STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 102 (Out in the open 2) This page in: -- Albanian -- Arabic? -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 201. ٻاهر کليل جڳهہ تي 2هي خدا جو معجزو هو جو ٻار اڃا تائين زندہ هو۔ فرعون حڪم ڏنو هو تہ سڀ اسرائيلي ٻار نيل درياءَ ۾ اڇلايا وڃن۔ پر جڏهن سندس ڌيءُ، شهزادي، کي هڪ ٻار ٽوڪري ۾ نيل درياءَ مان مليو تہ هن کي ان ٻار تي رحم آيو۔ شهزادي ان ٻار کي سندس ماءُ حوالي ڪري ڇڏيو تہ جيئن هو ڪجھہ سال ان جي پرورش ڪري سگھي۔ موسىا (ٻار): ”امان، مان اوهان سان گڏ ڇو نٿو رهي سگھان؟ ڇا اوهان مون سان گڏ هلندا؟“ ماءُ: ”نہ منهنجا پيارا ٻار۔ پر آءُ هر پل توکي ياد ڪندي رهنديس۔“ موسا (ٻار): ”هن کان سٺو آهي تہ مان اوهان سان گڏ رهان۔“ پر ان کانپوءِ انهن کي هڪ ٻئي کي خدا حافظ چوڻو پيو۔ شهزادي ننڍي ڇوڪري کي هنج وٺي ڇڏيو ۽ ان جو نالو موسا رکيو۔ موسا بهترين اسڪولن ۾ ويو ۽ تمام سٺي تعليم حاصل ڪئي۔ ان کي اختيار مليو۔ موسا امير ماڻهو ٿي ويو۔ پر پنهنجي دل ۾ هو ڪڏهن بہ هي ڳالهہ نہ وساريي سگھيو تہ هو خدا جي ماڻهن سان تعلق رکي ٿو۔ اهي ماڻهو جيڪي 003 سال کان مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا۔ موسا: ”آءُ بادشاهہ جو پٽ آهيان۔ مون کي جيڪو گھرجي سو مون وٽ آهي۔ مان تمام امير آهيان۔ پر ان مان مون کي ڇا فائدو آهي؟ منهنجي دل چوي ٿِي تہ مون کي پنهنجي ماڻهن جي مدد ڪرڻ گھرجي۔“ موسا پنهنجي مرضي سان سڀ ڪجھہ خدا لاءِ قربان ڪري ڇڏيو۔ عزت جي بجاءِ نفرت ملندي، شهزادي جي بجاءِ غلام بڻايو ويندو۔ انهيءَ سبب هو ان جڳهہ کي ڇڏي ويو۔ ان کان ٿوري عرصي بعد، هن هڪ اسرائيلي کي ڏٺو جنهن کي هڪ مصري ماري رهيو هو۔ موسا آسي پاسي ڏٺو ۽ جڏهن هن ڏٺو تہ ڪو نہ آهي تہ هن مصري کي ايترو ماريو جو هو مري ويو ۽ هن جي لاش کي ريگستان جي وارِي ۾ دفن ڪري ڇڏيو۔ خدا موسا کي استعمال ڪرڻ چاهيو ٿي تہ جيئن هو سندس ماڻهن کي غلامي کان آزاد ڪرائي، پر هن طريقي سان نہ۔ ماڻهن کي ان جي باري ۾ خبر پئجي وئي۔ ۽ فرعون کي بہ خبر پئجي وئي ۽ هو موسا کي مارڻ چاهيندو هو۔ پر موسا ڪنهن ٻي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو۔ ڇا هاڻي گھڻي دير نہ ٿي وئي هئي؟ ڇا خدا موسا جھڙي قاتل کي استعمال ڪري سگھي ٿو؟ (رڍن جي آواز) 04 سالن جي وڏي عرصي تائين، موسا ڪنهن ٻئي شخص جي رڍيون چاريندو رهيو۔ جڏهن هو رڍن کي وٺي سرسبز ميدانن ۾ ويندو هو تہ هن وٽ سوچڻ لاءِ گھڻو وقت هوندو هو۔ هن خدا کي نہ وساريو هو ۽ نہ وري خدا هن کي نہ وساريو هو۔ اوچتو موسا حيرانيءَ سان سڌو بيهي رهيو۔ موسا: ”ناممڪن! هي بلڪل ناممڪن آهي۔ هڪ ٻرندڙ ٻوڙو۔ باهہ لڳل آهي۔ پر هي تمام عجيب آهي - ڇو تہ ٻوڙو ٻري ئي نہ رهيو آهي۔“ ٻرندڙ ٻُوڙي جو راز ايندڙ ڊرامي ۾ ٻڌايو ويندو۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، موسا (ٻار)، ماءُ، موسا ynamreG FEC :thgirypoC © |