STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 029 (Behind closed doors)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

92. بند دروازن پويان


شاگرد: ”يوحنا، دروازي کي تالو لڳائي ڇڏ۔ مون کي انهن تي اعتبار ناهي۔ پيهرين انهن يسوع کي قتل ڪيو هاڻي اسان جي پويان بہ ايندا۔“ (دروازو بند ڪرڻ جي آواز)

مايوس دل سان يسوع جا شاگرد بند دروازن جي پويان ويٺا هئا۔ ڇا انهن کي خبر نہ هئي تہ يسوع جيئرو اٿيو آهي؟ جڏهن تہ مريم ان سان ڳالهہ ڪئي هئي۔

(دروازي تي دستڪ)

پيهريون اِمائوس جي رستي جو شاگرد: ”اسان اچي ويا آهيون!“

ٻيو اِمائوس جي رستي جو شاگرد: ”کوليو!“

شاگرد: ”ڪِليُپاس، توهان پيهرين ئي گھر واپس ڇو نہ آيا؟“

پيهريون اِمائوس جي رستي جو شاگرد: ”اسان يسوع سان ڳالهہ ڪئي! هو جيئرو آهي!“

شاگرد: ”توهان ان کي ڪٿي ڏٺو؟ سڀ ڪجھہ ٻڌايو!“

ٻيو اِمائوس جي رستي جو شاگرد: ”پيهرين تہ اسان ان کي بالڪل بہ نہ سڃاتو۔“

پيهريون اِمائوس جي رستي جو شاگرد: ”هي سڀ ڪجھہ ائين ٿيو تہ: اسين هلندي هلندي ڳالهہ پي ڪئي۔ اوچتو هڪ ماڻهو آيو ۽ اسان سان گڏ هلڻ لڳو ۽ اسان جي ڳالهين ۾ شامل ٿي ويو۔“

پيهريون اِمائوس جي رستي جو شاگرد: ”هن اسان کان پڇيو تہ توهان ڪنهن جي باري ۾ ڳالهہ ڪريو پيا۔ مون چيو: ڇا صرف توهان اڪيلا آهيو جنهن کي اها بہ خبر نہ آهي تہ يروشلم ۾ ڇا ٿيو آهي، تہ يسوع کي صليب ڏني وئي؟ هن اسان کي بيان ڪيو تہ خدا تہ اڳ ۾ ئي اها اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي تہ اهو سڀ اهڙي طرح ٿيڻو آهي۔“

پيهريون اِمائوس جي رستي جو شاگرد: ”پڪ آهي تہ هن کي ڪلام جي سٺي ڄاڻ هئي۔ اسان ماٺ ٿي وياسين، وقت گذري ويو، ۽ جڏهن اسين شهر ۾ پهتاسين تہ اونداهہ ٿي ويو هو۔“

ٻيو اِمائوس جي رستي جو شاگرد: ”اسان هن کي شام جي ماني لاءِ اندر اچڻ جي دعوت ڏني۔ ۽ پوءِ ائين ٿيو: هن ٿورڙي ماني ورتي، دعا ڪئي، ماني جا ٻہ ٽڪر ڪيا ۽ اسان کي ڏنا۔ تڏهن اسان ان کي سڃاتو: يسوع! پر جڏهن اسان کي اها سمجھہ آئي تہ هو ڪير آهي، هو غائب ٿي ويو۔ اسان جي اکين جي سامهون- ۽ پوءِ هو اتي نہ هو۔“

پيهريون اِمائوس جي رستي جو شاگرد: ”اهو سچ آهي، بالڪل سچ آهي! اسان يسوع سان ڳالهہ ڪئي ۽ پوءِ اسان تيزي سان ڊوڙيا جيترو تيز اسان ڊوڙي سگھندا هئا تہ جئين توهان کي خبر ڏيون تہ هو جيئرو آهي۔“

جڏهن ماڻهن يسوع سان مليا، ته هو ان ڳالهہ کي رڳو پاڻ تائين نہ رکي سگھيا پر انهن ٻين کي بہ هن جي باري ۾ خبر ڏني۔ جڏهن اهي ٻہ ماڻهون ٻين کي ٻڌائي رهيا هئا تہ ڇا ٿيو، اوچتو يسوع اتي ئي ان ڪمري ۾ اچي موجود ٿيو۔ انهن کي پنهنجا هٿ ۽ پير ڏيکاريا۔

يسوع: ”توهان تي سلامتي هجي۔ هي آئون ئي آهيان۔“

ان کانپوءِ، شاگردن کي ڀروسو ٿي ويو۔ يسوع جي باري ۾ ٻڌڻ سٺي ڳالهہ آهي۔ يسوع سان ملڻ سان سڀ شڪ دور ٿي وڃن ٿا ۽ خوشي ملي ٿِي۔

اڳين ڍرامي ۾، ميلني ۽ سارہ اسان کي ٻڌائينديون تہ هو يسوع سان ڪيئن مليون۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، شاگرد، اِمائوس جي رستي جا 2 شاگرد، يسوع

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 08:55 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)