STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 028 (The very first Easter) This page in: -- Albanian -- Arabic -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 82. پهريون ايسٽراڄ توهان گھڻي دير کان جاڳي رهيا آهيو؟ مريم ۽ هن جيون ساهيڙِيون صبح سويري اٿيون۔ پر انهن جا دل تمام اداس هئا۔ ڪاش يسوع اڃان زندہ هجي ها، ڪجھہ ڏينهن اڳ يسوع صليب تي پنهنجي جان ڏني۔ جڏهن هو هن باري ۾ سوچ ڪنديون هيون تہ روئينديون هيون۔ هو پرهہ ڦٽڻ وقت يسوع جي قبر تي ويون۔ ساهيڙِي: ”مريم، ڏس تہ پٿر هڪ پاسي ڪيل آهي! هتي هڪ فرشتو آهي!“ فرشتو: ”ڊڄو نہ! مون کي خبر آهي توهان يسوع کي گولهي رهيا آهيو۔ هو هتي ناهي۔ هو جيئرو ٿيو آهي!“ اميد جاڳي پئي! ظاهر آهي يسوع انهن کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو تہ هو پنهنجي جان ڏيندو۔ ۽ پوءِ ٽن ڏينهن کانپوءِ جيئرو ٿيندو۔ هو هي ڳالهہ ڪيئن ويساري سگھنديون هيون؟ فرشتو: ”اچو ۽ ڏسو هن جگھہ کي جتي يسوع کي رکيو هو۔“ عورتون قبر جي اندر ويون ۽ ڏٺو تہ قبر خالي هئي! فرشتو: ”وڃو ۽ شاگردن کي ٻڌايو!“ هو وڏي خوشي ۽ حيراني سان قبر کان واپس ويون۔ يسوع جيئرو آهي! ۽ هو رستي ۾ انهن سان مليو۔ انهن هن کي ڏٺو۔ انهن انهي کي هٿ لاٿو۔ انهن هن سان ڳالهہ ڪئي۔ يسوع: ”ڊڄو نہ! وڃو ٻين کي پڻ ٻڌايو!“ ۽ انهن وڃي ائين ئي ڪيو۔ مريم: ”يسوع جيئرو آهي!“ ساهيڙي: ”هو جي اٿيو آهي!“ مريم ۽ ساهيڙي: ”قبر خالي آهي!“ (پس منظر ساز وڄايا وڃن جڏهن آيت پڙهي وڃي) بائبل ۾ يسوع چوي ٿو تہ: ”قيامت ۽ زندگي تہ آءٌ آهيان. جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ زندہ رهندو۔ ڇا تنهنجو هن ڳالهہ تي ايمان آهي؟“ (يوحنا 11: 52، 62) آئون انهي جملي سان خدا حافظ چوندس جيڪو جملو ماڻهون ايسٽر تي هڪ ٻيئي کي چون ٿا: ”خداوند جي اٿيو آهي، هو جيئرو ٿيو آهي!“ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، مريم، مريم جي ساهيڙي، فرشتو، يسوع ynamreG FEC :thgirypoC © |