Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 133 (School of life 1)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
331. زندگيءَ جو اسڪول 1
شاگرديءِ واري زماني ۾ اوھان کي ڀليڪار۔
ڇوڪرِي: ”اسان سان گڏ اچو اوھان کي سٺو لڳندو۔“
(گلي جي شور جي آواز: ٽائرن جي رگڙ جي آواز، گاڏين جو شور، سائيڪلن جي گھنٽين جو آواز۔۔۔۔۔۔۔)
ڇوڪرو ۽ ڇوڪرِي هڪ ٻئي کان پوءِ: ”صحيح رستو چونڊيو، هتي گاڏي بيهارڻ منع آهي، خطرناڪ موڙ، اڇو ۽ ڳاڙهو نشان، مان ڪٿي آھيان؟ مون کي ڪٿي وڃڻو آهي؟ روڪيو، آڪاھي: ترڪڻ واري برف۔“
ايترا سب اِشارا، ۽ تمام گھڻا مختلف قسم جا نشان۔ روڊ جي ڪناري ٽرئفڪ جا اِشارا ۽ نشان تمام ضروري آهن۔ هي اتي انهيءَ لاءِ موجود ناهن تہ توهان کي واپس موٽايو وڃي يا توهان جو سفر وڌايو وڃي، پر توهان جي حفاظت لاءِ آهن ۽ توهان کي منزل تائين پهچائڻ لاءِ آهن۔
بائبل ۾ بہ خدا ڪجھہ نشان رکيا آهن توهان جي زندگي جي سفر لاءِ۔ هو پنهنجن حڪمن جي ذريعي اسان جون مشڪلون وڌائڻ نٿو چاهي، پر اسان جي زندگين جي حفاظت ڪرڻ چاهي ٿو۔ جيڪو بہ سندس حڪمن موجب هلي ٿو اهو پنهنجي منزل تائين پهچي ٿو۔
ڇوڪرِي: ”شاگرديءِ واري زماني ۾ اسان سان گڏ هلو۔“
ڇوڪرو: ”مون کي يقين آهي مان امتحان ۾ ڪامياب ٿي ويندس۔“
زندگي جو سفر تمام دلچسپ آهي۔
هن جا ٻہ رستا آهن، پر اسان انهن مان هڪ چونڊي سگھون ٿا۔ بائبل هڪ روڊ جي نقشي وانڳر آهي۔ هي اسان کي ٻڌائي ٿي تہ اسان ڪهڙي رستي تي هلي رهيا آهيون۔
پڙهڻ وارو: ”سوڙهو رستي ۾ داخل ٿيو۔ جيڪو رستو ويڪرو آهي اهو بربادي ڏانهن وٺي وڃي ٿو۔ گھڻا ماڻهو انهيءَ رستي تي وڃن ٿا۔ پر جيڪو رستو سوڙهو آهي اهو سڌو آهي هميشہ جي زندگي ڏانهن وٺي وڃي ٿو۔ تمام گھٽ ماڻهو اهڙ آهن جيڪي هن سوڙهي رستي کي چونڊين ٿا۔“
بائبل هڪ رستو ڏيکارڻ واري ٿنڀ وانڳر آهي۔ هي اسان کي ٻڌائي ٿي تہ خدا تائين پهچڻ جو هڪ ئي رستو آهي يسوع مسيح۔
پڙهڻ وارو: ”يسوع چوندو آهي: رستو، سچ ۽ زندگي مان آهيان؛ ڪو بہ مون کان سواءِ پيءُ وٽ نٿو اچي سگھي۔“ (يوحنا 41: 6)
جڏهن اسان جي زندگي جي سفر ۾ مشڪلاتون اچن ٿيون، جئين اسين ڪنهن اونداهي رستي تي هلي رهيا هجون ۽ اسان کي رستو نظر نہ اچي رهيو هجي، تہ اسان بائبل ۾ تلاش ڪري سگھون ٿا، ڇو تہ هي روشني وانڳر آهي، هڪ سٺي روشني وانڳر آهي۔ ۽ يسوع اسان جي شاگرديءِ واري زماني ۾ سڀ کان بهترين استاد آهي۔ هو توهان جي زندگي ۾ توهان سان گڏ هلڻ چاهي ٿو۔ ڀلي توهان ڪريل آهيو يا پري آهيو، يا ڪو حادثو ٿيو آهي، هو توهان سان گڏ رهندو ۽ توهان کي اڪيلو نہ ڇڏيندو۔ هي هن جو واعدو آهي۔
پڙهڻ وارو: ”مصيبت جي ڏينهن مون کان فرياد ڪر؛ مان توکي ڇڏائيندس ۽ تون منهنجي تمجيد ڪندين۔“ (زبور 05: 51)
مشڪل ۾ دعا سڀ کان پهرين ڪم ايندي آهي۔ آزمائي ڏسو! منهنجي دعا آهي توهان جو زندگي جو سفر سٺو گذري۔
بيهو، ايندڙ ڊرامي ۾ سفر جاري رهندو۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڇوڪرِي، ڇوڪرو، پڙهڻ وارو
ynamreG FEC :thgirypoC ©