STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 123 (The runaway)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

321. ڀڄي وڃڻ


هو ننڍڙي رستي تي ڊوڙيو، پٿرن سان ٽڪر کاڌِي ۽ هن جي ٽنگن تي ڪنڊن سان زخم لڳا۔

اُنيسمس (هلڪي آواز ۾ ڳالهائيندي): ”مون کي دُور ڀڄڻو پوندو۔ مان تنگ ٿي ويو آهيان۔ مون جي هر روز ڪم ڪرڻ جي ڪا مرضِي نہ آهي۔ مان هڪ نئين زندگي شروع ڪرڻ وارو آهيان۔ پري، تمام پري۔ پر مون کي ڌيان رکڻو پوندو تہ مان پڪڙجي نہ وڃان۔“

جيڪي غلام ڀڄِي ويندا هئا انهن کي تمام گھڻي سزا ملندي هئي۔ ڪڏهن تہ انهن جي جسم تي گرم لوهہ سان نشان ٺاهيو ويندو هو، يا تہ انهن کي جھنگلي جانورن جو کاڌو ٿئڻو پوندو هو۔ انهيءَ خيال اُنيسمس کي وڌيڪ تيز ڊوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔

هن جي نالي جو مطلب هو ’فائدي وارو‘۔ ڇا هي نالو ڪنهن ٻئي شخص جو ٿي سگھي ٿو جيڪو چوري ڪري ڀڄي وڃي؟ هن هڪ نئين ملڪ ۾ هڪ نئين زندگي جو خواب ڏٺو هو۔ هو وڃي روم ۾ لِڪڻ چاهيندو هو۔ پر ڪنهن سوچيو هو تہ هن عظيم شهر ۾ اُنيسمس سڀني ماڻهن کي ڇڏي ڀڄي وڃي پنهنجي استاد جي مالڪ وٽ ويندو؟

پولس: ”ٺيڪ، ٺيڪ، تون ڀڄِي آيو آهين۔“

اُنيسمس: ”مان پنهنجي زندگي ۾ ڪجھہ ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ مان رڳو غلام رهڻ نٿو چاهيان۔“

پولس: ”۽؟ ڇا تون پنهنجي نئين زندگي سان خوش آهين؟“

اُنيسمس: ”اصل ۾، مون سوچيو هو هي ڪافي مختلف هوندي۔ ڪاش مان نہ ڀڄان ها۔ ۽ پوءِ پيسن جو بہ مسئلو آهي۔۔۔۔۔۔۔ منهنجي خيال ۾ منهنجو حال ايترو بُرو نہ هو۔“

پولس: ”اُنيسمس، تون نئين زندگي جي ڳولا ڪئي پر جڳهہ غلط چونڊي۔“

اتي روم ۾ اُنيسمس کي سمجھہ ۾ اچي وئي تہ ڪو بہ شخص پنهنجي لاءِ نئين زندگي رڳي يسوع ۾ حاصل ڪري سگھي ٿو۔ ڇاڪاڻ تہ هو اسان جا گناهہ معاف ڪري ٿو ۽ اسان کي نئون بڻائي ٿو۔ ڇا توهان بہ ڪڏهن اها خواهش ڪئي آهي تہ توهان بہ نئين سري کان شروع ڪري سگھو؟ يسوع توهان کي نئين زندگي ڏيندو۔ هو سڀني کي ڏيندو جيڪي پنهنجي گناهہ قبول ڪن ٿا ۽ جيڪي هن تي ڀروسو ڪن ٿا۔

اُنيسمس هي نئين زندگي حاصل ڪري ورتي۔ پر هن کان پوءِ اڳيون قدم ڇا هو؟

پولس: ”سڀ کان بهتر هي آهي تہ فليمون وٽ واپس وڃ، پنهنجي مالڪ وٽ۔“

اُنيسمس: ”واپس اتي؟“

پولس: ”فڪر نہ ڪر۔ مان توهان لاءِ هڪ خط لکندس هن کي ڏيڻ لاءِ۔ هو منهنجو دوست آهي۔ هو يسوع سان محبت ڪري ٿو ۽ هو خوشي سان توهان کي پاڻ وٽ رکندو۔“

۽ وڏي اطمينان سان اُنيسمس واپس هليو ويو۔

فليمون: ”تون واپس آيو۔ اسان تو کي هر جاءِ تي ڳوليو۔“

اُنيسمس: ”مان توهان لاءِ هي خط وٺِي آيو آهيان۔“

فليمون: ”پيارا فليمون، مان اُنيسمس کي واپس موڪلي رهيو آهيان۔ هن يسوع سان گڏ پنهنجي نئين زندگي جو آغاز ڪيو آهي۔ جيڪڏهن هن ڪنهن بہ طرح سان توهان کي ڪو نقصان پهچايو آهي تہ مان هن جي قيمت توهان کي ادا ڪندس ۽ سڀ ڪجھہ ٻيهر ٺيڪ ڪري ڇڏيندس۔“

اُنيسمس کي وڏي خوشي سان واپس قبول ڪيو ويو ۽ هو فليمون سان خوشي سان رهيو۔ يسوع جي وسيلي سان هن کي پراڻي جڳهہ تي ئي نئين زندگي ملي وئي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، اُنيسمس، پولس، فليمون

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 31, 2025, at 10:06 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)