Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 026 (A friend betrays Jesus)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

62. هڪ دوست يسوع کي ڌوڪو ڏئي ٿو


دوست يا دشمن؟ توهان ڇا ٿا سوچيو؟

هو تڪڙو تڪڙو يروشلم جي تنگ رستن سان مٽندو ويو۔ پريشاني ۾ هن واپس ڦري ڏٺو ۽ آخرڪار هو سردار ڪاهن جي گھر پهتي ويو۔ بند دروازن جي پويان منصوبا ٺاهيا پي ويا۔ اهي ماڻهون يسوع مارڻ چاهيندا هئا۔ ڪنهن دروازو کوليو ۽ حيران ٿي ويو تہ يسوع جو شاگرد ٻاهر دروازي تي ٻيٺو هو۔

هڪ دوست دشمنن وٽ ويو۔ انهي جو ڇا مطلب آهي؟

يهوداہ: ”توهان مون کي ڇا ڏيندا جي آئون توهان کي هو جگھہ ڏيکاريان جتي توهان يسوع کي پڪڙي سگھو ٿا۔“

انهن سڀن جي چهري تي گستاخي واري مسڪراهت ڏسڻ ۾ پي آئي۔

سردارڪاهن: ”اسان تون کي چاندي جا 03 سڪا ڏينداسون۔“

ترت ئي سودو ٿي ويو۔ يهوداہ خوشي سان محل مان هليو ويو۔

ضمير: ”يهوداہ، تون يسوع جو شاگرد آهين۔ تون ٿورن پئسن جي ڪري يسوع ڌوکو ڪيئن ڏئي سگھين ٿو؟“

هن جي ضمير هن کي گھڻو سمجھايو هوندو۔ ٽن سالن تائين۔ هو هڪ دوست هو، پر هن جو دل يسوع سان پري هو۔ هاڻي هو يسوع کي ڌوکو ڏيڻ لاءِ صحيح موقعي جي تلاش ۾ هو۔ پر يسوع هر ڳالهہ ڄاڻي ٿو۔ هو هر ڪنهن جو اندر ٻاهر ڄاڻي ٿو۔ هي سڀ ڪجھہ ائين ئي ٿيڻو هو۔

يسوع کي خبر هئي تہ هن کي مرڻو آهي، ۽ هن گتسمني باغ ۾ دعا ڪئي۔ اوچتو گھڻو شور ٻڌڻ ۾ آيو، يهوداہ ۽ سپاهي مشعل ۽ تلوارون کڻي پهتي آيا۔

دوست يا دشمن؟

يسوع هڪ ڀيري چيو هو تہ: ”جيڪو مون سان نہ آهي، سو منهنجي خلاف آهي۔“

يسوع کي چمي ڏئي، جيڪا هڪ دوستي جي نشاني هئي، يهوداہ پنهنجي مالڪ کي ڌوکو ڏنو۔

سپاهين بجلي وانڳر تيزي سان يسوع پڪڙيو ۽ قيدي بڻائي وٺي ويا۔

انهن انهي تہ تمام ظلم ڪيا۔ انهن انهي کي ماريو، ڪوڙا هڻيا، هن جي منهن ٿڪيو، پوءِ هو هن بي ڏوهي کي جج وٽ وٺي ويا۔

ڪوڙن شاهدن هن کي مجرم ڪريو۔ هيڪل جو خادم پڻ روئي ڏنو:

هيڪل جو خادم: ”پنهنجي بچاءِ ۾ چوڻ لاءِ تون وٽ ڪجھہ ناهي؟“

يسوع خاموش رهيو ۽ ڪجھہ نہ ڳالهايو۔

سردارڪاهن: ”اسان کي ٻڌا۔ ڇا تون خدا جو پٽ آهين!“

يسوع: ”آئون آهيان۔“

ماڻهون: ”ائين نٿو ٿي سگھي!“

ماڻهون: ”اسان کي هن تي ڀروسو نہ آهي!“

ماڻهون: ”انهي کي ماريو وڃي!“

ماڻهون: ”انهي دور ڪريو!“

ماڻهون: ”هي موت جي لائق آهي!“

هو انهي ڳالهہ تي يقين نٿا ڪرڻ چاهين، ۽ پوءِ؟

اڳين ڍرامي ۾ ڪهاڻي جاري رهندي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري (۽ ضمير)، يهوداہ،سردار ڪاهن، هيڪل جو خادم، يسوع، ماڻهون

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 08:39 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)