Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 084 (The mysterious dream 2)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
48. راز وارو خواب 2
بادشاهہ نبوڪدنضر سمهي نہ پئي سگھيو۔ فڪر ۾ هو پنهنجو پاسو مٽائيندو رهيو۔ پوءِ هن پنهنجي هڪ نوڪر کي سڏايو (گھنٽي جي آواز)۔
نوڪر: ”اي بادشاهہ، توهان هميشہ سلامت رهو۔ مان توهان جي ڇا خدمت ڪري سگھان ٿو؟“
بادشاهہ: ”منهنجي صلاحڪارن ۽ جادوگرن کي هڪ هنڌ جلد کان جلد گڏ ڪيو وڃي۔“
(گھڻيون آوازون، ماڻهو هلن پيا، پوءِ خاموشي)
بادشاهہ: ”مان هڪ خواب ڏٺو آهي جنهن مون کي تمام گھڻو پريشان ڪري ڇڏيو آهي۔ مون کي ٻڌايو تہ انهي خواب جو مطلب ڇا آهي۔“
جادوگر: ”پنهنجي نوڪرن کي خواب ٻڌايو ۽ پوءِ اسان توهان کي ٻڌائينداسون تہ هن جو ڇا مطلب آهي۔“
بادشاهہ: ”نہ، توهان کي پاڻ اهو خواب مون کي ٻڌائڻو پوندو۔ مان توهان کي حڪم ڏيان ٿو! جيڪڏهن توهان مون کي منهنجو ئي خواب ٻڌائي ڇڏيو تہ مان توهان کي انعام ڏيندس۔ جيڪڏهن نہ ٻڌائي سگھيا تہ مان توهان کي موت جي سزا ڏيندس۔“
جادوگر: ”بادشاهہ کي کپي تہ پنهنجي نوڪرن کي پنهنجو خواب ٻڌائي، ۽ تڏهن ئي اسان توهان کي ٻڌائي سگھنداسون تہ هن جو ڇا مطلب آهي۔“
بادشاهہ: ”هي بهانو هلڻ وارو ناهي۔ توهان صرف وڌيڪ مهلت گھرڻ چاهيو ٿا۔“
جادوگر: ”اسان خوابن جي تعبير تہ ٻڌائي سگھون ٿا، پر دنيا ۾ اهڙو ڪو بہ ماڻهون ناهي جيڪو توهان کي هي ٻڌائي سگھي تہ توهان ڪهڙو خواب ڏٺو آهي۔ توهان جيڪو پڇي رهيا آهيو اهو ناممڪن آهي۔“
بادشاهہ (ڪاوڙ ۾): ”آءُ هينئر ئي توهان سڀني کي ماري ڇڏيندس!“
داني ايل ۽ هن جي دوستن تي بہ هن جو اثر ٿيو۔ پر داني ايل نہ ڊڄيو۔ جڏهن هن انهي خوفناڪ حڪم جي وجهہ ٻڌي، تہ هو پنهنجي گھر ويو ۽ پنهنجي دوستن کي ٻڌايو۔
داني ايل: ”اسان کي دعا ڪرڻ گھرجي۔ اسان جو خُدا سڀ ڪجھہ ڄاڻي ٿو۔ هو مون کي راز وارو خواب ٻڌائي سگھي ٿو۔“
صرف هڪ خُدا ئي هو جيڪو مدد ڪري سگھندو هو۔ ۽ هن مدد ڪئي۔ رات جو، خُدا داني ايل تي خواب کي ظاهر ڪري ڇڏيو۔
داني ايل: ”خُداوند تون ئي تعريف جي قابل آهين۔ تنهنجو شڪر هجي! تون سڀ ڪجھہ ڄاڻين ٿو۔ ۽ تون اسان جي دعائن جو جواب ڏنو۔“
داني ايل درخواست ڪئي تہ هن کي بادشاهہ وٽ وٺي وڃو۔
بادشاهہ: ”ڇا تون واقعي مون کي منهنجو خواب ٻڌائي سگھين ٿو؟“
داني ايل: ”بادشاهہ جو جيڪو مطالبو آهي اهو ڪو بہ شخص پورو نٿو ڪري سگھي۔ پر زندہ خدا سڀ راز ظاهر ڪري سگھي ٿو۔ هن توهان کي خواب ۾ ٻڌايو آهي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي۔ بادشاهہ هڪ وڏي مورتي جي باري ۾ خواب ڏٺو۔ هن جي صورت تمام جلالي هئي۔ هن جو مٿو نجھہ سون مان ٺهيل هو۔ هي توهان جي بادشاهت کي ظاهر ڪري ٿو۔ هي باقي سڀ بادشاهتن کان وڏي ۽ طاقتور آهي۔ پر توهان کانپوءِ جيڪا بادشاهت ايندي اها ننڍي کان ننڍي ٿيندي ويندي۔ آخرڪار، بادشاهت ورهائيجي ويندي۔ پر خُدا اُن وقت پنهنجي بادشاهت قائم ڪندو۔ خُدا جي بادشاهت هميشہ تائين قائم رهندي۔ اها ازلي هوندي۔ توهان جو خواب سچو آهي۔“
بادشاهہ: ”توهان جو خُدا بادشاهن جو بادشاهہ آهي!“
بادشاهہ خواب جي تعبير ٻڌي متاثر ٿيو۔ هن داني ايل کي تمام گھڻو امير بڻايو ۽ هن تي تحفن جي برسات ڪري ڇڏي۔
۽ هن ڇا ڪيو هي ايندڙ ڊرامي ۾ ٻڌي سگھون ٿا۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، نبوڪدنضر، جادوگر، داني ايل، نوڪر
ynamreG FEC :thgirypoC ©