STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 119 (Danni fell 3) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 911. ڊيني ڪرِي پيو 3ڏاڏِي باورچي خاني واري گھڙيءَ ڏانهن ڏٺو۔ ڊينيءَ کي اڃا تائين گھر اچي وڃڻ گھرجي ها۔ هوءَ خاموشيءَ سان دعا ڪري رهي هئي جڏهن انيتا ۽ هن جو پيءُ جبل تي ڊينيءَ کي ڳولهڻ لاءِ چڙهي رهيا هئا۔ پيءُ: ”ڊيني! ڊيني، ڇا تون اسان کي ٻڌي سگھين ٿو؟“ انيتا: ”بابا، ضرور لوقس ڪجھہ ڪيو هوندو۔ مان ڍوڙِي وڃي ان کان پڇان ٿي۔“ انيتا ڀڄندي پاڙيسري جي گھر وئي ۽ پوءِ گودام ۾ وئي۔ جھنگلي ٻليءَ وانگر هوءَ ڏاڪڻ تي چڙهي ۽ لوقس کي جھلي ورتو، جيڪو روئي رهيو هو۔ انيتا: ”ڊيني ڪٿي آهي؟ تو ڇا ڪيو آهي ان سان؟“ لوقس: ”مونکي خبر نہ آهي هو ڪٿي آهي۔ اهو منهنجو ڏوهہ نہ هو۔“ انيتا: ”تنهنجو ڇا ڏوهہ نہ هو؟ مونکي ٻڌاءِ هو ڪٿي آهي نہ تہ مان پوليس کي گھرائيندس۔“ لوقس: ”ڊيني مري چڪو آهي۔“ انيتا جو چهرو ماڳين اڇو ٿي ويو۔ پوءِ هوءَ لوقس جي پٺيان ڊوڙندي وئي جيڪو ان کي انهيءَ نالي وٽ وٺي ويو جتي ڊيني ڪري پيو هو۔ هن جو پيءُ رسي جي مدد سان هن سوڙهي نالي ۾ لٿو۔ ۽ ڊيني ان کي پٿر تي ليٽيل مليو، هن جِي ٽنگ تمام بُري طرح سان ٽٽي وئي هئي۔ پيءُ: ”ڊيني زندہ آهي! هو ماڳين هيٺ نہ ڪريو آهي ۽ پاڻي ۾ نہ ٻڏيو آهي۔“ انيتا پنهنجي پيءُ کي انهيءَ سوڙهي نالي مان ڊينيءَ سان گڏ ٻاهر ايندي ڏٺو، پر ان ٻليءَ جي ٻچي کي بہ بچائي ورتو۔ خدا ڊيني جي زندگي بچائي ورتي۔ پر اسپتال ۾ سندس چڱيءَ طرح سنڀال ڪرڻ جي ڪري هو صرف لٺ جي مدد سان هلي سگھندو هو۔ انيتا: ”لوقس ڏوهاري آهي!“ ڇا انيتا صحيح هئي؟ هوءَ لوقس سان نفرت ڪندي هئي ۽ هوءَ وڌيڪ کان وڌيڪ اُداس ٿي وئي۔ سندس دل ۾ ڪا بہ جاءِ نہ هئي انهن ڳالهين لاءِ جيڪي سندس پيءُ رات جو بائبل مان پڙهي ٻڌائيندو هو۔ هن کي انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪا بہ دلچسپي نہ هئي تہ يسوع سڀني سان محبت ڪندو آهي ۽ اسان کي اسان جي حسد لاءِ معاف بہ ڪندو۔ معاف؟ نہ۔ هوءَ تہ بدلو وٺڻ چاهيندي هئي۔ هڪ ڏينهن، انيتا کي پنهنجي پاڙيسرين جي دروازي تي تمام خوبصورت تراشيل ننڍڙو گھوڙو مليو۔ هن ان جي ڳچيءَ جي وارن ۽ کُرن جي تمام گھڻي تعريف ڪئي۔ اهو تمام زبردست بڻايل هو۔ انيتا: ”منهنجو خيال نہ آهي تہ لوقس ان لائق آهي۔ هو ضرور اسڪول جي مقابلي ۾ پهريون انعام کٽڻ چاهي ٿو۔ پر مان اهو ٿيڻ نہ ڏيندس۔“ (ڪاٺ جي زمين تي ڪرڻ جي آواز، پيرن سان لتاڻڻ جي آواز) هڪ ڌڪ سان هن اها ڪاريگرِي سان ٺهيل شيءِ زمين تي اڇلائي ۽ لتاڙي لتاڙي ان جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا۔ سندس دل ۾ تمام گھڻو حسد هو جيڪو انهيءَ وقت ٻاهر آيو۔ انيتا کي خبر هئي تہ هن جي هي خودغرضي غلط آهي، پر هن سوچيو: لوقس مون کان وڌيڪ خراب آهي۔ هوءَ خاموشيءَ سان اتيان نڪري وئي۔ ۽ ايندڙ ڊرامو توهان کي ٻڌائيندو تہ ان کانپوءِ ڇا ٿيو۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، پيءُ، انيتا، لوقس ynamreG FEC :thgirypoC © |