STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 146 (Speaking stones 1)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

641. ڳالهائيندڙ پٿر 1


ڇا توهان ڪا شي گڏ ڪندا آهيو؟ ٽڪيٽ، سڪا؟ جيڪ جي الماريون پٿرن سان ڀريل هيون۔

اينڊريا: ”واهہ! اهي سڀ توهان کي ڪٿي مليا؟“

جيڪ: ”هي مون کي جبل جي سير دوران مليو هو۔ ۽ هي برلن جي ديوار جو هڪ ٽڪرو آهي۔ منهنجي مامي هيءَ مصر جي بادشاهن جي واديءَ مان آندو هو۔“

اينڊريا: ”هر هڪ مختلف آهي، انهن جون شڪليون، انهن جا رنگ۔“

جيڪ: ”انهن مان ڪافي پٿر مون کي ڪيترن ئي واقعن جي ياد ڏيارين ٿا۔“

ڇا توهان ڄاڻو ٿا ابراهيم بہ پٿر کوڙيو هو؟ پنهنجي الماريءَ ۾ نہ، اهي تمام وڏا هئا۔ هو 0004 سال اڳ هن ڌرتيءَ تي رهندو هو ۽ پنهنجي ياد رکڻ لاءِ پٿر گڏ ڪندو هو ۽ انهن کي خاص جڳهين تي کوڙيندو هو۔

اينڊريا: ”ڇو ڀلا؟“

اهو سڀ تڏهن شروع ٿيو جڏهن خدا ان سان ڳالهہ ڪئي۔

خدا جي آواز: ”ابراهيم! پنهنجي گھر ۽ پنهنجن مائٽن کي ڇڏي، ان ملڪ ڏانهن وڃ جيڪا مان توکي ڏيکاريندس۔“

ابراهيم خدا کي نہ ڏٺو هو، پر هن خدا جي آواز بلڪل چٽِي ٻڌِي هئي ۽ هو ڄاڻندو هو تہ کيس ڇا ڪرڻو آهي: سڀ شيون ڇڏڻيون هيون۔ خدا انسان کان ائين ڪرڻ لاءِ چوي ٿو جڏهن هو هن کي ڪجھہ بهتر ڏيڻ وارو هجي۔

خدا جي آواز: ”مان توکي هڪ نئون ملڪ ڏيکاريندس ۽ تو مان هڪ عظيم قوم ٺهندي۔ مان توکي برڪت ڏيندس ۽ تنهنجو نالو تمام وڏو ٿيندو۔“

اصل ۾ ابراهيم کي اهو معلوم نہ هو تہ رستو هن کي ڪٿي وٺي ويندو، ۽ هن جي زال پنهنجي وطن کي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ هن خدا تي يقين رکيو، هو وفادار خدا هو۔

هڪ ڊگھي سفر کانپوءِ، ابراهيم هڪ ملڪ ۾ پهتو جيڪو اڄ اسرائيل سڏجي ٿو۔

ڇا هن سوچيو هوندو تہ خدا هن مان هڪ وڏي قوم ٺاهيندو، اهڙي قوم جنهن مان يسوع، اسان جو نجات ڏيندڙ، ڪيترن سالن کان پوءِ اچي سگھندو؟

ان ٻئي ملڪ ۾، ابراهيم ٻيهر خدا جو آواز ٻڌو۔

خدا جي آواز: ”مان هي زمين تنهنجي نسل کي ڏيندس۔“

هاڻي ابراهيم کي مڪمل يقين هو۔ اهو صحيح رستو هو۔ هو پنهنجي رستي تي هلي رهيو هو۔

هن جيڪو ڪم پهرين ڪيو هِي اِها هو تہ هن هڪ مذبح ٺهرايو۔ هن اتي هڪ پٿر کوڙيو جيڪا هن کي خدا جي ياد ۽ هن جي وعدن جي ياد ڏياريندو هو۔

ان کان پوءِ بہ هن ڏکڻ ۾ هڪ پٿر يادگار طور کوڙيو۔

توهان جو پٿر گڏ ڪرڻ بابت ڇا خيال آهي؟ هڪ پٿر انهي لاءِ تہ هو توهان کي خدا جي ياد ڏياري۔ مثال طور، جڏهن خدا توهان جي دعا جو جواب ڏنو هجي يا جڏهن توهان جي حفاظت ڪئي هجي تہ توهان بہ پنهنجي الماري ۾ پٿر رکو۔ اهي پٿر توهان کي خدا جي ياد ڏياريندا ۽ توهان جي حوصلا افزائي ڪندا رهندا تہ توهان ان تي يقين رکندا رهو ۽ ان لاءِ زندگي گذاريندا رهو۔

انهي کان پوءِ ڇا ٿيو هي اڳين ڊارمي ۾ ٻڌايو ويندو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، اينڊريا، جيڪ، خدا جي آواز

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on April 01, 2025, at 09:48 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)