STORIES for CHILDREN by Sister Farida

(www.wol-children.net)

Search in "Sindhi":

Home -- Sindhi -- Perform a PLAY -- 130 (God is love)

Previous Piece -- Next Piece

!ڍراما- هنن کي ٻين ٻارن جي سامهون پڻ پيش ڪريو
ٻارن جي سامهون پيش ڪرڻ وارا ڍراما

031. خدا محبت آهي


ڇوڪري: ”ڪامي نو آئي ڪاشِي ڪوشِي۔“

ڇوڪرو: ”اِگو دا سلاوِت؛ بوگ اِست لجُو بو۔“

ڇوڪري: ”يسوع سيَوگيدَر، سيور بَيني۔“

پريشان نہ ٿيو، توهان بلڪل صحيح ٻڌي رهيا آهيو! اسان جي ننڍڙي لسانيات واري اسڪول ۾ توهان کي ڀليڪار چون ٿا۔ اسان سان گڏ اچو! ٽن منٽن ۾ توهان دنيا جو سڀ کان اهم جملو مختلف ٻولين ۾ سکي سگھو ٿا۔
۽ اهو سڀ کان اهم جملو ڇا آهي؟ مان خوشيءَ سان توهان کي ٻڌائيندس:

خُدا محبت آهي، ۽ هو توهان سان بہ محبت ڪري ٿو!

ذرا سوچي ڏسو! اهو عظيم، قادر مطلق خُدا، جنهن آسمان ۽ زمين کي ٺاهيو، هو توهان سان محبت ڪري ٿو!

توهان اهو ٻڌائي سگھو ٿا تہ هن ڇا ڪيو ڇو تہ هن پنهنجو اڪيلو پٽ زمين تي موڪليو، تہ جيئن هو توهان جي گناهن جي بدلي قربان ٿي سگھي۔

هن ائين انهي ڪري ڪيو تہ جيئن توهان جو هن سان رشتو قائم ٿي سگھي، زمين ۽ آسمان ٻنهي تي۔
خُدا جي محبت ايتري وڏي آهي۔ اها ڪڏهن ختم نٿي ٿئي۔
ان ڪري توهان چئي سگھو ٿا: خُدا محبت آهي، ۽ هو توهان سان بہ محبت ڪري ٿو۔

آفريڪا جي هڪ ٻوليءَ ۾، هي ڪجھہ هن طرح آهي:
هتالا سِنتا، تو توتو ڊومِني۔ هتالا سِنتا، تاوُ تين يانگ ڪونگ۔
گيت: ”هتالا سِنتا، تو، توتو ڊومِني۔۔۔۔۔۔“ (ويڊيو موجود آهي)

ڇا توهان دنيا جو سڀ کان اهم جملو جرمن ٻوليءَ ۾ بہ سکڻ چاهيو ٿا؟
”گاٽ اسٽِي ليوا، لسٽ مشيا لوزِي، گاٽ اسٽِي ليوا، ايليَ ٽاخمش۔“
گيت: گاٽ اسٽي ليوا۔۔۔۔۔۔۔ (ويڊيو موجود آهي)

اهو سچ آهي۔ بائبل اسان کي ٻڌائي ٿي:

”خُدا دنيا سان ايتري محبت رکي، جو هن پنهنجو اڪيلو پٽ بخشيو، تہ جيئن جيڪو ڪو هن تي ايمان آڻي، برباد نہ ٿئي پر هميشہ جي زندگي ماڻي۔“ (يوحنا 3: 61)

خُدا توهان سان تمام گھڻي محبت ڪري ٿو- اهو بلڪل سچ آهي! ۽ ان ڪري توهان پنهنجو نالو هن آيت ۾ شامل ڪري سگھو ٿا جيئن ٽومي ڪيو۔

ٽومي: ”خُدا ٽومي سان ايتري محبت رکي، جو هن پنهنجو اڪيلو پٽ بخشيو، تہ جيئن جيڪڏهن ٽومي هن تي ايمان آڻي، تہ ٽومي برباد نہ ٿئي پر هميشہ جي زندگي ماڻي۔“

خُدا هر ٻار سان محبت ڪري ٿو۔ ان سان ڪا فرق نٿو پوي تہ هو ڪهڙي ٻولي ڳالهائين ٿا يا انهن جو جو رنگ ڪهڙو آهي۔ ڇا توهان جا دوست ۽ ڪلاس جا ٻار اهو پهرين کان ڄاڻن ٿا؟ انهن کي ٻڌايو!
۽ انهن کي دعوت ڏيو تہ هو ننڍڙي لسانيات واري اسڪول کي ٻڌن۔

هاڻي توهان ترڪي جي ٻوليءَ ۾ هن جملو ٻڌي سگھو ٿا:
”اللّہ، سيَوگِديِر، ڪُرتاريڪيمدير، اللّہ سيَوگِديِر، سيَوگِديِر، سيور بَيني۔“
گيت: ”اللّہ، سيَوگِديِر، ڪُرتاريڪيمدير۔۔۔۔۔۔۔“ (ويڊيو موجود آهي)

ياد رکو تہ خُدا محبت آهي، ۽ هو توهان سان بہ محبت ڪري ٿو! ڇا توهان محبت جي خُدا بابت وڌيڪ ڄاڻڻ چاهيو ٿا؟ پوءِ مون کي لکيو۔


ماڻهون: بيان ڪرڻ واري، ڇوڪرِي، ڇوڪرو، ٽومي

ynamreG FEC :thgirypoC ©

www.WoL-Children.net

Page last modified on March 31, 2025, at 02:57 PM | powered by PmWiki (pmwiki-2.3.3)