STORIES for CHILDREN by Sister Farida(www.wol-children.net) |
|
Home عربي |
Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 077 (The tomb is empty) This page in: -- Albanian -- Arabic -- Armenian -- Aymara -- Azeri -- Bengali -- Bulgarian -- Cebuano -- Chinese -- English -- Farsi -- French -- Fulfulde -- German -- Greek -- Guarani -- Hebrew -- Hindi -- Indonesian -- Italian -- Japanese -- Kazakh -- Korean -- Kyrgyz -- Macedonian -- Malagasy -- Malayalam? -- Platt (Low German) -- Portuguese -- Punjabi -- Quechua -- Romanian -- Russian -- Serbian -- SINDHI -- Slovene -- Spanish-AM -- Spanish-ES -- Swedish -- Swiss German? -- Tamil -- Turkish -- Ukrainian -- Urdu -- Uzbek
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو 77. قبر خالي آهييسوع جي دوستن هن جي لاش صليب تان لاهي هڪ نئين قبر ۾ رکي جيڪا ٽڪري کي کوٽي ٺاهي وئي هئي۔ ۽ پوءِ انهن هڪ وڏو پٿر ريڙهي ان قبر ۾ داخل ٿيڻ جو رستو بند ڪري ڇڏيو۔ (پس منظر ۾ ڪو عام گيت يا ساز لڳايو وڃي) ڇوڪرِي: ”يسوع کي صليب ڏني وئي، خدا هن کي سزا ڏني۔ تمام گھڻي ڏک ۾، شاگرد گڏجي هڪ گھر ۾ ويٺا ۽ سڀ ڪجھہ ياد ڪيو۔ ڪو بہ هي سمجھي نہ سگھيو تہ يسوع پنهنجي جان ڇو ڏني۔ پطرس کي وڌيڪ ڏک هو۔ هو تمام گھڻو شرمندہ هو تہ هن يسوع جو انڪار ڪيو ۽ ٽي ڀيرا ائين چيو تہ هو يسوع کي نٿو سڃاڻي۔ هو پنهنجي پاڻ کي معاف نہ پيو ڪري سگھي تہ هو ايترو بزدل ٿي ويو هو۔ هاڻي تمام دير ٿي چڪي هئي۔ ڇو تہ يسوع مري چڪو هو۔ (پس منظر ۾ ڪو عام گيت يا ساز لڳايو وڃي) ڇوڪرو: ”يسوع صليب تي جان ڏني، هن اسان جي ڪري پنهنجو رت وهائي ڇڏيو۔ اچانڪ جلدي سان دروازو کليو۔ مريم: ”هو زندہ آهي! يسوع زندہ آهي! هاڻي هو قبر ۾ نہ آهي۔“ ٻِي مريم: ”هڪ فرشتي اسان کي هي وڏي خوشخبري ڏني۔ پطرس، هن خاص ڪري اسان کي هي چيو تہ اسان توکي ضرور ٻڌايون۔ يسوع زندہ آهي۔“ پطرس: ”توکي چيو ويو تہ تون مون کي ٻڌائين تہ يسوع زندہ آهي؟“ پطرس پنهنجي پاڻ کي روڪي نہ رکي سگھيو۔ هو يوحنا سان گڏ ڊوڙي قبر ڏانهن ويو، جيترو تکو هو ڊوڙي سگھندو هو، هو ڊوڙيو۔ انهن اندر ڏٺو۔ يسوع جو بدن اُتي موجود نہ هو۔ انهن ڏٺو ۽ يقين ڪيو تہ يسوع مئلن مان جيئرو ٿيو آهي ۽ هاڻي ورِي زندہ آهي۔ هو جلدي سان واپس موٽيا ۽ ٻين کي بہ هي ڳالهہ ٻڌائي۔ (پس منظر ۾ ڪو عام گيت يا ساز لڳايو وڃي) ڇوڪرو ۽ ڇوڪرِي: ”يسوع قبر ۾ پيل هو، پر هو مريو نہ هو۔ توهان جي ۽ منهنجي لاءِ۔ شاگردن لاءِ ۽ پطرس لاءِ، هاريل ماڻهن لاءِ ۽ انهن لاءِ جن تمام گھڻا غلط ڪم ڪيا آهن۔ يسوع اسان جي جاءِ تي مريو ۽ وري جي اُٿيو۔ ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، مريم، ٻِي مريم، پطرس، ڇوڪرو، ڇوڪرِي ynamreG FEC :thgirypoC © |