STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 057 (Taken hostage in Egypt 54)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

75. مصري يرغمال بڻجڻ 5


(گھوڙن جي کرن جي آواز)

يوسف سڄي مصر ۾ بادشاهہ جي رٿن مان هڪ تي سواري ڪندو هو۔ هر ڪو هن کي ڏسي هٿ مٿي ڪندو هو ۽ خوش آمديد چوندو هو۔ فرعون هن کي پنهنجو مددگار چونڊيو هو۔ پنهنجي مهر واري منڊي ڏئي، فرعون يوسف کي اختيار ڏنو۔ يوسف تيار ۽ پڪيل فصلن ۽ کجور جي باغن جي ڀرسان مٽي رهيو هو۔

هي سڀ بلڪل ائين ئي ٿيو جيئن خدا چيو هو تہ ائين ٿيڻ وارو آهي: تمام گھڻو فصل ٿيو۔ (پس منظر ۾ آواز: هٿوڙِي ۽ ٺڪ ٺڪ جي)

يوسف انَ گڏ ڪرڻ لاءِ تمام گھڻا گودام ٺاهيا۔ تمام گھڻي مقدار ۾ انَ گڏ ڪيو ويو۔ يوسف جا منصوبا بلڪل ٺيڪ هئا۔ جيئن هن چيو هو، ائين ئي برڪت وارن ستن سالن کان پوءِ ڏڪار جا سال آيا۔ ماڻهون بک مرڻ لڳا ۽ هو فرعون وٽ ويا۔

ماڻهو: ”اسان بکيا آهيون! اسان بک ۾ مري رهيا آهيون۔ اسان جي ٻارن کي کاڌي لاءِ ڪجھہ ڏنو وڃي۔“

فرعون: ”يوسف جي ذميواري آهي تہ هو توهان جي مدد ڪري۔ جيڪو هو چوي ٿو، اهو ڪريو۔“

اهي تمام گھڻين جڳاين کان آيا هئا۔ بلڪہ ٻين ملڪن مان بہ۔ ڏهن ماڻهن کيس سجدو ڪيو۔ يوسف انهن کي انهي وقت سڃاڻي ورتو۔ اهي هن جا ڀائر هئا۔ يوسف پنهنجي خوابن بابت سوچيو، انهن جي نفرت بابت جيڪي هو يوسف سان ڪندا هئا، ۽ انهن تہ هن کي غلام بڻائڻ لاءِ وڪيو هو۔ پر ان جي ڀائرن هن کي بلڪل نہ سڃاتو۔

يوسف انهن سان تمام سختي سان ڳالهہ ڪئي۔

يوسف: ”توهان ڪٿان اچي رهيا آهيو؟“

ڀائر: ”اسان ڪنعان ملڪ کان آيا آهيون انَ وٺڻ لاءِ۔“

يوسف: ”توهان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهيو۔ توهان جاسوس آهيو!“

ڀائر: ”نہ، اسان سچ ڳالهائي رهيا آهيون! اسان ٻارنهن ڀائر آهيون۔ اسان جو هڪ ڀاءُ هينئر گھر آهي ۽ ٻيو مري چڪو آهي۔“

يوسف: ”مان توهان جي هڪ بہ ڳالهہ تي يقين نٿو ڪريان۔ پر آئون خدا سان پيار ڪريان ٿو، مان توهان کي انَ ڏيندس۔ پر مان چاهيان ٿو تہ توهان وڃو ۽ پنهنجي ٻئي ڀاءُ کي وٺي واپس اچو۔ توهان مان هڪ هتي رهندو تہ جيئن مون کي يقين ٿي سگھي تہ توهان منهنجو حڪم مڃيندا۔“

يوسف ڇو ايتري سختي سان پيش آيو؟ ڇا هو انهن کان بدلو وٺڻ چاهيندو هو؟ نہ! هو رڳو پنهنجن ڀائرن کي آزمائڻ چاهيندو هو۔ هو ڏسڻ چاهيندو هو تہ اهي تبديل ٿيا آهن يا نہ۔ انهن کي اها ڪا خبر نہ هئي تہ يوسف سڀ ڪجھہ سمجھي ويو آهي جڏهن اهي پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا۔

ڀائر: ”اسان يوسف سان جيڪو سلوڪ ڪيو هو، ضرور اسان کي انهي جي سزا ملي رهي آهي۔“

يوسف جڏهن هي ٻڌو تہ هو روئڻ لڳو۔ پر پوءِ بہ هن انهن کي هي نہ ٻڌايو تہ هو ڪير آهي۔ جيترو انَ انهن کي کپندو هو، هو سڀ کڻي، واپس هليا ويا ۽ شمعون مصر ۾ رهجي ويو۔

انهن جي پيءِ يعقوب جڏهن انهن جي سفر جو سمورو حال ٻڌو تہ هن ڊپ کاڌو۔ جڏهن انَ ختم ٿي ويو تہ انهن کي واپس مصر وڃڻو هو، ۽ هن ڀيري انهن کي بنيامين کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻو هو۔ سڀ ڀائر ڊڄي رهيا هئا جڏهن اهي ٻيهر مصر ڏانهن وڃي رهيا هئا۔

۽ پوءِ؟ ايندڙ ڊرامي ۾ توهان کي خبر پوندي تہ ڇا ٿيو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ماڻهون، فرعون، يوسف، ڀاءُ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 07:00 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)