Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 157 (Esther risks her life 2)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
751. آستر پنهنجي جان خطري ۾ وجهي ٿي 2
هامان رڳو هڪ مطلب پرست ماڻهو نہ هو، پر هو تمام گھڻو مغرور بہ هو۔ عظيم فارسي بادشاهہ اخسویرس کيس ملڪ جو ٻئي درجي جو سڀ کان وڌيڪ اختيار وارو ماڻهو مقرر ڪيو۔ هرڪو هن آڏو جھڪندو هو ۽ عزت ڪندو هو۔ پر مردڪِي، جيڪو راڻي آستر جو ماٽيلو پيءُ هو، ائين نہ ڪندو هو۔ هن ڪڏهن بہ کيس سجدو نہ ڪيو هو۔ هامان ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو۔
هامان: ”تون منهنجو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري رهيو آهين! تون مون کي سجدو ڇو نٿو ڪرين؟“
مردڪِي: ”ڇو تہ مان يهودي آهيان ۽ مان رڳو خدا کي ئي سجدو ڪريان ٿو۔“
هامان: ”تون ان لاءِ پڇتائيندين!“
هامان کي تمام گھڻي بي عزتي محسوس ٿي هئي۔ ۽ هن جي دل ۾ هڪ شيطاني منصوبو پيدا ٿيو۔
هامان: ”مان ان کي قتل ڪري ڇڏيندس۔ ۽ رڳو ان کي نہ، پر انهن سڀني يهودين کي جيڪي فارس جي 721 صوبن ۾ رهن ٿا، مان انهن کي مٽائي ڇڏيندس۔“
هامان يهودين بابت بادشاهہ سان خراب ڳالهہ ڪئي، ۽ هن جا ڪُوڙ بادشاهہ کي شيطاني منصوبن لاءِ راضي ڪري ورتو۔ هاڻي هو جيڪو چاهي سو ڪري سگھي ٿو۔
هامان پنهنجن تيز ترين گھوڙن تي پنهنجن پيغام رسائيندڙن کي موڪليو؛ اهي پاڻ سان گڏ مهر وارا خط کڻي هر شهر ۾ پهتا۔ هر طرف سندس خوفناڪ حڪم جاري ٿي ويو۔
پيغام کڻي ويندڙ: ”بادشاهہ سلامت جي حڪم موجب، ڊسمبر جي 31 تاريخ تي، هر يهودي، مرد، عورت ۽ ٻار کي قتل ڪيو وڃي۔ ڪنهن کي بہ زندهہ نہ ڇڏيو وڃي! هر ڪنهن کي ختم ڪيو وڃي ۽ انهن جي هر شيءِ کي بہ!“
هن حڪم تمام گھڻو خوف ۽ حراس پيدا ڪيو۔ يهودين ماتم وارا ڪپڙا پهري ورتا۔ اهي روئيا ۽ خدا کي پڪاريو۔
مردڪِي جلدي محل ۾ عرض موڪلي۔ ڇو تہ هاڻي رڳو هڪ ئي ماڻهون آهي جيڪو هن جي مدد ڪري سگھي ٿي، هن جي ماٽيلي ڌيءَ، راڻي آستر۔
مردڪِي: ”آستر، توکي بادشاهہ وٽ وڃڻ گھرجي! ان کي عرض ڪر تہ هو اسان کي زندہ رهڻ ڏئي۔“
آستر: ”مان ائين نٿي ڪري سگھان۔ ڪنهن کي بہ اجازت نہ آهي تہ هو بادشاهہ وٽ وڃي جيستائين اهو پاڻ نہ سڏي۔ جيڪڏهن پوءِ بہ مان ويس، تہ مان مري سگھان ٿي۔“
مردڪِي: ”تون خاموش نہ رهہ! شايد اهو ئي سبب هجي جو تون هاڻي راڻي آهين ۽ اسان کي بچائي سگھين۔“
آستر: ”منهنجي لاءِ دعا ڪريو۔ مان بادشاهہ وٽ ويندس۔ جيڪڏهن مون کي مرڻو پيو، تہ مان مرنديس!“
بلڪل آستر وانگر، يسوع پاڻ کي پيش ڪيو۔ هو تيار هو تہ مري وڃي تہ جيئن اسين بچي سگھون ۽ هميشہ جي زندگي حاصل ڪري سگھون۔
آستر پنهنجا سڀ کان خوبصورت ڪپڙا پاتا۔ تيزي سان ڌڙڪندڙ دل سان هوءَ تخت واري ڪمري تائين پهتي۔ بادشاهہ ڏٺو تہ هوءَ اچي رهي آهي۔ ڇا هو کيس اچڻ ڏيندو يا۔۔۔۔۔۔۔
اهو مان توهان کي ايندڙ ڊرامي ۾ ٻڌائيندس۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، هامان، مردڪِي، آستر، پيغام کڻي ويندڙ
ynamreG FEC :thgirypoC ©