STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 080 (A bill for Mom)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

08. ماءُ لاءِ بل


ياسمين جي پسنديدہ شيءِ رانديڪن جي دڪان ۾ ديوار تي لڳل تختي تي پيل هئي۔

ياسمين: ”هر ڪنهن کي پئسن جي ضرورت پوندي آهي۔ وڏن کي هي حق حاصل آهي۔ تہ اهي خريد ڪري سگھن ٿا جيڪي بہ اهي چاهين۔ پر ها، مون وٽ هڪ ترڪيب آهي۔“

ياسمين کي تمام گھڻي تڪڙ هئي۔ منجھند جي مانيءَ کانپوءِ هوءَ پنهنجي ڪمري ۾ وئي۔ ان کي صرف پينسل ۽ ڪاغذ جي ضرورت هئي۔

ياسمين: ”ياسمين جي مزدوري جي لسٽ۔ آءُ ڪو غلام تہ ناهيان جو بغير ڪجھہ وٺڻ جي ڪم ڪندي وڃان:

خالي بوتلن کي کڻي دٻي ۾ رکيو… 3 روپيا
فواري کي ڌوتو… 4 روپيا
هر روز رات ميز تان ٿانوَ کنيا… 8 روپيا
ڪمري کي صاف ڪيو (مشڪل ڪم) … 31 روپيا
ٿانوَ ڌوئڻ وارو ٽب خالي ڪيو… 5 روپيا
ڪچرو کنيو (ڪيڏي دپ اچي ٿي!) … 8 روپيا
هي سڀ جوڙ ڪري 5، 12۔۔۔۔۔۔… 14 روپيا

مهرباني ڪري جلد ادا ڪريو!
توهان جي محنتي ياسمين۔“

ماٺي ماٺ هن اها بِل باورچيخاني جي ميز تي رکي ڇڏيو۔ شام جي مانيءَ تي ان کي اڳ ۾ ئي هڪ خط ان جي پليٽ سان گڏ پيل مليو هو۔ پر جڏهن هوءَ اڪيلي هئي تڏهن هن اها خط کوليو۔

ياسمين: ”هاڻي مون کي تجسس ٿي رهيو آهي (خط کولڻ جي آواز، پئسا ٻاهر ڪرندي) پورا 14 روپيا! هن کان اڳ مان ايتري امير نہ هئيس۔ اڙي ان سان گڏ ڪو نوٽ بہ لکيل آهي:

منهنجي پياري ياسمين! هي رهي تنهنجي پگھار۔ تون واقعي هڪ محنتي ڇوڪري آهين۔ جڏهن تون وٽ وقت هجي، تہ مهرباني ڪري منهنجو بل بہ پڙهي وٺجان۔

ڏهہ سال تائين مان تنهنجا ڪپڙا ڌوئيندي رهيس… ڪو پگھار نہ ورتو
ڏهہ سالن تائين مان تنهنجي لاءِ مانِي پچائيندي رهيس… ڪو پگھار نہ ورتو
جڏهن تون بيمار هئين تہ مان تون جو خيال رکيو… ڪو پگھار نہ ورتو
مان تون سان گڏ کيڏيس… ڪو پگھار نہ ورتو
تنهنجا مسئلا ۽ پريشانيون ٻڌڻ لاءِ هميشہ وقت ڪڍيو… ڪو پگھار نہ ورتو

مان هن لسٽ کي وڌيڪ ڊگھو نہ ٿِي ڪرڻ چاهيان۔ مون جيڪو ڪجھہ ڪيو، تنهنجي لاءِ خوشي سان ڪيو ڇاڪاڻ تہ تون منهنجي اکين جو تارو آهين ۽ مان تون سان تمام گھڻو پيار ڪندي آهيان، تنهنجي ماءُ۔“

ياسمين ڏاڍي شرمندہ ٿي۔ هوءَ ڀڄي پنهنجي ماءُ جي وٽ وئي ۽ ان کي ڀاڪر پاتي۔

ياسمين: ”امان، مان اڄ کانپوءِ ڪڏهن بہ توهان کي بل نہ ڏينديس۔ هي رهيا توهان جا پئسا۔ مان توهان سان پيار ڪندي آهيان!“

ٻين جي مدد ڪرڻ سان انهن کي خوشي ملي ٿي ۽ اهڙي طرح ڪجھہ ڏيڻ سان بہ۔ جلد ئي مائن جو ڏينهن ملهايو ويندو۔ ڇا توهان انهن کي خوشي ڏيڻ چاهيو ٿا؟ مان اميد ڪريان ٿِي تہ توهان وٽ ڪا سٺي ترڪيب هوندي جنهن سان توهان پنهنجي ماءُ کي حيران ڪري ڇڏيندا۔

۽ ياد رکجو: ٻين لاءِ ڪجھہ ڪرڻ سان واپس توهان کي خوشي ملندي۔ ضروري ناهي تہ هي ڪم صرف مائن جي ڏينهن تي ئي ڪيو وڃي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ياسمين

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 09:29 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)