۔

لوقس کي انيتا تي شڪ هو۔ پر هو اهو ثابت نٿو ڪري سگھي۔

هاڻي هو اڪثر پنهنجي سوئيزرلينڊ واري گھر جي جبلن جي چوٽي تي چڙهي ويندو هو۔ ۽ هو اڪثر اڪيلو هڪ وڻ تي ويهي رهندو هو ۽ ڪجھہ ٺاهيندو رهندو هو۔

مرد: ”تون هڪ سٺو ڪاريگر آهين۔“

حيران ٿِي لوقس آسي پاسي ڏٺو۔ اهو ضرور اهو پوڙهو هوندو جيڪو پنهنجي جھونپڙي ۾ رهندو آهي۔ ڳوٺ ۾ هر ڪو ڪري ان جي باري ۾ لِڪي ڳالهيون ڪندو آهي۔ پر ان مرد جي دوستانہ اکين لوقس کي يقين ڏياريو تہ هو ان تي يقين ڪري سگھي ٿو۔

مرد: ”مون سان گڏ هل ۽ مان تو کي منهنجي ڪاريگري سان ٺاهيل شيون ڏيکاريان ٿو۔“ (دروازي جي آواز)

لوقس: ”زبردست! ڇا هي سڀ مجسما توهان ٺاهيا آهن؟“

مرد: ”ڪڏهن نہ ڪڏهن تون بہ اهڙا ئي مجسما ٺاهي سگھندين۔ شايد هڪ دوست لاءِ۔“

لوقس: ”منهنجو ڪو بہ دوست نہ آهي۔“

مرد: ”پوءِ تہ تون ٿورو عجيب آهين۔ ڇا تون مون کي پنهنجي مسئلي بابت ٻڌائڻ چاهيندي؟“

لوقس: ”ڊيني منڊو آهي۔ هر ڪو سوچي ٿو تہ مون هن کي نالي ۾ ڌڪو ڏنو هو۔ هر ڪو مون کان نفرت ڪري ٿو۔ انيتا سڀ کان وڌيڪ نفرت ڪري ٿي۔ ۽ مان ان کان نفرت ڪندو آهيان۔“

مرد: ”سڀ کان پنهنجي زندگي ۾ غلط ڪم ٿِي ويندا آهن، بلڪل مان بہ۔ مون تي تمام گھڻو قرض هو شراب ۽ جوا جي ڪري۔ جڏهن مون هڪ بينڪ ۾ چورِي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ جھلجي ويس۔ ۽ آءُ ماڳين تباهہ ٿِي ويو هيس۔“

لوقس: ”۽ تمام اڪيلا بہ؟“

مرد: ”مان اڃا تائين اڪيلو آهيان۔ پر جڏهن مان جيل مان نڪتس، مون يسوع سان گڏ هڪ نئين زندگي شروع ڪئي۔“

لوقس: ”ڇا توهان جا ڪي مائٽ آهن؟“

مرد: ”منهنجي زال مري چڪي آهي۔ ۽ منهنجا ٻہ پٽ سمجھن ٿا تہ مان بہ مري چڪو آهيان۔ هڪ ڪاروبار ڪري ٿو ۽ ٻيو هڪ مشهور ڊاڪٽر آهي۔ هن ڪيترن ماڻهن کي ٻيهر هلڻ ڦرڻ جي قابل بڻايو آهي۔ هو هن وقت شهر جي اندر هڪ هوٽل ۾ رهي ٿو۔“

لوقس جي پنهنجي دماغ ۾ سوچون اُلٽ پلٽ ٿي رهيون هيون۔ ڇا توهان سوچي سگھو ٿا تہ هن جي دماغ ۾ ڪهڙو منصوبو ٺهي رهيو هو؟ پوڙهي مرد محبت سان پنهنجو هٿ ڇوڪري جي ڪلهي تي رکيو۔

مرد: ”لوقس، تو مون تي ڀروسو ڪري پنهنجي پريشاني مون کي ٻڌائي۔ ڇا تون پنهنجي حسد بابت خداوند يسوع سان ڳالهائڻ چاهين ٿو؟ ۽ ڇا ان کي چوڻ چاهين ٿو تہ هو هر شيءِ ٺيڪ ڪري؟“

لوقس جي چهري تي لُڙڪ وهي رهيا هئا ۽ هن کي اِنهي بابت ڪا شرمندگي نہ ٿِي رهي هئي۔ هن خداوند يسوع کان معافي گھريائين۔ سندس دل سڀني گناهن کان پاڪ ٿي چڪي هئي۔

هي ماڳين سولو آهي۔ نہ رُوڳو لوقس لاءِ پر توهان لاءِ بہ۔

۽ انيتا؟ توهان ايندڙ ڊرامي ۾ ان جي باري ۾ ٻڌندا۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، لوقس، مرد

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 31, 2025, at 09:51 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)