Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 081 (Man over board 1)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
18. جهاز کان ٻاهر ماڻهو 1
اسان سان گڏ هلو، پاڻ شهر جو سير ڪنداسين!
ڇوڪرو: ”هي چار ديواري تہ زبردست آهي۔ مان تہ مورچي تي وڃي ڏسندس۔“
ڇوڪري: ”مان تہ لائبرري ۾ ويندس۔ آءُ اتي ڪلاڪن تائين ويهي سگھان ٿي۔“
ڇوڪرو: ”بادشاهہ جو محل۔ واہ، ڪيترو وڏو آهي!“
ڇوڪري: ”مان چڙيا گھر وڃي رهي آهيان۔“
ڇوڪرو: ”ڇا تون اتي پنهنجن مائٽن سان ملڻ وڃي رهي آهين؟“ (کلڻ جي آواز)
گھڻا سال اڳ، خُدا هن شهر تي نظر ڪئي۔ پر هن شهر جي خوبصورت شين کي ڏسي گھڻو خوش نہ ٿيو۔ هن اِن سڀ جي پويان ڇا ڪجھہ هو اهو ڏٺو۔ گھڻي نفرت ۽ جھيڙا، ٺڳي ۽ قتل۔ هن شهر جا ماڻهو اهڙي طرح رهندا هئا ڄڻ تہ خُدا جي قانون جو ڪو وجود ئي نہ هجي۔ اهي پنهنجي ٺاهيندڙ کي وساري چڪا هئا۔ ڪنهن لاءِ بہ هن کان وڌيڪ بُرو ڪجھہ بہ نٿو ٿي سگھي۔
جيڪڏهن خُدا ويجھي کان توهان جي زندگيءَ تي غور ڪري، تہ ان کي ڇا نظر ايندو؟
ان کي گناهہ جي سزا ڏيڻي پوندي ڇاڪاڻ تہ هو پاڪ آهي۔ پر ساڳئي ئي وقت هو پيار ڪرڻ وارو خُدا آهي، ۽ هو ماڻهن کي بچائڻ وڌيڪ ضروري سمجھي ٿو، تنهن ڪري هو انهن کي خبردار ڪرڻ چاهي ٿو۔
خُدا چيو: ”يوناہ، دنيا جي انهيءَ مشهور شهر نينوا ۾ وڃ۔ اتي پرچار ڪري اهو سمجھاءِ تہ مان انهن کي انهن جي گناهن جي لاءِ ڪيئن سزا ڏيندس۔ ڇاڪاڻ تہ اهي ماڻهو مون کي وساري چڪا آهن۔“
يوناہ ويو، پر نينوا ڏانهن نہ۔
(ڀڄڻ جي آواز، تيزيءَ سان ساھہ کڻڻ جي آواز)
يوناہ: ”نہ بلڪل نہ مان نينوا نہ ويندس! اسان جي ملڪ جي دشمنن وٽ؟ مان چريو نہ آهيان۔ انهن ماڻهن کي مري وڃڻ گھرجي۔ اڙي اتي بندرگاهہ تي هڪ سامونڊي جھاز آهي۔ مان انهن کي سٺي رقم ڏيئي هتان پري هليو ويندس۔“
خُدا کان پري ڀڄڻ تمام مهانگو آهي۔ يوناہ جھاز ۾ سامان رکڻ جي جاءِ تي سوار ٿي ويو ۽ صندوقن ۽ ننڍن ڊٻن جي وچ ۾ ٿڪي سمهي رهيو۔ يوناہ بيوقوف هو۔ ڇا ڪو ماڻهو خُدا کان ڀڄي سگھي ٿو؟ دنيا جي آخري ڇيڙي تي بہ اهو اسان کي ڏسي سگھي ٿو۔ ۽ خُدا اڃا بہ يوناہ کي ڏسي رهيو هو۔
هڪ خوفناڪ طوفان آيو۔ جھاز هلائڻ وارا پنهنجي ديوتائن کي پڪارڻ لڳا۔ زندہ خُدا جيڪو انهن کي بچائي سگھندو هو هو انهي خدا کي نہ ڄاڻندا هئا۔ اهي سامان کي جھاز مان ٻاهر اڇلائڻ لڳا تہ جيئن جھاز جو وزن گھٽجي وڃي۔ جھاز جي ڪپتان يوناہ کي جھنجھوڙي اٿاريو۔
ڪپتان: ”اڙي، اٿ! پنهنجي خُدا کي پڪار، شايد هو اسان کي بچائي۔“
يوناہ جلدي سان اٿيو۔ ۽ سڀ ڪجھہ ٺيڪ ٿي ويو۔
ملّاح: ”تون ڪير آهين؟ ۽ تون ڪٿان آيو آهين؟ تون ڇا ڪم ڪندو آهين؟“
يوناہ: ”آءُ يوناہ آهيان۔ آءُ خُدا جي عبادت ڪندو آهيان جنهن آسمان ۽ زمين کي ٺاهيو آهي۔ آءُ ئي هن طوفان جو سبب آهيان ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجي خُدا جي نافرماني ڪئي هئي۔“
ملّاح: ”هاڻي اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
يوناہ: ”مون کي سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏيو، ۽ پوءِ سڀ ڪجھہ ٺيڪ ٿي ويندو ۽ خُدا توهان کي بچائي وٺندو۔“
پيهرين تہ اهي ائين ڪرڻ نہ چاهيندا هئا، پر پوءِ ملّاحن يوناہ کي پڪڙيو ۽ پاڻي ۾ اڇلي ڇڏيو۔ (پاڻي ۾ ڪرڻ جي آواز)
ڇا هي يوناہ جو آخر هو؟ نہ! هاڻي تہ مهم جي شروعات آهي۔
۽ ايندڙ ڊرامي ۾ هي جاري رهندي۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڇوڪرو، ڇوڪرِي، خدا، يوناہ، ڪپتان، ملاح
ynamreG FEC :thgirypoC ©