STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 068 (The showdown 1)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

86. مقابلو 1


ٻن اِسڪيمو ٿلها ڪپڙا پائي برف جي گاڏيءَ تي ويٺا۔ لگام ڦري وئي ۽ ڪتا برف جي ڄميل ٽڪري سان وڃي لڳا۔ اوچتو ڪولِي کي ڪُجھہ ٻڌڻ ۾ آيو۔

ڪُپا جادوگر بہ هي آواز ٻڌو: هڪ هلڪي جنڪار برف مان گذرندي ٻڌڻ ۾ آئي۔ سيٽي وڄي ۽ ڪتن ڊوڙڻ بند ڪري ڇڏيو۔ ٻِن اِسڪيمو پنهنجي نرم کل واري ٽوپيون لاهي ڇڏيون۔ هن ۾ ڪو شڪ نہ هو۔ تہ برف ڳائي رهي آهي۔ انهن کي اندر ئي اندر ڊپ محسوس ٿيو۔ ڇو تہ جڏهن برف ڳائيندي آهي، ان جو مطلب ٿيندو آهي تہ پاڻيءَ جي اندر ڇوليون اينديون۔ وڏيون ڇوليون جيڪي تمام طاقت سان اوچتو اچن ٿيون ۽ برف جي وڏن ٽڪرن کي بہ ٽوڙي ڇڏين ٿيون۔

(چابڪ هڻڻ جي آواز)

ڪولِي: ”هلندا رهو، توهان سٺا ڪتا آهيو، ڊوڙيو! تيز ڊوڙيو ڪناري ڏانهن۔ وڏيون ڇوليون اچي رهيون آهن۔ اسان مري وينداسين۔“

ڪُپا: ”ڪولِي، ڇا توکي اُها برف جي گاڏي نظر اچي رهي آهي؟“

ڪولِي: ”ڇا اُهي چريا آهن؟ اُهي ڇولين ڏانهن وڃي رهيا آهن۔“

ڪُپا: ”اسان کي انهن کي ٻڌاڻو پوندو۔“

پر جڏهن ٻہ برف واريون گاڏيون پاڻ ۾ مليون، ۽ ڪُپا ٻئي برف واري گاڏي ۾ مشنري ڏٺا جيڪي اِسڪيمو جي ڳوٺ جا هئا، تہ هن انهن کي نہ ٻڌايو۔ هو انهن کان نفرت ڪندو هو، انهن کان ۽ انهن جي يسوع کان، جنهن جي باري ۾ اُهي هميشہ ڳالهايندا رهندا هئا۔

ڪُپا ۽ ڪولِي محفوظ نائن جي ڪناري تي پهچي ويا۔

ڪُپا: ”سڀ ٺيڪ ٿي ويو۔“

ڪولِي: ”۽ اُهي ٻيا ماڻهو؟“

ڪُپا: ”انهن کي بس مري وڃڻ گھرجي۔ هاڻي انهن جو يسوع انهن کي ڏيکاري سگھي ٿو جيڪڏهن هو ڇولين کان بہ وڌيڪ طاقتور آهي۔ ها ها۔“

انهن ٻِن ماڻهن برف جو گھر ٺاهيو۔ ان کانپوءِ ڪُپا هڪ ننڍي دڪان ۾ سامونڊي جانور جي نرم کل کڻي ويو۔ ڇا اُتي مشنري جي انگريز زال آهي؟

ڪُپا: ”مان هي نرم کل اُن بندوق جي بدلي ۾ وڪڻڻ چاهيان ٿو جيڪا اُتي آهي۔“

عورت: ”مون کي ناهي خبر تہ اسان کي هن کل جي ضرورت آهي يا نہ۔ ڇا تون منهنجي مڙس جي واپس اچڻ تائين ٿورو انتظار ڪري سگھين ٿو؟“

ڪُپا: ”هو واپس نہ ايندو۔“

عورت: ”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“

ڪُپا: ”تمام وڏيون ڇوليون اچي رهيون آهن۔“

عورت: ”تمام وڏيون ڇوليون؟؟؟“

حيرانيءَ سان هوءَ عورت هن کي ڏسندي رهي۔ جادوگر دري کولي ۽ انهن ٻِنن هي ٻڌو۔ برف ڳائي رهي هئي۔

عورت: ”ڪُپا، تو هنن کي ٻڌايو ڇو نہ؟“

ڪُپا: ”مان ڇو ٻڌايان؟ هن جي يسوع ڪي هن جي مدد ڪرڻ گھرجي جيڪڏهن هو ڪري سگھي تہ۔“

هوءَ عورت تمام گھڻي پريشان ٿي وئي۔ پوءِ هن اها بائبل جي آيت ڏٺي جيڪا ڀت تي ٽنگيل هئي۔

يسوع چيو: آسمان ۽ زمين جو سمورو اختيار مون کي ڏنو ويو آهي۔

عورت: ”يسوع ڪري سگھي ٿو! هن ڪڏهن بہ ڪو مقابلو نہ هاريو آهي۔“

ڪُپا: ”مقابلو شروع ٿي چڪو آهي۔ جيڪڏهن هو وڏين ڇولين مان نڪري واپس اچي ويا تہ مان بہ يسوع تي يقين ڪري وٺندس۔“

عورت: ”ڪُپا، هو واپس ايندا۔ مون کي هي خبر آهي!“

هن عورت جي يقين جادوگر کي شڪ ۾ وجھي ڇڏيو۔ مقابلو ڪير کٽيندو؟ ڪُپا يا يسوع؟ توهان کي هن جو جواب ايندڙ ڊرامي ۾ ملندو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڪُپا، ڪولِي، عورت

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 29, 2025, at 08:10 AM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)