Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 027 (Jesus dies on the cross)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

72. يسوع صليب تي مري ٿو


ٻار: ”منهنجي خيال ۾ هي غلط ڳالهہ آهي تہ يهوداہ يسوع کي ڌوکو ڏنو۔“

ٻار: ”يسوع انهن سان جيهڙو ڇو نہ ڪيو؟ هو پنهنجو پاڻ کي ڇڏائي سگھندو هو۔“

هي سچ آهي تہ هو ائين ڪري سگھندو هو، پر هي انهي طرح ٿيڻو هو۔

ٻار: ”مون کي هي ڳالهہ سمجھہ نہ آئي۔“

خدا جو پٽ دنيا ۾ آيو تہ جئين اسان جي گناهن جي لاءِ پنهنجي جان ڏي۔ نافرماني ۽ گناهہ جي ڪري هر انسان خدا سان پري آهي۔ ۽ گناهہ جي مزدوري موت آهي۔ يسوع گناهن جي سزا کي پاڻ تہ وٺڻ چاهيندو هو۔ تہ جئين انسان جو خدا سان وري رشتو بحال ٿي سگھي۔

ٻار: ”اڇا، هاڻ مون کي سمجھہ آئي۔“

جج آخري فيصلو ڪيو۔ جڏهن بہ پوري قوم مصر کان آزادي وارو ڏينهن ملهاندي هئي، انهي ڏينهن تي جج هڪ قيدي کي آزاد ڪندو هو۔

پلاطس: ”هن سال مون کي ڪيهڙي قيدي کي آزاد ڪرڻ کپي؟ يسوع يا برابا؟“

اصل ۾ پلاطس يسوع کي آزاد ڪرڻ چاهيندو هو ۽ برابا کي نہ، انهي ڪري هن وري ٻيهر پوچيو۔

پلاطس: ”توهان ڇا ٿا چاهيو تہ آئون ڪنهن کي آزاد ڪيان۔ برابا کي يا يسوع کي؟“

ماڻهون: ”اسان چاهيون ٿا تہ توهان برابا کي آزاد ڪريو؟“

پلاطس: ”پوءِ مون کي يسوع سان ڇا ڪرڻ کپي؟“

ماڻهون: ”انهي کي صليب ڏيو! انهي کي صليب ڏيو!“

پوءِ ائين ئي ٿيو، خدا جي پٽ ڪاٺ جي وزني صليب پنهنجي رت سان تر ٿيل پٺ تي کنئي۔ هو گلگتہ جي ٽڪري طرف هلندو رهيو۔ تہ جئين اسان جي گناهن جي ڪري هو پنهنجي جان ڏي۔ هن اسان جي موت جيڪا اسان کي ملڻ کپي ها سو پاڻ تي کنئي۔ هو ڇهہ ڪلاڪ تائين صليب تي ٽنگائل رهيو۔ مرڻ کان پيهرين هن دنيا جا سڀ ضروري ٽي لفظ چيا۔

يسوع: ”هاڻي پورو ٿيو۔“

پوءِ هن پنهنجيون اکيون بند ڪيون ۽ پوري دنيا جي گناهن جي ڪري پنهنجي جان ڏئي ڇڏي۔

جيڪو بہ يسوع تي ايمان آڻي ٿو هن جو خدا سان رشتو بحال ٿي وڃي ٿو ۽ هو هميشہ جي زندگي ماڻي ٿو۔ ڇا توهان هن تي ايمان رکو ٿا؟

جڏهن خدا جي پٽ پنهنجي جان ڏني، آسمان ۾ اونڌاهہ ٿي ويو۔ ٻنپهرن جو وقت هو! ۽ زلزلي سان هر شي ڏڪي وئي۔ فوجي صوبيدار حيران ٿي ويو ۽ چيو:

فوجي صوبيدار: ”واقعي هي خدا جو پٽ هو!“

شام جو وقت، يسوع کي قبر ۾ رکيو ويو۔ پر هو اُتي نہ رهيو، ڀلي ڳالهہ اڳتي آهي۔

آئون اڳين ڍرامي ۾ سڀ ڪجھہ ٻڌايندس۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ٻہ ٻار، پلاطس، ماڻهون، يسوع، فوجي صوبيدار

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 08:44 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)