STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 103 (The voice of the unseen 3) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 301. اڻ ڏٺيَ جي آواز 3عجب ٻرندڙ ٻوڙو (باهہ جي ٻرڻ جو آواز)۔ باهہ تہ ڀڙڪي رهي هئي پر ٻوڙو ٻري نہ رهيو هو۔ موسا آهستي آهستي هلندي ويجھو ويو۔ هو ڪنهن بہ قيمت تي هن عجب واري ڳالهہ کي سمجھڻ چاهيندو هو۔ موسا: ”اهو تہ تمام عجيب آهي۔ اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو تہ ٻوڙو ٻري بہ نہ پيو؟“ خدا: ”موسا! موسا!“ ڪنهن هن جو نالو سڏيو۔ پر پري پري تائين ڪو بہ نظر نہ پئي آيو۔ خدا: ”موسا!“ موسا: ”ها۔ مان هتي آهيان۔“ خدا: ”ويجھو اچ۔ پنهنجا جوتا لاهي ڇڏ۔ ڇو تہ جنهن هنڌ تي تون بيٺو آهين اهو پاڪ آهي۔ مان تنهنجو خدا آهيان، جنهن تي تنهنجو پيءُ ايمان رکندو هو۔“ موسا حيران ٿي ويو۔ خدا اتي موجود هو! ٻرندڙ ٻوڙي جي وچ ۾۔ موسا گھڻي دير تائين ڏسي نہ سگھيو۔ هن ڪپڙن سان پنهنجو منهن ڍڪي ڇڏيو۔ هن کي خداوند جي آواز بلڪل صاف ٻڌڻ ۾ آئي۔ خدا: ”مان مصر ۾ اُها ڏک ڏٺا آهن جيڪو فرعون منهنجي ماڻهن کي ڏي ٿو۔ مان انهن ماڻهن جي مدد جون پڪارون ٻڌيون آهن۔ هاڻي مان انهن کي آزاد ڪرائڻ وارو آهيان ۽ انهن کي هڪ تمام سٺي ملڪ ۾ وٺي ويندس۔ موسا، مون کي تنهنجي ضرورت آهي۔ تون فرعون وٽ وڃ ۽ منهنجي ماڻهن کي غلاميءَ مان آزاد ڪر۔“ موسا: ”مان؟ مان ڀلا ڇو؟ مان نہ ٿو ڪري سگھان۔“ موسا وٽ سئو قسم جا بهانا هئا۔ هو اهو سوچي بہ نہ ٿي سگھيو تہ خدا کيس استعمال ڪري سگھي ٿو۔ پر خدا هن جي باري ۾ تمام سنجيدہ هو۔ موسا لکين ماڻهن کي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ وارو هو۔ توهان وٽ ۽ مون وٽ بہ هڪ آزاد ڪندڙ آهي۔ ڇا توهان کي هي خبر آهي؟ ها بلڪل، اسين مصر ۾ غلام ناهيون۔ پر ڪو آهي جيڪو اسان کي گناهہ ڏانهن وٺي وڃي ٿو۔ شيطان۔ هو ماڻهن کي غلاميءَ ۾ وٺي وڃي ٿو ۽ نٿو چاهي تہ هو آزاد ٿين۔ پر يسوع اسان جو مضبوط آزاد ڪندڙ آهي۔ هن شيطان تي فتح حاصل ڪئي۔ يسوع تي ايمان رکڻ اسان کي آزاد ڪرائي سگھي ٿو۔ مان توهان لاءِ اها ئي خواهش رکندي آهيان۔ خدا اسان کي آزاد ڪرائڻ چاهي ٿو۔ تنهنڪري هن يسوع کي اسان وٽ موڪليو ۽ موسا کي مصر موڪليو۔ خدا موسا کي ان جي مقرر ڪيل ڪم لاءِ مضبوط بڻايو ۽ ان کي معجزا ڪرڻ لاءِ طاقت ڏني۔ پر سڀ کان سٺو تحفو ان جو وعدو هو۔ خدا چيو: ”موسا، ڊڄ نہ۔ مان تون سان گڏ هلندس ۽ تنهنجي مدد ڪندس۔ تنهنجو ڀاءُ بہ تون سان گڏ ويندو۔ هو اڳ ۾ ئي سفر تي نڪري چڪو آهي۔ اٿي بيهہ ۽ وڃ۔“ خدا موسا سان گڏ ويو۔ اهو ئي ڪافي هو۔ ڇا موسا اسرائيلي ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ ۽ انهن کي مصر مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيو؟ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، موسا، خدا ynamreG FEC :thgirypoC © |