STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 058 (God puts everything right 6)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

85. خدا سڀ ڪجھ ٺيڪ ڪري ٿو 6


ڪيترو زبردست ڏينهن آهي! يوسف جي ڀائرن وري مصر ڏانهن پنهنجو سفر ڪيو تہ جيئن اناج خريد ڪري سگھن۔ انهن کي اها خبر نہ هئي تہ ان ملڪ ۾ انهن جو ڀاءُ بادشاهہ کانپوءِ سڀ کان وڏو حڪمران هو، اهو جنهن کي انهن 02 سال اڳ غلام ٿيڻ لاءِ وڪيو هو ڇاڪاڻ تہ اهي ان سان حسد ڪندا هئا۔

يوسف هڪ جشن جي تياري جو حڪم ڏنو۔ ويهڻ جو انتظام بلڪل گھر جھڙو ڪيو ويو۔ سڀ ڀائر هي ڏسي حيران ٿي ويا۔ جڏهن اهي انَ سان ڀريل ٻورين وٺي گھر وڃي رهيا تہ اهي تمام خوش هئا۔ پر اهي اڃا گھڻو پري نہ ويا هوندا۔

نوڪر: ”بيهي رهو! هڪ هنڌ بيهي رهو! توهان منهنجي مالڪ جو چانديءَ جو پيالو چوري ڪيو آهي۔“

ڀائر: ”نہ، اسان ڪو بہ شيءِ چوري نہ ڪئي آهي۔ توهان پاڻ ڏسي وٺو۔“

نوڪر سڀ شين جي تلاشي ورتي۔ آخري ٻوري جيڪا هن کولي اها بنيامين جي ٻوري هئي۔

نوڪر: ”هي رهيو چور۔ باقي سڀ واپس وڃي سگھو ٿا۔ پر تون هتي غلام ٿي رهندين۔“

انهن کي يوسف جي سامهون پيش ڪيو ويو۔ ڏڪندي ڏڪندي انهن سڀنن يوسف کي سجدو ڪيو۔ يوسف ڪنهن کي حڪم ڏنو هو تہ اهي پيالو ڪنهن هڪ ٻوري ۾ لڪائي تہ جيئن هو پنهنجي ڀائرن کي آزمائي سگھي۔ ڇا اهي سڀ ڀائر هاڻي گڏ ملي ويندا يا اڃا بہ انهن جي دلين ۾ برائي موجود هوندي؟ يوسف سختي سان انهن کان پڇيو۔

يوسف: ”توهان ائين ڇو ڪيو؟ جيڪو چور آهي اهو هتي مون وٽ غلام ٿي رهندو۔“

پوءِ يهودا ڳالهائڻ لڳو۔

ڀائر: ”مهرباني ڪري بنيامين کي واپس وڃڻ ڏيو ۽ ان جي جاءِ تي مون کي پنهنجو غلام بڻائي وٺو۔ نہ تہ اسان جو پيءُ ڏک جي ڪري مري ويندو۔“

سڀ ڀائرن جي ساڳئي ڳالهہ هئي۔ پوءِ يوسف پاڻ کي انهن تي ظاهر ڪيو۔

يوسف: ”ڇا توهان مون کي نہ سڃاتو؟ مان يوسف آهيان، توهان جو ڀاءُ۔“

اهي ڪجھہ بہ نہ چئي سگھيا۔ ۽ يوسف خوشيءَ ۾ روئڻ لڳو ۽ انهن سڀني کي ڀاڪر پاتي۔

يوسف: ”خدا مون کي مصر ۾ موڪليو تہ جيئن توهان سڀني جي زندگي بچي سگھي۔ وڃو ۽ بابا کي هتي وٺي اچو ۽ پنهنجن خاندانن کي بہ۔ اڃا ڏڪار جا پنج سال باقي آهن، پر آئون توهان جو خيال رکندس۔“

هن انهن کي واپس گھر وٺي وڃڻ لاءِ تمام گھڻا تحفا ڏنا۔

انهن جو پيءُ تمام گھڻو خوش ٿيو جڏهن هن ٻڌو تہ يوسف زندہ آهي۔ ان کانپوءِ، جلدي ئي 07 ماڻهون پنهنجو مال ۽ مويشي وٺي مصر جي سڀ کان بهترين جڳهہ تي هليا ويا۔ ڪيترو وڏو جشن! 02 سالن کانپوءِ يوسف پنهنجي پيءُ کي وري ڏٺو۔ خدا هر شيءِ کي ڀلائي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو۔ ۽ انهن ڀائرن آخرڪار پنهنجي غلطيءَ قبول ڪئي۔

ڀائر: ”يوسف، اسان تون سان جيڪو سلوڪ ڪيو مهرباني ڪري ان لاءِ اسان کي معاف ڪر۔ اسان شرمندہ آهيون۔“

يوسف: ”مان توهان کي معاف ٿو ڪريان۔ توهان جي نيت خراب هئي پر خدا هن سڀ کي ڀلائي ۾ تبديل ڪيو آهي۔“

خدا هر شيءِ کي ڀلائي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو! اهو هن جو منصوبو هو تہ هن جا ماڻهو زندہ رهي سگھن۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، نوڪر، يوسف، ڀاءُ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 07:07 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)