STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 051 (Two gifts)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

15. ٻہ تحفا


پيهريون دوست: ”ڇا توکي خبر آهي تہ اسان جي دوست جو حال ڪهڙو آهي؟“

ٻيو دوست: ”گھڻو خراب حال آ۔“

پيهريون دوست: ”هي تمام تڪليف وارِي ڳالهہ آهي تہ هڪ ئي جڳهہ تي پيل رهڻ ۽ ڪٿي گھمڻ ڦرڻ بہ نہ ڪرِي سگھڻ۔“

ٻيو دوست: ”ان جي باري ۾ سوچي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي۔“

پيهريون دوست: ”اسان کي کپي تہ اسان ان کي يسوع جي وٽ وٺي هلون۔ هو ڪفرنحوم ۾ آهي۔ هو ان کي چڱو ڪري سگھي ٿو۔“

اهي سچا دوست هئا۔ انهن پنهنجي منڊي دوست جو ساٿ نہ ڇڏيو۔ هو ان کي انهي جي کٽولي تي يسوع وٽ وٺي ويا۔ پر افسوس انهن کي پهچڻ ۾ دير ٿي وئي۔ يسوع جنهن گھر ۾ ڪلام ٻڌائي رهيو هو اهو اڳ ۾ ئي ماڻهن سان ڀرجي ويو هو۔ بلڪہ گھر جي دروازي تي بہ تمام گھڻائي ماڻهو جمع هئا۔ ان ڪري دروازي کان اندر وڃڻ ممڪن نہ هو۔ هر ڪو يسوع جون ڳالهيون ٻڌڻ چاهيندو هو۔ ڪو بہ خدا جي باري ۾ اهڙي تعليم نہ ڏئي سگھندو هو جھڙي يسوع ڏيندو هو۔

ٻيو دوست: ”مون وٽ هڪ طريقو آهي۔ ڇا تون اهي ڏاڪڻيون ڏسي سگھين ٿو جيڪي مٿي ڇت تي وڃي رهيون آهن؟“

پيهريون دوست: ”آئون سمجھي ويو آهيان تہ تون ڇا سوچين پيو۔ هل تہ ائين ئي ڪريون! اچ تہ هلون!“

اهي ڏاڪڻين جي رستي کان پنهنجي دوست کي وڏي ڌيان سان مٿي ڇت تائين وٺي ويا۔ ۽ پوءِ انهن مٽيءَ جي ڇت ۾ سوراخ ڪيو ۽ پنهنجي بيمار دوست کي انهي جي کٽولي تي خداوند يسوع جي سامهون هيٺ لاٿو۔ ڇا يسوع انهن جي مدد ڪندو؟

يسوع مٿي انهن دوستن جي ڏانهن ڏٺو۔ هن انهن جو ڀروسو ڏٺو، ۽ منڊي ماڻهو کي چيو:

يسوع: ”تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا۔“

يسوع ان کي معافي ڏني۔ ڪنهن کي بہ ان ڳالهہ جو اندازو نہ هو۔ ڪجھہ ماڻهن سوچيو: هو گناهہ ڪيئن معاف ڪري سگھي ٿو؟ صرف خدا اسان کي معاف ڪري سگھي ٿو۔

ڇا اهي اڃا بہ نہ سمجھي سگھيا هئا تہ يسوع خدا جو پٽ آهي ۽ گناهہ معاف ڪري سگھي ٿو؟ يسوع ڄاڻي ورتو تہ اهي سڀ ڇا سوچي رهيا آهن۔

يسوع: ”توهان پنهنجن دلين ۾ ڇا سوچيو ٿا؟ ڇا چوڻ سولو آهي: ’تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا‘ يا ’اٿ، پنهنجو کٽولو کڻ، ۽ گھوم ڦر؟‘ توهان هينئر ئي ڏسندا تہ مان اهي ٻئي ڪم ڪري سگھان ٿو۔“

پوءِ يسوع منڊي ماڻهو کي چيو:

يسوع: ”مان توکي حڪم ٿو ڏيان: اٿ! پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ۔“

ڪو ٿورو بہ نہ چُريو۔ ۽ پوءِ منڊو ماڻهو هلڻ شروع ٿي ويو! هو اُٿي بيٺو، پنهنجو کٽولو کنيائين، ۽ هلڻ شروع ڪيو۔

يسوع ان کي چڱو ڪري ڇڏيو هو۔ هر ڪنهن ان ڳالهہ جي لاءِ خدا جي تعريف ڪئي۔ هو حيران ٿِي چوڻ لڳا:

ماڻهو: ”اسان هن کان اڳ اهڙو ڪجھہ بہ ڪڏهن نہ ڏٺو هو!“

هڪ ماڻهو تمام گھڻي برڪت حاصل ڪري گھر ويو۔ اهي ڪهڙا ٻہ تحفا هئا جيڪي يسوع منڊي ماڻهو کي ڏنا هئا؟ اسان کي لکي موڪليو ۽ اسان توهان کي جواب ڏينداسين۔

۽ هميشہ ياد رکو: يسوع توهان کي برڪت ڏيڻ چاهي ٿو!


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ٻہ دوست، يسوع، ماڻهون

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 04:23 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)