Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 072 (Sensation on the sea)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

27. سمنڊ ۾ بيچيني


گليل جي ڍنڍ جي مٿان جو احساس!

پطرس: ”مان يسوع جي باري ۾ تمام گھڻو پرجوش آهيان۔ مون کي وڏي مشڪل سان هن تي يقين آيو۔ هن پنج مانين ۽ ٻن مڇين سان 0005 ماڻهن کي کاڌو کارايو، ۽ انهي سان گڏ سڀ عورتن ۽ ٻارن کي بہ۔ ۽ هر ڪنهن پيٽ ڀرڻ تائين کاڌو۔“

شاگرد: ”ڇا توهان ڏٺو تہ باقي ڪيترو کاڌو بچي ويو هو؟ جيترو کاڌو شروع ۾ هو اُن کان بہ وڌيڪ تہ بچي ويو هو۔“

پطرس: ”زبردست، هو ٿوري مان ڪيترو وڌيڪ ٺاهي سگھي ٿو۔“

يسوع، خدا جو پٽ، ڪمال آهي۔ هو ٿوري مان تمام گھڻو ٺاهي سگھي ٿو۔

ماڻهو هن معجزي کان متاثر هئا ۽ شام جو پنهنجي گھرن ڏانهن واپس هليا ويا۔ پوءِ يسوع شاگردن جي ڳالهہ ٻولهہ ۾ شامل ٿي ويو۔

يسوع: ”ٻيڙيءَ ۾ ويهو ۽ ٻي طرف هليا وڃو۔“

هو ٻيڙيءَ ۾ سوار نہ ٿيو، پر هڪ جبل تي دعا ڪرڻ لاءِ چڙهي ويو۔

شاگرد يسوع جي بغير ٻيڙيءَ ۾ رات جي وقت ڍنڍ پار ڪري رهيا هئا۔ اوچتو طوفان چڙهيو۔ مهاڙن بادبان هيٺ لاٿا۔ پيهرين ڇولي ٻيڙيءَ سان ٽڪرائجي وئي۔ ڪاش يسوع هن خراب حالت ۾ پاڻ سان گڏ هجي ها۔ هو ڊڄي ويا ۽ رڙيون ڪرڻ لڳا۔ پر ان کانپوءِ انهن جي حالت اڃا وڌيڪ خراب ٿي وئي۔

پطرس: ”هو اُتي، ڇا توکي نظر اچي رهيو آهي؟ هڪ ڀوت آهي!“

شاگرد: ”مان هي سڀ برداشت نٿو ڪري سگھان۔“

اڇي روپ ۾ ڪو پاڻيءَ تي هلندو پئي آيو ۽ سڌو انهن جي ٻيڙيءَ ڏانهن پئي آيو۔ شاگرد رڙيون ڪرڻ لڳا۔ پر هو ڪو ڀوت نہ هو۔

يسوع: ”حوصلو رکو، هي مان آهيان! ڊڄو نہ!“

شاگردن هن آواز کي سڃاتو۔ هي يسوع هو۔ پطرس پيهريون شخص هو جنهن ڳالهائڻ جي همت ڪئي۔

پطرس: ”خداوند يسوع، جيڪڏهن هي توهان آهيو تہ حڪم ڏيو تہ مان بہ پاڻيءَ تي هلي توهان ڏانهن اچان۔“

يسوع: ”اچي وڃ!“

ڪمال ٿي ويو! پطرس ٻيڙيءَ مان ٻاهر نڪتو ۽ هلي يسوع جي ڏانهن ويو۔ جيتري وقت تائين هن جي نظر يسوع ڏانهن هئي سڀ ڪجھہ ٺيڪ هو۔ پر جڏهن هن ڇولين ڏانهن ڏٺو هو ٻڏڻ لڳو۔

پطرس: ”خداوند، مون کي بچايو! منهنجي مدد ڪريو!

يسوع پنهنجو هٿ وڌايو ۽ پطرس کي جھليو ۽ هن کي بچايو۔

يسوع، خدا جو پٽ، بي مثال آهي- هو بچائيندو آهي!

يسوع: ”منهنجو يقين ڪريو۔ پنهنجو پورو دل مون کي ڏيو۔“

پطرس يسوع سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو۔ طوفان ختم ٿي ويو ۽ هوا بہ رڪجي وئي۔ هر ڪنهن يسوع اڳيان گوڏا کوڙيا ۽ ان عجيب خداوند اڳيان پنهنجو سر جھڪايو۔

پطرس: ”تون ئي خدا جو پٽ آهين!“

يسوع خدا جو پٽ بي مثال آهي۔ هن لاءِ ڪوبہ ڪم ناممڪن نہ آهي۔

هو توهان کي هي نہ ٿو چوي تہ توهان بہ پاڻيءَ تي هلو۔ پر هو هي ٿو چاهي تہ توهان هن سان گڏ هلو جتي بہ هجو۔ هر حالت ۾ هو توهان جي رهنمائي ۽ مدد ڪندو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، پطرس، شاگرد، يسوع

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 08:37 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)