Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 050 (Attention danger of an avalanche)
!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما
05. خبردار، برف جي طوفان جي خطري بابت
سوئزرلينڊ جي جبلن ۾ هڪ ڇوڪرو پنهنجون رڍون چاري رهيو هو۔ هن کي گل ۽ برف جا چمڪندڙ ڊڳ پسند هئا۔ هڪ واٽاڙُو ڦرندو ڦرندو هڪ ننڍڙي جبل واري رستي تي اچي پهتو۔
واٽاڙُو: ”سلام، توهان جو نالو ڇا آهي؟“
هينري: ”سلام، مان هينري آهيان۔“
واٽاڙُو: ”ڇا توهان هتي بلڪل اڪيلا آهيو؟“
هينري: ”ها، منهنجون موڪلون آهن ۽ آئون پنهنجي پيءُ جيون رڍون چارڻ لاءِ هتي آيو آهيان۔“
واٽاڙُو: ”تہ پوءِ توهان ڌراڙ آهيو۔ ڇا توهان کي ڀلي ڌراڙ جي خبر آهي؟“
هينري: ”نہ، اهو ڪير آهي؟“
واٽاڙُو: ”خداوند يسوع۔ بائبل ۾ چيو ويو آهي تہ ماڻهو نافرمان رڍن جيان آهن جيڪي خوشي سان پنهنجي رستي تي هليا وڃن ٿا۔ ڀلو ڌراڙ اسان جي ڳولها ڪري ٿو۔ هو اسان کي رستو ڏيکارڻ چاهي ٿو ۽ اسان جو خيال رکڻ چاهي ٿو ۽ هڪ ڏينهن اسان کي آسمان تي وٺي ويندو۔“
هينري: ”ڇا هو مون کي اتي وٺي ويندو جڏهن مان مري ويندس؟“
واٽاڙُو: ”ها، توهان کي رڳو ان کي پنهنجو ڌراڙ ٿيڻ لاءِ چوڻو پوندو۔“
هينري: ”مان اڄ ئي هي ڪرڻ چاهيان ٿو۔“
هينري هڪ سادي دعا ڪئي۔ هي دعا سندس دل مان نڪتي۔ هو يسوع جو ٿيڻ چاهيندو هو۔
واٽاڙُ وڃڻ کان اڳ هينري کي چيو:
واٽاڙُو: ”هاڻي کان سدائين تائين تنهنجو تعلق سٺي ڌراڙ سان آهي۔ تون هي چئي سگھين ٿو: خداوند منهنجو ڌراڙ آهي۔ ڏس تون بائبل جي هي آيت چوڻ لاءِ پنهنجي آڱرين کي استعمال ڪري سگھين ٿو۔“
هينري آيت کي دوهرايو ۽ هر لفظ سان گڏ پنهنجي هڪ آڱر کي کاٻي هٿ تي رکيو۔ ۽ ان چوٿي آڱر کي زور سان رکيو ۽ چيائين:
هينري: ”خداوند منهنجو ڌراڙ آهي۔“
هن خوشي سان پنهنجي والدين کي ان ڳالهہ جي باري ۾ ٻڌايو۔ سندس موڪلون ختم ٿيون ۽ ان کي وري اسڪول وڃڻو هو۔
سيارو اچي ويو، ۽ سوئزرلينڊ جي جبلن ۾ سيارو تمام خطرناڪ بہ ٿي سگھي ٿو۔ اڪثر اتي برف جا ڊڳ ڍهڻ جو خطرو هوندو هو۔
هينري برف جي وڏن وڏن ڊڳن تان هلي رهيو هو۔ اوچتو ان کي گڙڙ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو۔ هو ڀڄڻ چاهيندو هو، پر گھڻي دير ٿي چڪي هئي۔ برف جي طوفان کيس گھيري ورتو ۽ برف جي وزني حصن کيس هيٺ دٻائي ڇڏيو۔
جڏهن رات ٿي وئي، هن جي والدين کي ان جي فڪر ٿي۔ انهن ڪيترائي ڪلاڪ هن جي ڳولها ڪئي۔ آخرڪار جڏهن هو انهن کي مليو، تہ انهن ڏٺو تہ هن پنهنجي کاٻي هٿ جي چوٿي آڱر زور سان دٻائي رکي آهي۔ جڏهن هينري مري رهيو هو ان وقت هو پنهنجي ڀلي ڌراڙ کي ياد ڪري رهيو هو۔
هن جا والدين تمام گھڻا ڏکي هئا۔ پر انهن کي هن ڳالهہ جي تسلي ٿي تہ هينري سان هڪ ڏينهن وري آسمان تي ملنداسون۔
ان ڏينهن جڏهن هو سدائين لاءِ ڀلي ڌراڙ سان گڏ هوندا۔
ڇا توهان بہ هي چئي سگھو ٿا: خداوند منهنجو ڌراڙ آهي؟
ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، واٽاڙُو، هينري
ynamreG FEC :thgirypoC ©