Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 076 (Three lies in one night)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

67. هڪ رات ۾ ٽي ڪوڙ


پطرس: ”نہ، هي سچ ناهي! مان ائين ڪڏهن بہ نہ ڪندس۔“

ڪڏهن ڪڏهن پطرس ڏيکاء جي لاءِ بہ اڳتي اچي ويندو هو، پر مون کي يقين آهي تہ هو اها ئي ڳالهہ ڪندو هو جيڪا هن جي سوچ هوندي هئي۔

پطرس: ”آءُ ائين ڪڏهن بہ نٿو ڪري سگھان۔“

ڇا توهان ڪڏهن ائين سوچيو آهي؟ پطرس کي پورو يقين هو، هن رات پيهرين جڏهن هو يسوع ۽ ٻين شاگردن سان گڏ وڃي رهيو هو۔ اوندهائي ۽ اداسي ڇائيجل هئي، جڏهن يسوع اوچتو هلندي هلندي بيهي رهيو ۽ انهن کي چيو۔

يسوع: ”اڄ ئي رات توهان سڀ مون سان ڌار ٿي ويندا ۽ منهنجو انڪار ڪندا۔“

پطرس: ”ڪڏهن بہ نہ، ڀلي ٻيا توکي ڇڏي ڏين پر آءُ ائين ڪڏهن بہ نٿو ڪري سگھان۔“

يسوع اسان جا دل ڄاڻي ٿو۔

يسوع: ”پطرس، مان توکي ڄاڻان ٿو۔ اڄ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ تو ٽي ڀيرا هي چوندين تہ تون مون کي نہ ٿو سڃاڻين۔“

پطرس: ”مالک يسوع، مان ائين ڪڏهن بہ نہ ڪندس؛ آءُ مري ويندس پر تنهنجو انڪار نہ ڪندس۔“

ٻين شاگردن بہ بلڪل اها ئي ڳالهہ ڪئي۔ پر يسوع چڱي طرح ڄاڻي ٿو۔

هن کان ڪجھہ ئي دير بعد جڏهن يسوع جا دشمن يسوع ٻڌي وٺي ويا تہ تڏهن هن جي سڀ شاگردن هن کي ڇڏي ڏنو۔ پطرس بہ ڊڄيل هو۔ پر هو تمام اڳتي تائين يسوع جو پيڇو ڪندو رهيو، ڇو تہ هو ڏسڻ چاهيندو هو تہ هو هن سان ڇا ڪرڻ وارا آهن۔

پطرس: ”هو هن کي ڪڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن؟ ڪٿي سردار ڪاهن جي محل ۾ تہ نہ؟ منهنجو ڇا ٿيندو؟ اهو ٺيڪ رهندو نہ تہ ڪو مون تي ڌيان ڏيندو ۽ نہ وري ڪو مون کي گرفتار ڪندو۔“

پطرس پنهنجي مالڪ جي دشمنن سان گڏ ويهي رهيو۔ ۽ انهن سان گڏ اڱڻ ۾ باهہ سيڪڻ لڳو۔ ڇا هن لاءِ اها جاءِ ٺيڪ هئي؟ يسوع جو دوست انهن ماڻهن سان گڏ جيڪي يسوع سان نفرت ڪندا هئا؟

پيهرين خادمہ: ”اڙي تون، تون مون کي ڄاتل سڃاتل لڳي رهيو آهين۔ ڇا تون بہ يسوع سان گڏ نہ هئين؟“

پطرس: ”مان؟ توکي هي خيال ڪٿان آيو؟ مون کي خبر نہ آهي تہ تون هن بابت ڳالهہ ڇو ڪري رهي آهين؟“

ٻين خادمہ: ”ڏسو، هي بہ يسوع سان گڏ هو۔“

پطرس: ”هي سچ نہ آهي۔ مان تہ انهي ماڻهو کي سڃاڻان بہ نٿو۔“

خادم: ”هر ڪو ائين چئي سگھي ٿو۔ پڪ آهي تہ تون يسوع سان گڏ هئين۔ تنهنجي ڳالهين مان خبر پئجي رهي آهي۔“

پطرس: ”بند ڪريو هي فضول ڳالهيون۔ آءُ توکي ٻڌائي رهيو آهيان، مان يسوع کي نہ ٿو سڃاڻان۔“ (ڪڪڙ جي ٻانگ جي آواز)

حيرت سان پطرس هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو۔ انهي وقت يسوع کي وٺي وڃي رهيا هئا۔ جڏهن هو ڀرسان گذريو تہ هن پطرس کي ڏک سان ڏٺو۔ يسوع جو اهو ڏسڻ پطرس جي دل مان وڃي لڳو۔ ۽ پطرس کي ياد آيو تہ يسوع ڪجھہ ڪلاڪ اڳ ڇا چيو هو۔

پطرس يسوع سان بي وفائي ڪئي۔ ۽ هو تمام گھڻو شرمندہ هو۔ هو ٻاهر نڪتو ۽ زار زار روئڻ لڳو۔ ڇا هن کي اڃا بہ ان ڳالهہ جي خبر هئي تہ يسوع هن سڀ کانپوءِ بہ هن سان پيار ڪندو؟


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، يسوع، پطرس، ٻہ خادمون، خادم

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 08:58 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)