STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 082 (The special submarine 2)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

28. هڪ خاص آبدوز 2


ڇوڪرو: ”مان اهو ڏسڻ لاءِ بيچين آهيان تہ يوناہ سان ڇا ٿئي ٿو۔“

ڇوڪري: ”جيڪڏهن هو سمجھدار هجي ها تہ هُو خُدا جي ڳالهہ ٻڌي ها ۽ ان کان پري ڀڄڻ جو نہ سوچي ها۔“

ڇوڪرو: ”۽ هن جا سڀئي ڪپڙا آلا بہ نہ ٿين ها۔“

خُدا بچائڻ چاهي ٿو۔ تنهنڪري يوناہ کي نينوا وڃڻو هو۔

ائين لڳي رهيو هو ڄڻ زندگيءَ جو سفر ختم ٿي ويو هجي۔ جيڪڏهن هي خُدا لاءِ نہ هجي ها۔ هو بچائڻ چاهي ٿو! بلڪہ يوناہ کي بہ۔

۽ تنهنڪري هن هڪ تمام خاص ”آب دوز“ موڪلي صرف يوناہ لاءِ۔ هڪ وڏي مڇي ترندي ترندي هڪ بنا مرضي سان ترڻ واري وٽ آئي ۽ ان کي ڳڙڪائي وئي۔

يوناہ مڇي جي پيٽ ۾ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون گذاريون۔ سمنڊ جي گھراين ۾، خُدا جي طرف کان هن جي ڊوڙڊڪ ختم ٿِي چڪي هئي۔ هن پنهنجي نااميدي ۾ خُدا کي سڏيو۔

يوناہ: ”خُداوند، تو مون کي سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏيو۔ سڀ ڇولين مون کي گھيري ورتو۔ مون سوچيو تہ مان مري ويندس۔ پر تو مون کي بچائي ورتو! تنهنجي تمام گھڻي مهرباني! مان ائين ئي ڪندس جيئن تون مون کي ڪرڻ لاءِ چوندين۔“

خُدا سڀنن جي ٻڌي ٿو۔ هو ان وقت بہ توهان جي ٻڌي ٿو جڏهن توهان گھراين ۾ ۽ اداس هجو۔

هن يوناہ جي دعا ٻڌي ۽ مڇي کي حڪم ڏنو تہ ڪناري ڏانهن وڃي ۽ ناهضم ٿيل شيءِ کي ٻاهر اُڇلائي ڇڏي۔

خُدا بچائڻ چاهي ٿو، تنهنڪري هن يوناہ کي ٻي دفع چيو۔

خُدا: ”يوناہ، وڏي شهر نينوا ڏانهن وڃ ۽ انهن کي اهو ڪلام ٻڌاءِ جيڪو مان توکي چوان ٿو۔“

يوناہ ويو۔ (هلڻ جي آواز ۽ شهر جي شور جو آواز)

يوناہ: ”ٻڌو! خُدا مون کي توهان وٽ موڪليو آهي۔ 04 ڏينهن ۾ توهان جو خوبصورت شهر مٽي جو ڍڳ بڻجي ويندو۔ هي توهان جي گناهن جي سزا آهي۔ ڇو تہ توهان ڪوڙ ڳالهايو ٿا، توهان بدفعلي ڪرڻ وارا ۽ چور آهيو۔ خُدا سڀ ڪجھہ ڏسي ٿو، اي قاتلو ۽ ڌاڙيلو۔“

خوفزدہ ٿي ماڻهن ٻڌو۔ يوناہ جو پيغام سڌو انهن جي دلين تي اثر ڪيو۔

عورت: ”هي ٺيڪ چوي ٿو۔ اسان خُدا جي خلاف گناهہ ڪيو آهي۔ اسان کي هن بابت ڇا ڪرڻ گھرجي؟“

بادشاهہ جو پيغام ڏيندڙ: ”بادشاهہ جو هڪ حڪم آهي! ڪنهن کي بہ کائڻ پيئڻ جي اجازت نہ آهي۔ پنهنجي گناهن کان توبہ ڪريو ۽ خُدا کي پڪاريو۔ شايد هو اسان جي ٻڌي وٺي۔ ناانصافي بند ڪريو، ۽ هڪ نئين زندگي شروع ڪريو۔“

تصور ڪريو! هن شهر ۾ رهندڙ 000021 (هڪ لک ويهہ هزار) ماڻهن خُدا کي پڪاريو۔ وڏن ۽ ٻارن گڏجي۔ انهن پنهنجي انهن زندگين تي غور ڪيو جن ۾ خُدا موجود نہ هو۔

ڏينهن گذرندا ويا: 83، 93، 04 خُدا انهن کي سزا نہ ڏني۔ هن انهن جي توبہ جي دعائن کي ٻڌو ۽ انهن کي معاف ڪيو۔ ڇا هي زبردست ڳالهہ ناهي؟ هر ڪنهن خُدا کي پڪاريو ۽ جنهن جنهن پڪاريو هو بچي ويو۔

جيڪڏهن ائين اسان جي ڳوٺ، شهر ۾ بہ ٿئي! تہ خُدا اسان کي بچائڻ چاهيندو۔ توهان کي ۽ ڪيترن ئي ٻين ماڻهن کي بہ۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ٻہ ٻار، يوناہ، خدا، عورت، بادشاهہ جو پيغام ڏيندڙ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 03:05 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)