Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 073 (Shock in the classroom 1)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

37. جماعت ۾ صدمو 1


ڇٽيون ختم ٿي چڪيون هيون۔ تمام ڏک جي ڳالهہ آهي! پر اسڪول جو هي سال ايترو بور ٿيڻ وارو نہ هو۔ اوڪ ٽري اسڪول جا شاگرد ننڍڙن گروپن ۾ بيٺا هئا۔ انهن جا ڪپڙا ٿورو پراڻي انداز جا هئا، پر انهن ڏينهن ۾ ائين ئي هوندو هو۔ اهي ٻٽاڪ هڻڻ ۾ تمام گھڻا تيز هئا۔ خاص ڪري جم۔ جيڪو بہ هو چوندو هو باقي ائين ئي ڪندا هئا۔

جم: ”ٻُڌو! جڏهن نئون استاد اچي ۽ ڏاڍو سٺو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري تہ سمجھي وٺجو تہ هو ڪجھہ ڏينهن جو مهمان هوندو ۽ کيس جلد ئي وڃڻو پوندو۔ پاڻ پيهرين بہ ٽي استادن ڀڄائي چڪا آهيون ۽ هن کي بہ وڌيڪ ڏينهن ٽڪڻ نہ ڏينداسين۔“

اسڪول جي پيهرين شاگردياڻي: ”اسان کي ڪوبہ قابو نٿو ڪري سگھي، جڏهن تہ اسين ايترا تہ فرمانبردار آهيون ۽ سکڻ جي سِڪ رکون ٿا۔“ (هر ڪو ٽهڪ ڏئي ٿو ۽ کلي ٿو)

اسڪول جي ٻي شاگردياڻي: ”هي اچي چڪو آهي۔ جلدي، ڪلاس ۾ هلو!“

اسڪول جي پيهرين شاگردياڻي: ”هي اسان جي اسڪول ۾ ڪٿان لٿو آهي؟“

اسڪول جي ٻي شاگردياڻي: ”پرنسپل چيو آهي خدا هن کي هتي موڪليو آهي۔“

جم: ”۽ اسان ان جو اهڙو حال ڪنداسين جو هو هتي کان وڃڻ چاهيندو۔“ (هر ڪو کلي ٿو)

(اسڪول جي گھنٽيءَ جي آواز)

اسڪول جي گھنٽي وڳي۔ جم ۽ ان جا دوست پوئين قطار ۾ ويٺا۔ تجسس سان اهي ان انتظار ۾ هئا تہ اڳتي ڇا ٿيندو۔ استاد ڪلاس ۾ آيو۔ هن ڪلاس ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ۽ هن کي سٺو لڳو۔

استاد: ”صبح بخير ٻارو۔ هن سال پاڻ هڪٻئي سان ملي جلي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا۔ جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا تہ اسڪول جو هي سال سٺو گزري تہ پوءِ اسان کي اڄ کان ئي سٺي شروعات ڪرڻي پوندي۔ مهرباني ڪري سڀ اُٿي بيهو۔ پاڻ دعا ڪرڻ لڳا آهيون۔“

دعا؟ شاگرد تہ خاموش ٿي ويا۔ جم ايترو تہ حيران هو جو هو پنهنجي پاڻ اٿي بيٺو ۽ دعا لاءِ پنهنجا هٿ ٻڌا۔

استاد: ”مالک يسوع، اسان جي مدد ڪر تہ اسين گڏجي ڪم ڪريون ۽ هن سال اڳتي وڌي سگھون۔ هر شاگرد لاءِ توهان جو شڪر ڪريان ٿو۔ ۽ آءُ دعا ڪريان ٿو تہ هرڪو توهان کي ڄاڻي سگھي ڇاڪاڻ تہ تون هر هڪ سان پيار ڪرين ٿو۔ آمين۔“

شاگردن کي هي سمجھہ ۾ نہ آيو تہ ان جو ڇا مطلب آهي۔ پر ان جي دعا سڀني جي دلين ۾ داخل ٿي وئي۔ استاد هي چاهيو پئي تہ اهي يسوع کي ڄاڻن ڇاڪاڻ تہ يسوع انهن سان پيار ڪري ٿو۔ انهن هن کان اڳ اهڙي ڪا ڳالهہ نہ ٻڌي هئي۔ انهن وٽ هن جي باري ۾ سوچڻ لاءِ گھڻو وقت ئي نہ هو۔ اهي وڏي مشڪل سان پيهرين جھٽڪي مان ٻاهر نڪتا، ۽ پوءِ ٻيو جھٽڪو لڳو۔

مان ايندڙ ڊرامي ۾ اوهان کي ٻڌائيندس تہ پوءِ اڳتي ڇا ٿيو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، جم، اسڪول جيون ٻہ شاگردياڻيون، استاد

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 08:43 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)