Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 083 (Daniel's test 1)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
38. داني ايل جو امتحان 1
عظيم بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم جي شهر تي گھيرو ڪيو ۽ ان کي فتح ڪري ورتو۔ يهودين لاءِ هي تمام مايوسي واري حالت هئي۔
خُدا يھويقيم بادشاهہ کي قيد ٿيڻ ڏنو۔ ھو ڪوڙن ديوتائن جي عبادت ڪندو ھو جيڪي ھاڻي ان جي مدد نٿا ڪري سگھن۔ دشمنن شهر جي خزاني کي لٽي ويا ۽ ان سان گڏ هيڪل مان بہ ڪيتريون ئي شيون چوري ڪيون۔
بادشاهہ نبوڪدنضر: ”اسپنز، مان چاهيان ٿو تہ نوجوان اسرائيلي منهنجي خدمت ڪن۔ اهي طاقتور ۽ سمجھدار هجن۔ جوان ۽ خوبصورت شخص هجن۔“
قيدين 006 ميل جو پنڌ پورو ڪيو۔ داني ايل ۽ ان جا دوست بہ انهي ۾ شامل هئا۔ آخرڪار اهي عظيم شهر بابل پهچي ويا۔ انهن بادشاهہ جي محل ۾ ڇا ڏٺو؟ انهن کي هر هڪ حڪم مڃڻو هو۔ ۽ انهن کي ڪو حق حاصل نہ هئا۔ پر داني ايل ۽ ان جا دوست سختي سان هن ڳالهہ تي قائم هئا تہ انهن کي خُدا سان وفادار رهڻو آهي۔
ڇا توهان جو بہ اهوئي خيال آهي؟ ڇا توهان بہ هميشہ خُدا سان وفادار رهندا آهيو پنهنجي اسڪول ۽ گھر ۾؟ پنهنجن دوستن سان ۽ راند جي ميدان ۾؟ خُدا سان وفادار رهڻ سٺو آهي!
داني ايل ۽ ان جي دوستن کي جلد ئي پنهنجو پيهريون امتحان ڏيڻو پيو۔ بادشاهہ قيدين کي سکڻ لاءِ ٽي سال ڏنا۔ انهن کي بابلي زبان ڳالهائڻ سکڻي هئي ۽ ان سان گڏ ٻيو گھڻو ڪجھہ سکڻو هو۔ بادشاهہ جي ميز تان انهن کي کاڌو کائڻو هو جيڪو انهن لاءِ مخصوص هو۔
داني ايل: ”حنانياہ، اسان لاءِ اهو کاڌو کائڻ ناممڪن آهي، هي خوراڪ لاءِ ڏنل خُدا جي اصولن مطابق ناهي۔“
حنانياہ: ”ڇا توکي لڳي ٿو تہ اسان کي کائڻ لاءِ ڪجھہ ٻيو ملي سگھي ٿو؟“
داني ايل: ”معاف ڪجو، پر اسان بادشاهہ جي ميز جو کاڌو نٿا کائي سگھون۔“
اشپنز: ”بادشاهہ توھان لاءِ اھو حڪم ڏنو آھي۔ جيڪڏھن مان توھان کي ھن کان ڇُوٽ ڏئي ڇڏان ۽ جيڪڏھن توھان باقي سڀ نوجوانن کان ڪمزور نظر آيا تہ بادشاهہ مون کي قتل ڪري ڇڏيندو۔“
داني ايل: ”مھرباني ڪري اسان کي ڏھ ڏينھن تائين ائين ڪرڻ ڏيو۔ اسان کي کاڌي لاءِ سبزيون ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيو، ۽ پوءِ اسان کي ٻين سان گڏ ڀيٽي ڏسجو ۽ پوءِ فيصلو ڪجو تہ اسان کي ائين ڪرڻ جاري رکڻ گھرجي يا نہ۔“
نگراني ڪرڻ وارو راضي ٿي ويو۔ ۽ بائبل اسان کي هن جو نتيجو ڪجھہ هن طرح ٻڌائي ٿي:
”۽ ڏهن ڏينهن جي پڄاڻي تي، داني ايل ۽ ان جا دوست باقي سڀ نوجوانن کان بهتر نظر اچي رهيا هئا۔“
تنهنڪري نگراني ڪندڙ انهن کي کائڻ لاءِ سبزيون ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيڻ جاري رکيو۔
داني ايل طاقتور ئي رهيو۔ هو خُدا سان وفادار هو ۽ ان کي هن جو انعام مليو۔ ٽي سالن کانپوءِ، بادشاهہ قيدين جي جانچ ڪئي۔ ۽ پوءِ ائين ٿيو جو داني ايل ۽ ان جا دوست انهن سڀ ۾ بهترين هئا!
بادشاهہ نبوڪدنضر: ”اهي نوجوان منهنجي حڪومت ۾ سڀ استادن جي مقابلي ۾ ڏهہ دفعا وڌيڪ سمجھدار آهن۔ مان چاهيان ٿو تہ اهي منهنجي خدمت ڪن۔“
پر ان جي ٿوري وقت بعد انهن جون زندگيون خطري ۾ هيون۔ مان توهان کي هن بابت ايندڙ ڊرامي ۾ ٻڌائيندس۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، نبوڪدنضر، داني ايل، حنانياہ، اشپنز
ynamreG FEC :thgirypoC ©