Home
Links
Contact
About us
Impressum
Site Map


YouTube Links
App Download


WATERS OF LIFE
WoL AUDIO


عربي
Aymara
Azərbaycanca
Bahasa Indones.
বাংলা
Български
Cebuano
Deutsch
Ελληνικά
English
Español-AM
Español-ES
فارسی
Français
Fulfulde
Gjuha shqipe
Guarani
հայերեն
한국어
עברית
हिन्दी
Italiano
Қазақша
Кыргызча
Македонски
Malagasy
മലയാളം
日本語
O‘zbek
Plattdüütsch
Português
پن٘جابی
Quechua
Română
Русский
Schwyzerdütsch
Srpski/Српски
سِنڌِي‎
Slovenščina
Svenska
தமிழ்
Türkçe
Українська
اردو
中文

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 044 (The witch doctor rants 3)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

44. جادوگر ڊاڪٽر جانچ ڪري ٿو 3


طیفام: ”امان، برسات شروع ٿيڻ واري آهي۔“

ماءُ: ”اهو تہ سٺي ڳالهہ آهي، طیفام، ڇو تہ اها سڄي مٽي ڌوئي ڇڏيندي آهي۔“

طیفام: ”اسان وڪٽر کي نہ ڏٺو آهي۔ ڇا هو مري ويو آهي؟“

ماءُ: ”مون کي نٿو لڳي۔“

طیفام: ”پر بابا چيو هو تہ بدروحون هن کي ماري ڇڏينديون ڇو تہ هو هر وقت يسوع جي باري ۾ ڳالهائيندو آهي۔“

ماءُ: ”منهنجو يقين آهي تہ ان جو خدا طاقتور آهي۔ آہ، منهنجو پير۔“

طیفام جي ماءُ ترڪي پئي ۽ ان جو پير زخمي ٿي پيو۔ هاڻي هوءَ گھر واپس ڪيئن ويندي؟ تيز برسات ۾ هو مشنري جي گھر پهتيون ۽ دروازو کڙڪايو۔ ۽ ڪنهن کوليو؟ وڪٽر! هو زندہ هو۔

وڪٽر: ”اندر اچو۔ توهان باھہ جي ڀرسان ويهي پنهنجو پاڻ کي سڪائي سگھو ٿا۔“

جڏهن ان جي ماءُ جي پير جي جانچ ڪئي پي وئي، طیفام اوچتو ڳالهائي۔

طیفام: ”توهان مرڻ وارا آهيو۔ منهنجي بابا توهان تي لعنت ڪئي هئي تہ توهان مري وڃو۔ مون کي ڊپ لڳي رهيو آهي! اسان کي هتي نہ رهڻ گھرجي۔“

وڪٽر: ”توهان کي ڊڄڻ جي ڪا ضرورت ناهي۔ ڌاڳا ڦيڻا منهنجو ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھن ڇو تہ يسوع منهنجو مالڪ آهي ۽ هو منهنجي حفاظت ڪندو۔“

ماءُ: ”وڪٽر، مون بازار ۾ توهان جيون ڳالهيون ٻڌيون هيون۔ مون کي توهان جي ڳالهين تي يقين آهي ۽ تڏهن کان منهنجي دل ۾ سکون آهي۔“

ان ڳالهين جي ڪري ان جي ماءُ ٺيڪ ٿي وئي هئي، پر طیفام کي اڃا تائين پنهنجي پيءُ جو ڊپ هو۔ تہ جيڪڏهن منهنجي پيءُ کي انهي جي خبر پئي تہ۔۔۔۔۔۔۔ هو ٿڪجي پيون هيون جڏهن اهي گھر پهتيون۔ ۽ موسم وڌيڪ خراب ٿي ويو۔ طوفان آيو ۽ لگاتار برسات وسندي رهي۔ دريا جي ڪنارن کان پاڻي پلٽڻ لڳو، ۽ گليون ٻُڏي ويون، ۽ انهن ڏينهن ۾ ڪو بہ ٻاهر نہ نڪري سگھندو هو۔ (دروازي تي کٽ کٽ جو آواز)

طیفام: ”ڪير آهي؟“ (دروازو کلڻ جو آواز)

اورَسٽل: ”وڪٽر، تون هتي ڇو آيو آهين؟“

وڪٽر: ”جبلن تان پٿر ڪريا آهن۔ سخت خراب موسم جي ڪري پٿر ٽٽي پيا آهن۔ گھر کان نڪري وڃو نہ تہ توهان گپ ۾ دٻجي ويندا۔“

اورَسٽل: ”هي بيوقوفي آهي۔ اسان هتي رهنداسين۔ روحون اسان کي بچائي وٺنديون۔“

وڪٽر: ”اهي توهان جي مدد نہ ٿيون ڪري سگھن۔ صرف زندہ خدا مدد ڪري سگھي ٿو جيڪڏهن توهان صرف ان تي يقين ڪيو۔“

اورَسٽل: ”مان اهو ٻڌڻ نہ ٿو چاهيان۔ وڃ! منهنجي گھر مان نڪر۔“

وڃڻ کان اڳ وڪٽر اورَسٹل جي زال جي همت وڌائي۔

وڪٽر: ”اورَسٽل جي زال، توهان ڊپ نہ ڪريو۔ خدا توهان سان گڏ آهي۔“

وڪٽر اڃا گھر مان نڪتو ئي هو تہ اورَسٽل پنهنجو وڏو ڇرو هيٺ آندو ۽ گھر مان نڪري ويو۔

طیفام: ”نہ، بابا، ائين نہ ڪريو!“

هي ڪهاڻي ايندڙ ڊرامي ۾ جاري رهندي۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ماءُ، طيفام، وڪٽر، اورسٽل

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 28, 2025, at 03:43 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)