STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 061 (A new star 1)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

16. هڪ نئون تارو 1


رات جو آسمان ۾ لکين تارا چمڪي رهيا هئا۔ بابل جي ماڻهن دوربين ذريعي روشن آسمان کي ڏٺو۔

پيهريون مجوسي: ”اهو ڏسو، هڪ نئون تارو! هي اڳي ڪڏهن بہ هتي موجود نہ هوندو هو۔“

ٻيو مجوسي: ”تون صحيح چئي رهيو آهين۔ اوچتو هڪ نئون تارو نڪري آيو آهي۔ هن جو مطلب ڇا ٿي سگھي ٿو؟“

هي مجوسي ستارن جي علم بابت گھڻو ڪجھہ ڄاڻندا هئا۔ پنهنجي هن سوال جو جواب ڳولڻ لاءِ انهن پٿر جي ٺهيل تختين کي ۽ وڏن وڏن طومارن کي ڏٺو۔

پيهريون مجوسي: ”هتي آهي هي: هي تارو اسان کي ٻڌائي ٿو تہ يهودين جو بادشاهہ پيدا ٿيو آهي۔“

ٻيو مجوسي: ”هڪ گھڻو خاص بادشاهہ! سڀ کان سٺي ڳالهہ هي ٿيندي جي پاڻ وڃي هن کي ڳوليون ۽ هن جي حمد ڪريون۔ هو اسان جو بہ بادشاهہ ٿي سگھي ٿو۔“

يسوع، هميشہ جو بادشاهہ پيدا ٿيو هو۔

پيهرين خدا ڌراڙن کي هي ٻڌايو ۽ پوءِ بابل جي مجوسين کي۔

ان کانپوءِ جلد ئي مجوسين پنهنجي سفر جو سامان ۽ تحفا پنهنجن اُٺن تي رکيا۔

انهن کي 026 ميل کان وڌيڪ کان بہ وڌيڪ پنڌ ڪرڻو هو۔ هنن کي هيءُ سفر پورو ڪرڻ ۾ مهينا لڳا۔ پر يسوع انهن لاءِ ايترو ئي ضروري هو۔ هو سندس حمد ڪرڻ چاهيندا هئا ۽ هر ڪنهن کي هي ٻڌائڻ چاهيندا هئا تہ انهن ان کي پنهنجي زندگين جو مالڪ مڃيو آهي۔

ڇا توهان بہ هن ڪرسمس جي موقعي تي يسوع کي هي ڪري ڏيکاريندا؟ ڇا توهان بہ ان کي پنهنجو مالڪ ۽ بچائيندڙ بڻائڻ چاهيندا آهيو؟

مجوسين آخرڪار ان وڏي شهر يروشلم ۾ پهتا ۽ هو ٿڪجي پيا هئا۔

پيهريون مجوسي: ”هو بادشاهہ ڪٿي آهي جو پيدا ٿيو آهي؟ اسان سندس تارو ڏٺو آهي ۽ ان جي حمد ڪرڻ آيا آهيون۔“

ڪنهن بہ انهن کي ڪو جواب نہ ڏنو۔ ماڻهو هن کان حيران ٿيا ۽ پنهنجي رستي تي هلندا رهيا۔ سڀ کان وڌيڪ هيروديس بادشاهہ حيران ٿيو۔ هو خطرناڪ بادشاهہ، جنهن کان سڀ ماڻهو ڊڄندا هئا، هن کي ڊپ هو تہ هاڻي هن جو تخت ويندو هليو۔ هن ترت پنهنجن عالمن کي گھرايو تہ اهي هن وٽ اچن۔

هيروديس: ”ڇا توهان کي خبر آهي تہ هي يهودين جو بادشاهہ ڪٿي پيدا ٿيو آهي؟“

عالم: ”ها بلڪل اسان کي خبر آهي۔ اسان خدا جو ڪلام پڙهيو آهي۔ بادشاهہ بيت لحم مان ايندو۔“

هي لفظ هيروديس کي تلوار جيان لڳا۔ پر هن پنهنجي ڊپ ڪنهن تي بہ ظاهر نہ ٿيڻ ڏنو۔ هن چپ چاپ سان بابل مان آيل مجوسين کان پڇيو۔

هيروديس: ”تارو ڪڏهن نظر آيو هو؟ توهان هن تاري کي پيهرين ڀيري ڪڏهن ڏٺو هو؟“

انهن کي کپي ها تہ تاريخ نہ ٻڌائي پر پوءِ بہ انهن ٻڌائي ڇڏي۔ هاڻي هيروديس کي خبر هئي تہ هن کي ڇا ڪرڻ جي ضرورت آهي۔

هيروديس: ”بيت لحم ۾ وڃو ۽ ان ٻار کي ڳوليو۔ جڏهن توهان هن کي ڳولي وٺو تہ واپس اچي مون کي ٻڌائجو، تہ جيئن مان بہ هن جي حمد ڪري سگھان۔“

ڇا هو سچ ۾ ائين ڪرڻ چاهيندو هو؟ نہ۔ هو خطرناڪ ڪوڙو ماڻهون هو، هو اڪيلو پاڻ ئي سڀني تي بادشاهہ ٿي رهڻ چاهيندو هو ۽ انهي ڪري هو ان ننڍي ٻالڪ بادشاهہ کي مارڻ چاهيندو هو۔ مجوسي يروشلم مان روانا ٿيا۔

اڳين ڊرامي ۾ توهان هي ٻڌندؤ تہ ان کانپوءِ ڇا ٿيو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ٻہ مجوسي، هيروديس، عالم

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 07:37 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)