Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 104 (Pharaoh is obstinate 4)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
401. فرعون ضد ڪري ٿو 4
هارون: ”موسا، ڇا اهو تون ئي آهين؟ شالوم۔“
موسا: ”هارون، مون کي يقين نہ پيو اچي۔ اسان هڪ ٻئي کي 04 سالن کان نہ ڏٺو آهي۔“
ٻنهي ڀائرن هڪ ٻئي کي ڀاڪر پاتي۔ انهن جي خوشي تمام گھڻي هئي۔
خدا وٽ انهن جي لاءِ ڪم هو۔
موسا کي اسرائيلي ماڻهن جي رهنمائي ڪرڻي هئي تہ جيئن اهي مصري غلامي مان آزاد ٿي سگھن۔ ۽ ان جي ڀاءُ کي هن ڪم کي ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ جي مدد ڪرڻي هئي۔ انهن کي فرعون وٽ وڃڻو هو، ان خطرناڪ بادشاهہ وٽ۔ انهي ڪم لاءِ انهن کي تمام گھڻي همت جي ضرورت هئي۔
موسا: ”فرعون، خداوند اسرائيل جو خدا توکي ائين چوي ٿو: منهنجي ماڻهن کي وڃڻ ڏي۔“
فرعون: ”خداوند؟ اهو ڪير آهي؟ مان ان کي نہ ٿو ڄاڻان۔ ۽ منهنجو اهڙو ڪو ارادو ناهي تہ اسرائيلي ماڻهن کي وڃڻ ڏيان۔ هتي کان هليو وڃو!“
فرعون خدا جي ڳالهہ ٻڌڻ نہ پي چاهي۔
فرعون: ”سست ماڻهون! واپس پنهنجي ڪم تي وڃو۔ توهان کي سِرون ٺاهڻ لاءِ وڌيڪ ڀوهہ نہ ملندو۔ توهان پاڻ ڪٿان وٺي اچو۔ پر توهان کي سِرون تہ ايتريون ئي ٺاهڻيون پونديون جيتريون توهان پهرين ٺاهيندا هئا۔“
هي قبول ڪرڻ لائق نہ هو! هاڻي حالت پهرين کان بہ وڌيڪ خراب ٿي وئي هئي۔ اسرائيلي موسا سان وڙهڻ لڳا۔ موسا دعا ڪئي۔
موسا: ”خداوند، تو مون کي فرعون وٽ ڇو موڪليو؟ هاڻي اسان جي حالت ايتري خراب ٿي وئي آهي جو ان کان اڳ ڪڏهن بہ اهڙي نہ هئي۔ تو پنهنجي ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪجھہ بہ نہ ڪيو۔“
خدا چيو: ”تون جلد ڏسندين تہ مان فرعون سان ڇا ڪرڻ وارو آهيان۔ مان ان کي مجبور ڪندس تہ هو توهان کي وڃڻ ڏئي۔ مون جيڪو وعدو ڪيو آهي، مان ان کي پورو ڪندس۔ مان توهان کي آزاد ڪرائيندس۔“
خدا مصري ماڻهن تي تمام گھڻيون آفتون موڪليون۔
ڇوڪرو: ”هڪ دفع هن سڄو پاڻي رت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو۔ پر پوءِ بہ فرعون ان تي يقين نہ ڪيو۔“
ڇوڪرِي: ”ڇِي ڇِي، ۽ پوءِ سڄي علائقي ۾ ڏيڏر پکڙجي ويا۔ بلڪہ اهي تہ فرعون جي پلنگ تي بہ چڙي ويا هئا۔“
ڇوڪرو: ”۽ پوءِ هڪ خوفناڪ طوفان سموري فصل کي تباهہ ڪري ڇڏيو۔“
ڇوڪرِي: ”ٽي ڏينهن تائين مڪمل اوندهائي ٿي وئي هئي۔ پر انهن سڀني معجزن کانپوءِ بہ فرعون راضي نہ ٿيو۔ هو تمام ضدي آهي۔“
ڇوڪرو: ”اهو ڪيترو سٺو آهي تہ انهن آفتن اسرائيلي ماڻهن کي ڪو بہ نقصان نہ پهچايو۔“
پوءِ خدا سڀني آفتن مان سڀ کان خران آفت موڪلي۔
خدا چيو: ”فرعون ۽ مصر تي هاڻي هڪ ٻي آفت ايندي، ۽ پوءِ توهان آزاد ٿي ويندا۔“
موسا آخري دفعو فرعون وٽ ويو۔
موسا: ”اڄ رات خدا مصر جي سرزمين مان مٽندو ۽ هر خاندان جو پهريو ٻار مري ويندو۔ ايتري قدر جو تنهنجو پٽ بہ۔ پوءِ توهان کي خبر پئجي ويندي تہ اسرائيلي جئيري خدا جي خدمت ڪندا آهن۔“
ڇا فرعون کي هي خبر پئجي وئي؟ توهان کي ايندڙ ڊرامي ۾ هن بابت ڄاڻ ملندي۔
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، موسا، هارون، فرعون، خدا، ڇوڪرو، ڇوڪرِي
ynamreG FEC :thgirypoC ©