STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 134 (STOP 2)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

431. روڪيو 2


ڇوڪرِي: ”زمانو شاگرديءِ وارو حصو پهريون۔ اڄ اسان روڪڻ جي نشاني کي ڏسنداسين!“

(ٽريفڪ جي آواز)

ڇوڪرو: ”ڇا هو چريو آهي؟ هو روڪڻ واري نشاني وٽان تمام تيزي سان گذري ويو۔“

ڇوڪرِي: ”ٿي سگھي ٿو هو جلدي ۾ هجي۔“

بائبل ۾ اسان هڪ شخص بابت پڙهون ٿا، جيڪو جلدي ۾ هو۔ ان جي باري ۾ ڪو بہ نہ ڄاڻندو هو۔ هر ڪو ان کان ڊڄندو هو۔ هو قتل جا ارادا رکندو هو۔ بيگناھہ ماڻهن تي ظلم ڪندو هو۔

سائول: ”اسان هر مسيحي کي ختم ڪنداسين۔ هر ان شخص کي جيڪو چوندو آهي تہ يسوع خدا جو پٽ آهي۔ اچو دمشق هلون۔“

هو عورتن ۽ مردن کي گرفتار ڪرڻ چاهيندو هو۔ سردار ڪاهن هن کي ائين ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي۔

(هلڻ جي آواز) سائول تيزي سان هلي رهيو هو۔ پر اوچتو هو روڪجي ويو۔ آسمان مان ان تي نور چمڪيو۔

يسوع: ”سائول! سائول! تون ڇو مون تي ايذاءَ رسان ٿيو آهين؟“

سائول: ”مالڪ، تون ڪير آهين؟“

يسوع: ”مان يسوع آهيان، جنهن کي تون ڏک ڏئي رهيو آهين۔ اٿي بيهہ۔ دمشق وڃ ۽ اتي توکي پتو پوندو تہ مان ڇا ٿو چاهيان تہ تون ڪرين۔“

سائول سان جيڪي ماڻهو هئا انهن بہ آواز ٻڌو پر انهن کي ڪجھہ نظر نہ آيو۔ جڏهن سائول بيٺو ٿيو، هو انڌو هو۔ هن جا ساٿي ان کي شهر ۾ وٺي ويا۔

يسوع سائول کي روڪيو۔ تڏهن هن محسوس ڪيو تہ هو غلط رستي تي هلي رهيو هو۔ هن سمجھيو تہ هو خدا تي ايمان رکي ٿو۔ پر هي سچ نہ هو! مسيح کان سواءِ اسان سڀ زندگي جي غلط رستن تي هلي رهيا هجون ها۔ اسان ان رستي تي هجون ها جيڪو آسمان ڏانهن نٿو وڃي۔ هي خطري وارو رستو آهي۔ انهيءَ ڪري يسوع سائول کي روڪيو ۽ ان سان گڏ ٻين کي بہ۔

ڇوڪرِي: ”مون ڪڏهن نور نہ ڏٺو آهي۔“

خدا جا روڪڻ جا اِشارا هر ڪنهن لاءِ مختلف ٿي سگھن ٿا۔

ڇوڪرو: ”هي ڪو حادثو ٿي سگھي ٿو يا ڪا بيماري، مثال طور۔ هي توهان لاءِ ڪيئن هو؟“

منهنجي لاءِ روڪڻ جي نشاني هڪ ڪلام هو۔ خدا اڪثر ماڻهن کي بہ روڪڻ جي نشاني بڻائي ٻين ماڻهن لاءِ استعمال ڪري ٿو۔

ڇوڪرِي: ”۽ پوءِ سائول سان ڇا ٿيو؟“

هن اقرار ڪيو تہ هو غلط رستي تي هلي رهيو هو ۽ پوءِ هن دعا ڪئي۔ ٽن ڏينهن کانپوءِ هڪ ماڻهو ان کي ملڻ آيو۔

حننياہ: ”منهنجا پيارا دوست سائول، مسيح خداوند مون کي تو وٽ موڪليو آهي تہ تون ٻيهر ڏسي سگھين۔ روح القدس سان ڀرجي وڃ، جيڪو سڄي زندگي لاءِ توکي طاقت ڏيندو۔“

انهي وقت سائول کي ٻيهر نظر اچڻ لڳو۔

ڇوڪرو: ”۽ پوءِ؟“

اهي مسيحي جن کي هو قتل ڪرڻ چاهيندو هو اهي هن جا سڀ کان بهترين دوست بڻجي ويا۔ ۽ هو ٻين تمام گھڻن ماڻهن کي يسوع وٽ وٺي آيو ۽ انهن کي بہ صحيح رستو ڏيکاريو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڇوڪرِي، ڇوڪرو، سائول، يسوع، حننياہ

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 31, 2025, at 03:28 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)